تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جي ماڻھن جا خدشا

پيپلزپارٽي کي جھڙي طرح اسٽيبليشمينٽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي اھڙي ويجھڙ جي تاريخ ۾ ٻي ڪا سياسي پارٽي نٿي ملي جيڪا پنھنجو وجود به برقرار رکي سگھي ھجي، جھڙي ريت پيپلزپارٽي ملڪ ۾ پنھنجو متحرڪ وجود قائم رکيو آھي، پيلزپارٽي جي ته ليڊرن کي ئي نه بخشيو ويو، ڀٽو کي ھڪ جعلي ڪيس ۾ ڦاسي تي چاڙھيو ويو، ڀٽي جي خاندان جي سڀني مردن کي ته قتل ڪيو ويو پر ڀٽو صاحب جي نياڻي بيظير ڀٽو کي به نه بخشيو ويو . ڪير ڪجھه به چوي پر سنڌ جي ماڻھن کي اھا خبر آھي بي بي کي ڪنھن قتل ڪيو ۽ ڇو قتل ڪيو ويو؟پيپلزپارٽي جي ليڊرن جي جاني قربانين جي ڪري سنڌ جي ماڻھن پي پي سان ھڪ غير مشروط محبت جو رشتو رکيو ۽ ھر دفعي گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي چونڊيو آھي. ٻين صوبن ۾ پي پي بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ ڪمزور آھي پر سنڌ ۾ پي پي جو ووٽ بينڪ وڌيو آھي، اھي سيٽون جيڪي ڀٽو ۽ بي بي جي دور ۾ پيپلزپارٽي نه کٽي سگھي آھي ھن وقت اھي سيٽون پيپلزپارٽي وٽ آھن، منھنجو اشارو سانگھڙ ضلعي جي صوبائي ۽ قومي سيٽون ڏانهن آھي، جيڪي پي پي کي ڪڏھن به نه ملنديون ھيون پر ھن وقت پي پي وٽ ٽي قومي اسيمبلي جون ۽ ٽي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون آھن.
ايڏي وڏي مينڊيٽ کان پوءِ ھاڻي سنڌ جي ماڻھن ۾ اھو احساس پئدا ٿي رھيو آھي ته پي پي سنڌ جي مينڊيٽ کي مان نه ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ جي ماڻھن جا خدشا وڌي رھيا آھن ۽ خاص ڪري ماڻھن جا ٽي وڏا خدشا آھن ھڪ ته سنڌ جا ماڻھو سمجھن ٿا ته سنڌ جا وسيلن تي پي پي جي حڪومت سودو ڪري رھي آھي. تازو مثال سنڌ جي ٻيٽن جو ڏيئي سگھجي ٿو ،جنھن لاءِ سنڌ حڪومت اين اوسي ڏني ۽ پوءِ جڏھن سنڌ جي ماڻھن احتجاج ڪيو ته پي پي پنھنجي اين او سي واپس ڪئي پر جنھن اين او سي ڏني ان خلاف ڪو قدم نه کنيو ويو پر پوءِ به عوام جو احتجاج ختم نه ٿيو ۽ پي پي قيادت کي نيٺ پنھنجي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي چوڻو پئجي ويو ته سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرايو، قرارداد ته پاس ٿي وئي آھي پر قانوني ماهر چون ٿا ته آرڊيننس کي سنڌ اسيمبلي جي ايڪٽ جي ذريعي ختم ڪري سگھجي ٿو، رڳو قرارداد سان ڪم نه ھلندو ۽ خبر ناھي پيپلزپارٽي اھڙو ڪو ايڪٽ آڻي پئي يا نه.؟ ٻيٽن بابت ڪجھه پي پي اڳواڻن جا بيان سمجھه کان ٻاھر آھن جيڪي پڻ خدشا پيدا ڪري رھيا آھن. ھڪ پي پي جي ليڊر جو چوڻ ھو ته ترقي ٿيڻ سان اوھان جي زمين قيمتي ٿي ويندي پر اھو جواب نه ڏنائين ته اھا ترقي سنڌ حڪومت ڇو نٿي ڪري؟ اھو ڇو ضروري آھي ترقي جي لاءِ ٻين صوبن جا ماڻھو اچي آباد ٿين ۽ سنڌ جي ڊيموگرافي کي خراب ڪن. توھان رڳو بحريه ٽائون جو مثال وٺو ته سنڌ حڪومت ڀڳڙن جي مٺ تي سنڌ جي قيمتي زمين وڪڻي ڇڏي آھي جنھن جو نوٽيس سپريم ڪورٽ ورتو ۽ ملڪ رياض تي 460 ارب رپيا ڏنڊ وڌائين . اھو حق پي پي کي ڪنھن ڏنو آھي ته سنڌ جي زمين سستي اگھه تي وڪڻن ۽ انتي ٻين صوبن جا ماڻھو ساڳي زمين اربن کربن ۾ کپائن ۽ اتي ڌارين کي به آباد ڪن. اھڙي ترقي کي سنڌ جا ماڻھو تسليم نٿا ڪن. اوھان جيڪڏهن سپر ھاءِ وي تي سير ڪندو ته اوھان کي ھڪ ايڪڙ زمين به خالي نه ملندي، سنڌ جي ماڻھن جو پوري سپر ھاءِ وي تي نالي ماتر به ڪو بزنس نظر نٿو اچي، آخر اھي سڀ زمينون حڪومت کپايون ھونديون جن جي ڄاڻ سنڌ جي ماڻھن کي ڇو نه ڏني وئي.سنڌ جي ماڻھن کي ٻيو خدشو آھي ته ٿر ۾ ترقي جي نالي تي غريب ۽ مظلوم ماڻھن جي زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن. ٿر ۾ ڪجھه ماڻھن کي نوڪريون ڏيئي ھڪ جڙتو نيريٽو ٺاھيو ويو آھي ته ٿر جي ترقي ڪئي ويندي پر ٿر جا ماڻھو انھي ترقي تي خوش نظر نٿا اچن ٿر جا ماڻھو مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن پر انھن جي ڪير نٿو ٻڌي. تازو ٿر جي ڪارونجھر جبل جي کوٽائي تي ماڻھن احتجاج شروع ڪري ڏنا آھن، جڏھن ته ڪارونجھر جي غيرقانوني ته کوٽائي اڳ ئي ھلي پئي پر ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته سنڌ حڪومت ڪارونجھر جي کوٽائي کي قانوني رنگ ڏيڻ جون تيارون ڪري رھي آھي. انھي قانوني حيثيت تي سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب رحيم چيو ته جيڪڏهن ڪارونجھر جي کوٽائي کي قانوني شڪل ڏني وڃي ته پوءِ ان تي عتراض نه ٿيڻ گھرجي. حقيقت ۾ ٿر جي سڀني وسيلن تي حق ته مقامي ٿر جي ماڻھن جو ھجڻ گھرجي پر ٿر جي سڀني قدرتي وسيلن تي يعني ڪوئلي، گرينائيٽ پٿر ۽ لوڻ جي کاڻين تي قبضو ڌارين جو آھي جتان اربين ۽ کربين رپيا ڪمايا پيا وڃن پر ٿر جي ماڻھن وٽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي به سھولت نه آھي.
ٽيون خدشو سنڌ جي ماڻھن کي اھو آھي ته پي پي پنجاب جي ٽوڙڻ تي ڪٿي سنڌ جي تقسيم جو فيصلو نه ڪري جيڪو منھنجي ذاتي خيال ۾ پي پي ايئن ڪڏھن به نه ڪندي پر سنڌ جي ماڻھن جي انھي خدشي کي سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي ماڻھن کي اھو خدشو آھي ته ڪراچي کي الڳ ڪيو ويندو جتي سنڌي ماڻھن جي آبادي گھٽ آھي ۽ منھجي خيال ۾ انھي خدشي کي پي پي ختم به ڪري سگھي ٿي جيئن ڀٽو دور ۾ سنڌي ماڻھن کي ڪراچي ۾ پلاٽ ڏنا ويا ۽ مرحوم عبدالله شاھه يعني بي نظير ڀٽو جي ٻئي دور ۾ به اھا ڪوشش ڪئي ھئي تنهن ڪري سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ذريعي ملندڙ 460 رپين مان ٻين شهرن مان ڪراچي جي پسگردائي ۾ آباد ڪرائي سگھي ٿي۽ اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ڪجھه سالن ۾ اھو ڪراچي جي کسجڻ وارو خطرو به ختم ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *