تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

پيٽ بچايو

ڪنهن اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل اداري جي ڪنهن اڻ ڇپيل ۽ اڻ تصديق ٿيل هڪ ريسرچ رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته ڌرتي جي گولي تي ڪٿي نه ڪٿي هڪ اهڙو انوکو ملڪ ضرور موجود آهي، جنهن جو نالو آهي “پيٽ”. جيئن پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ رهندڙ پاڻ سڀني کي پاڪستاني ڪوٺيو ٿو وڃي، بلڪل ايئن ئي، “پيٽ” ۾ رهندڙ ماڻهن کي سندن ملڪ جي نسبت سان “پيٽي” چيو ٿو وڃي. معلوم ٿيو آهي ته انهن کي پنهنجي ملڪ سان ڏاڍو پيار آهي. ايڏو پيار، ايڏو پيار، جو هو پنهنجي ملڪ جي خاطر هر وقت هر قرباني جي لاءِ تيار ٿا رهن. ڪرڻ وارا ته اها به دعوى ڪن ٿا ته پوري دنيا جا محب وطن هڪڙي پاسي، ۽ هڪڙي “پيٽ” جا باشندا هڪڙي پاسي! ان ڳالهه جا به چٽا امڪان آهن ته جيڪڏهن وقت آيو ۽ انهن کي “پيٽ” خاطر دنيا دوزخ ڪرڻي پئي ته به ڪري ڇڏيندا! بيشڪ، هنن ۾ ايڏو حوصلو، ايڏي همت موجود آهي! هنن جي زندگي جو مقصد هڪڙو ئي آهي ۽ اهو آهي “پيٽ بچايو”! هو پيٽ لاءِ جيئن ٿا، پيٽ لاءِ مرن ٿا ۽ پيٽ ۾ ئي دفن ٿي ٿا وڃن.
پنهنجي ملڪ ۾ ته، ماڻهو جي عزت ۽ عظمت سندس ڪم ۽ ڪردار جي بنياد تي ٿيندي آهي پر “پيٽ” جي پٽن تي ماڻهو جي سموري هستي مستي کي پيٽ جي پکيڙ ۽ وزن سان ماپيو توريو ويندو آهي. اتي عزت ۽ احترام جا دڪان چوويهه ڪلاڪ کليل آهن. وڃو، پنهنجو پيٽ ساهمي ۾ رکو، جيترو وزن ٿئي، ايتري عزت کڻو! عزت ۽ عظمت جا اهي دوڪان توڙي جو رات ڏينهن کليل ٿا رهن پر تنهن هوندي به ماڻهن جون قطارون ڪلوميٽرن تائين ڪونه ٿيون کٽن!
اتي بدنصيب آهن، اهي ماڻهو، جن جا پيٽ پاسراٽين ۾ پيل هوندا آهن. اتي ڪنگلن جي ڪا عزت ڪانهي ڪا. ايئن کڻي چئجي ته، ڪنگلن جو اتي ڄمڻ ئي گناهه آهي. جيئن پاڻ وٽ هتي وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي وينديون آهن، نه داد نه فرياد، ساڳي ئي طرح اتي به وڏا ماڻهن ننڍن کي هڪ ئي ڳيت سان ڳڙڪائي ويندا آهن ۽ اوڳرائي به نه ڏيندا آهن، نه پڇا نه ڳاڇا! جيئن ته اتي زندگي جون سموريون آسائشون هڪ عدد بيڊولي پيٽ سان ئي مشروط هونديون آهن سو انڪري اتي ڄمندڙ هر ماڻهو پنهنجي پيٽ جي ئي پٺيان هلندو آهي.
ماڻهو هڪ عدد مئي متاري پيٽ جي لاءِ هر وقت ڪجهه نه ڪجهه کائيندا ئي رهندا آهن. اتي جو عام توڙي خاص ڪم آهي ئي کائڻ ۽ کائيندو رهڻ. اتي هڪڙو ئي قانون آهي، “کائيندا ئي رهو، نه ته کائجي ويندئو!” بس پوءِ زنده رهڻ لاءِ هر ماڻهو هر وقت کائيندو ئي رهندو آهي. اهو به چون ٿا ته اتي رهندڙ پيٽ وڏن جي پٺ ۾ هڪ وڏو ٿوهو به ٿيندو آهي، جيئن پاڻ وٽ اٺن کي ٿيندو آهي. پر اٺ ته ان ۾ صرف پنهنجي لاءِ ۽ رڳو ٻن، ٽن ڏينهن تائين جو کاڌو رکي سگهندو آهي پر هو ان ۾ نه رڳو پنهنجي لاءِ پر پنهنجي پٽن، پوٽن توڙي پڙ پوٽن ۽ تڙ پوٽن لاءِ به مال گڏ ڪري رکي سگهندا آهن. پوءِ جيڪي بنهه وڏي پيٽ وارا آهن، تن کان ته باقي سڀ الله جي پناهه پيا گهرندا آهن. انهن جي وات کان بچڻ لاءِ باقي ماڻهو طرحين طرحين طريقا ڪندا آهن. ڪي سانجهي صبح مٿن گهور پيا ويندا آهن، ڪي آڌي مانجهي کين تيل مالش پيا ڪندا آهن ته ڪي وري رات ڏينهن پيا سندن بوٽ چٽيندا آهن. زندگي ڏاڍي پياري آهي. ڇا ڪجي!
اهو به پتو پيو آهي ته “پيٽ” ۾ رهندڙ انهن ماڻهن جو دين ايمان صرف کاڌو هوندو آهي. اهي کاڌي کي خدا ڪري پوڄيندا آهن ڇو جو پيٽ ئي ته سندن زندگي جو ضامن هوندو آهي. کاڌي جي حوالي سان هڪڙي خاص ڳالهه هي به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته، هو رڳو آلو، ٽماٽا يا کاڄا ڀڳڙا ڪونه ٿا کائين. هو هر شيءِ کائين ٿا. کاڌي جي معاملي ۾ اتي حرام حلال جو تصور ئي ڪونهي ڪو. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن پيار ۽ جنگ ۾ سڀڪجهه جائز آهي، ايئن هتي هو چوندا آهن ته کاڌي ۽ پيتي ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي. هو حلال حرام سڀ هڙپ ڪيو وڃن. ماڻهن جو ماس ئي پٽيو کائيو چٽ ڪريو ڇڏين. جيئرا ته جيئرا پر مردا به کوٽيو کائيو ڇڏين. نه رڳو جاندار پر هو بيجان شين کي به ڪونه بخشين. لوهه، ٽامون، تيل، گئس، پٿر، ٺڪر سڀ ڪجهه کائيو ٿا وڃن.
ڪنهن اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڏٺل اداري جي ڪنهن اڻ ڇپيل ۽ اڻ تصديق ٿيل ان ريسرچ رپورٽ مان جيڪا ڳڻتي واري ڳالهه سامهون آئي آهي سا هيءُ ته “پيٽ” جي انهن ياجوج ماجوج نما رهواسين، جن کي پاڻ پيٽي چئي سگهون ٿا، سي کڻي جو وڏا محب وطن آهن پر هاڻي اتي افرا تفري وڌندي ٿي وڃي ۽ ايندڙر وقت ۾ آر يا پار ٿيڻ جا آثار پيا ظاهر ٿين. ڏينهون ڏينهن کين اها ئي محب وطني مهانگي پوندي ٿي وڃي! ڇاڪاڻ جو مسلسل کائيندي کائيندي هاڻ انهن ملڪ ۾ بچايو ڪجهه ڪونهي! هنن ٻيلا کائي ناس ڪري ڇڏيا. اوهان کي حيرت ٿيندي ته ڪنهن زماني ۾ سمونڊ جو ڏيک ڏيندڙ اتي جي درياءَ ۾ به هاڻي واري پئي ٿي اڏامي. پيٽين سڄو پاڻي پي ڇڏيو! هنن وڏيون وڏيون عمارتون کائي چٽ ڪري ڇڏيون. ملڪ جا ادارا کائي ويا، ايوان ۽ اسيمبليون کائي ويا. روڊ رستا ته ڇا شهرن جا شهر ڳڙڪائي ويا! هو ماڻهن جون ٻوليون به کائي ويا. مائرن جون لوليون به ڪونه ڇڏيائون! اڄڪلهه هو زمين مان کوٽي ڪوئلو پيا ٿا کائين ۽ ڪي ٻه ٻيٽ آهن اتي، انهن تي پيا لامارا ڏين. پر رپورٽ مان اهو واضح محسوس ٿئي ٿو ته، هاڻي اهي انهن جا پويان پساهه آهن. ڇاڪاڻ جو هاڻي کائڻ جي لاءِ بچو ئي ڪجهه ڪونهي. ممڪن آهي يا ته ڀڄي ويندا يا نيٺ هڪٻئي کي کائي کپائي کپي ويندا. هو پيٽ لاءِ جيئن ٿا، پيٽ لاءِ مرن ٿا ۽ پيٽ ۾ ئي ته دفن ٿي ٿا وڃن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *