تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

زرعي پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ آبادگار

سنڌ هن وقت زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ۾ آهي ،ٺل کان وٺي جوهي تائين انهي احتجاج ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿين ٿا،پنهنجا فصل ۽ ٻنيون ٻارا تباهه ٿيندي ڏسي هاري ڪوڏرن ۽ هرن مان هٿ ڪڍي احتجاجي بينر کڻي روڊن تي نڪري آيا آهن پر حڪمرانن کي ڪا پرواهه ئي ناهي جو انهن جي احتجاج تي ڌيان ڏين يا انهن جي دانهن ورنائين.پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ته هر شهر جو مسئلو آهي پر زرعي پاڻي جي کوٽ جو شڪار اهي علائقا آهن جيڪي پڇڙي وارا آهن يا جن علائقن ۾ وڏن زميندارن يا حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ ڪامورن ڪڙن جون زمينون ناهن،اتان جا آبادگار پنهنجا پوکيل ٻيجارا ۽ فصل پاڻي نه ملڻ ڪري سڙندا ڏسي احتجاج تي مجبور ٿيا آهن .
چوڻ ۾ ته پاڻي تي سڀ کان پهريون حق پڇڙي وارن جو مڃيو وڃي ٿو پر عملي طور ٿئي ان جي ابتڙ ٿو، سدائين منڍ وارا پاڻي پي وڃن ٿا،پوءِ اهو هڪ صوبي جو ٻئي صوبي سان معاملو هجي يا صوبي اندرهڪڙي بئراج جي منڍ ۽ پڇڙي واري آبادگارن جو معاملو هجي،سڪي توڙي ٻوڏ ۾ نقصان سدائين پڇڙي واري کي ئي ٿيندو آهي جنهن جو سبب پاڻي جي منصفاڻي توڙي قانون مطابق ورڇ ٿيڻ ناهي. منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ کانسواءِ غير قانوني پائيپن، ماڊولن ذريعي پاڻي جي چوري به معمول بڻيل آهي ،ڇو ته پاڻي جي اڪثر چوري ۾ منڍ وارن بااثر زميندارن کي سياسي پٺڀرائي هوندي آهي يا وري آبپاشي عملدارن جون مقرريون ئي انهن جي سفارش تي ٿينديون آهن جيئن انهن جي چوري کي ڪو روڪي نه سگهي .
هن وقت جڏهن سسٽم ۾ پاڻي جي ڪا کوٽ ناهي تڏهن پڇڙي جي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ انهي چوري ۽ بدانتظامي کي ظاهر ڪري رهي آهي .آڳاٽو خريف پهرين اپريل کان شروع ٿي 10 جون تائين ختم ٿئي ٿو ،هن سال آڳاٽي خريف جي انهي سيزن ۾ پاڻي جي کوٽ رڳو 4 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل سال 30 سيڪڙو تائين هئي ۽ 2018 ع ۾ 58 سيڪڙو هئي.مٿي ڊيمن خاص ڪري تربيلا ڊيم ڀريل هجڻ ۽ درياهه ۾ پاڻي هجڻ ڪري هن ڀيري سسٽم ۾ ڄڻ ته پاڻي جي کوٽ هئي ڪانه ،ته پوءِ سنڌ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سڌو سنئون پاڻي چوري ٿيڻ يا ان جي منصفاڻي ورڇ نه ٿيڻ ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي .هن وقت سنڌ جي پڇڙي خاص ڪري بدين ۽ لاڙ وارا علائقا ۽ دادو ضلعي جي پڇڙي وارو تعلقو جوهي سسٽم ۾ پاڻي موجود هجڻ باوجود پاڻي لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن.ڪجهه ڏينهن کان پوءِ باقي خريف جي پوکائي ٿيڻي آهي يا ڪجهه علائقن ۾ اها پوکائي شروع ٿي چڪي آهي پر پڇڙي وارن آبادگارن کي پاڻي نه ملڻ ڪري هر کان وٺي ٻج جا خرچ ئي ڳچي ۾ پئجي رهيا آهن .
هي معاملو رڳو حڪومت جي ڌيان ۽ آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ جو گهرجائو آهي.سنڌ جي پڇڙي جا آبادگار هونئن ته سدائين سورن ۾ هوندا آهن انهن جو ڪو گذر سفر ايڏو سولو نه هوندو آهي پر جيڪڏهن پاڻي چوري ۽ بدانتظامي سبب کين پنهنجي حصي جو پاڻي به پورو نه ملي ته ٻن ويلن جو گذر به مشڪل ٿي ويندو آهي،اڄ به ٺٽي کان وٺي بدين جي پڇڙي ۾ ڪيترائي ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍا ننڍا آبادگار پنهنجي ۽ خاندان جي گذر سفر لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن .
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت چاهي ته سدائين لاءِ زرعي پاڻي لاءِ احتجاج ڪندڙ پڇڙي وارن آبادگارن جو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي رڳو آبپاشي کاتي کي سياسي ماڻهن ۽ باثرن جي اثر کان پاڪ ڪيو وڃي.ڇو ته جيڪڏهن پاڻي جي ورڃ منصفاڻي بڻائي ويندي ته پڇڙي جي آبدگارن لاءِ احتجاج جي نوبت ئي نه ايندي کوٽ واري ڳالهه ته آبادگار برداشت ڪري سگهن ٿا پر پنهنجي حصي تي لڳندڙ ڌاڙي ۽ چوري تي هو ڪيئن ماٺ ڪري ويهندا جيڪا صورتحال ڪنهن به سياسي حڪومت لاءِ بهتر نتيجا نه ڏيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *