Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_jj95td0f49ktmcktkqq1dt2o5n, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پيغمبر اسلام جي ميلاد جو ڏهاڙو ۽ مسلمانن جو فرض - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پيغمبر اسلام جي ميلاد جو ڏهاڙو ۽ مسلمانن جو فرض - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

پيغمبر اسلام جي ميلاد جو ڏهاڙو ۽ مسلمانن جو فرض

عيسوي سن 571 جي ربيع الاول مهيني ۾ عربستان جي حجاز واري علائقي جي شهر مڪي ۾ قريش قبيلي جي سردار عبدالمطلب جي مرحوم پٽ عبدالله جي گهر ۾ جنهن گوهر جنم ورتو هو، ان کي 15 صديون گذرڻ بعد به دنيا تاريخ جي سڀ کان وڏي انقلابي اڳواڻ طور ياد ڪري رهي آهي. ان هيري جي روشني پهرين مڪي ۽ پوءِ مديني جي شهرن کي روشن ڪيو ۽ اڄ اها روشني دنيا جي هر ڪنڊ کي روشن ڪري چڪي آهي. اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي اڄ ميلاد جو ڏهاڙو آهي جنهن کي سڄي دنيا جا مسلمان وڏي جوش جذبي سان ملهائي رهيا آهن. هي اهو ڏهاڙو آهي جڏهن دنيا جون سموريون اونداهيون ختم ٿي ويون ۽ اهڙو روشن سج اڀريو جيڪو هاڻ قيامت تائين ته ڇا پر حشر تائين نه لَهندو. هن سج تي ڪڏهن به شام نه اچڻي آهي، سندن پيغام جي روشني دنيا کي منور ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي.
نبي ڪريم جن سان محبت سمورن مسلمانن جي ايمان جو حصو آهي، يعني جيڪڏهن ڪنهن کي نبي آخر الزمان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان محبت نه آهي ته ان جو ايمان ئي قبول نه آهي. قرآن پاڪ کي نبي ڪريم جن جي حياتي جو نمونو قرار ڏنو ويو آهي. اڄ دنيا ۾ موجود هڪ ارب 90 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمان نبي ڪريم جن جي پيغام جي حقانيت جو ثبوت آهن. پاڻ سڳورن جي آندل پيغام کي اسلام سڏيو وڃي ٿو جنهن جي معنيٰ آهي ئي سلامتي ۽ امن. يعني اسلام امن جو دين آهي، امن کي اسلام جي تعليم کان پري نه ٿو ڪري سگهجي.
هن سال اسان ميلاد مصطفيٰ اهڙي وقت ملهائي رهيا آهيون جو يورپ جي ملڪ فرانس ۾، جنهن کي مهذب ملڪ سڏيو ويندو آهي، اسلام ۽ ان جي آخري پيغمبر خلاف نفرت واري مهم هلائي پئي وڃي. اڄ ڪلهه اهو فيشن بڻجي ويو آهي ته دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ٿيڻ بعد جيڪڏهن ان ۾ هڪ خاص مذهب جا پوئلڳ ملوث هجن ته جوابدارن بدران انهن جي مذهب کي نشانو بڻايو ويندو آهي. اهو مذهب اسلام آهي. حالانڪه دنيا شاهد آهي ته دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر به مسلمان ٿيا آهن، انهن جو فائدو به دنيا جي وڏين طاقتن کي ٿيو آهي پر پوءِ به دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ نشانو هڪ ئي مذهب کي بڻايو ويندو آهي. جڏهن به جنهن به ملڪ ۾ ڪو واقعو ٿيندو آهي ته ان جي سڀ کان پهرين مذمت به مسلمان ڪندا آهن. مسلمانن جا مذهبي اڳواڻ ان ڳالهه کان انڪار ڪندا رهيا آهن ته اهڙن واقعن جو مذهب ۽ ان جي تعليم سان ڪو به واسطو نه آهي، پر پوءِ به دنيا ان کي ايتري اهميت نه ڏيندي آهي، ان جو سبب سندن تعصب پرستي آهي. جڏهن ته مسلمانن جو موقف آهي ته دنيا کي اهي سبب پڻ ختم ڪرڻ گهرجن جيڪي دهشتگردي کي جنم ٿ ڏين ٿا. جيئن ڪجهه ڏينهن فرانس ۾ توهين وارا خاڪا شايع ڪرايا ويا ۽ ان عمل جي فرانس جي حڪومت مڪمل حمايت ڪئي. ان تي سڄي دنيا جا مسلمان رنجيده آهن پر فرينچ صدر ايمانوئل ميڪرون ان کي روڪڻ بدران پنهنجي ملڪ جي مسلمانن تي ئي ظلم ڪري رهيو آهي. دنيا ۾ نبي ڪريم جي توهين ڪرڻ جي نندا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڻ نه رڳو مسلمانن پر سمورن جهانن لاءِ رحمت آهن، سندن لقب ئي رحمت اللعامين آهي. ان ڪري عالمي برادري ان کي اظهار جي آزادي جو معاملو قرار ڏئي لڪڻ کان پاسو ڪري ۽ هڪٻئي جي مذهبي اڳواڻن جي احترام واري گڏيل جذبي تي عمل ڪري. جڏهن ته پاڪستان سميت سموريون اسلامي حڪومتون پڻ گڏجي هن معاملي تي خالي بيان بازي ڪرڻ بدران عملي قدم کڻن ۽ نبي ڪريم جي توقير جو تحفظ يقيني بڻائين. جڏهن ته مسلمانن کي به گهرجي ته هو نبي ڪريم جن جي تعليم تي پوريءَ طرح عمل ڪن ۽ دنيا کي امن جو گهر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين. اهڙي نموني ئي اسان پنهنجي نبي سان محبت جو عملي اظهار ڪري سگهون ٿا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *