تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پي ڊي ايم جا جلسا ۽ پريشان حڪومت

مخالف ڌر جي پارٽين پاران حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ جوڙيل اتحاد “پي ڊي ايم” جي گجرانوالا ۾ ٿيل پهرين جلسي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڪنهن به ٽي وي چينل تقرير نشر نه ڪئي نه ئي ميان نواز شريف پاران تقرير ۾ ورتل نالن ۽ الزامن کي ڪنهن به ملڪي اخبار جيئن جو تيئن شايع ڪيو، ان ڪري ميان نواز شريف پاران پنهنجي سياسي زندگي جي ڪيل سخت ترين تقرير کي اهي ئي ماڻهو ٻڌي سگهيا هئا جيڪي سوشل ميڊيا تي سرگرم آهن پر ميان نواز شريف جي تقرير جو جيڪو حصو ملڪ جي اليڪٽرانڪ يا پرنٽ ميڊيا هلائڻ يا شايع ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي ان حصي کي وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس جي ڪنوينشن ۾ ڪيل تقرير دوران قوم کي ٽي وي ۽ اخبارن ذريعي پهچائي ڇڏيو آهي، نه رڳو ايترو پر مخالف ڌر جون پارٽيون سگهارين ڌرين مٿان چونڊن ۾ جيڪي مداخلت جا الزام لڳائي رهيون آهن وزيراعظم ڄڻ ته انهن الزامن جي به تصديق جهڙو بيان به ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جو نالو وٺي اهو انڪشاف ڪيو ته ن ليگ جي خواجه آصف چونڊن ڏينهن پولنگ بعد جنرل باجوا کي فون ڪري چيو “باجوا صاحب مان چونڊ هارائي رهيو آهيان تباهه ٿي ويندس، منهنجي مدد ڪيو” مون کي معلوم نه آهي ته وزيراعظم جي ان تقرير تي سگهارين قوتن جي راءِ ڇا آهي پر مان اوهان کي اهو ضرور ٻڌائي سگهان ٿو ته ملڪ جي اهڙي پارٽي جيڪا هن وقت نه مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد ۾ آهي نه حڪمران اتحاد ۾ شامل آهي، انهيءَ پارٽي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق سينيٽ ۾ بيهي چيو ته “مون کي گجرانوالا جي جلسي ۾ ڪيل نواز شريف ۽ ٽائيگر فورس جي ڪنوينشن ۾ ڪيل وزيراعظم عمران خان جي تقرير ۾ ڪو فرق نظر نه آيو. وزيراعظم جي تقرير ته سلطاني گواهه وانگر مخالف ڌر جي چونڊن ۾ مداخلت واري الزام جي تصديق هئي”.
وزيراعظم جي جنهن تقرير جو ذڪر ڪري رهيا آهيون ان تقرير جي شروع ڪرڻ سان ئي وزيراعظم ٽائيگر فورس کي مخاطب ٿيندي چيو ته “توهان منهنجي تقرير غور سان ٻڌندئو ته لطف اندوز ٿيندئو” ان تقرير ۾ لطف اندوز ڪرڻ جهڙا مامرا مخالفن جي اداڪارن وانگر نقل يا مذاق اڏائڻ ۽ ڏاڙهي تي هٿ گهمائي مخالف ڌر کي “توهان کي نه ڇڏيندس” واري ڌمڪي هئي، وزيراعظم اها تقرير ٻنهي ٻانهن جا ڪف کنجي ڪئي هئي جيڪو عمل تڪرار ۽ جهيڙي جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم تقرير ۾ ڄڻ ته مخالف ڌر خلاف اعلان جنگ ڪيو پر اهڙا اعلان به ڪيا جيڪي ان جي دائري ۾ نه ٿا اچن جن ۾ گرفتار پارليامينٽيرين کي اجلاس ۾ آڻڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر تي نه آڻڻ جو اعلان به هيو، اهو قانون تحت اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ توڙي صوبائي اسيمبلين جي اسپيڪرن جو اختيار آهي، اهي عهدا اهڙآ هوندا آهن جن کي نيوٽرل رکڻ لاءِ هر حڪومت اهڙي بيان بازي کان پاسو ڪندي رهي آهي.
وزيراعظم جي بيان جو مطلب ته اگر اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين گرفتار ميمبرن کي اجلاس ۾ آڻڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿا ڪن ته ان کي وزيراعظم جي هدايت تي عملدرآمد تصور ڪيو ويندو. اهو ئي سبب آهي ته هاڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ايوان ۾ گذريل ٻن سالن کان ماحول تمام مختلف آهي، اڪثر اجلاس مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ۽ نعرن جي گونج ۾ پڄاڻي تي پهچي رهيا آهن، جيڪڏهن اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس ايئن هلندا رهيا ته عوام جي مسئلن تي غور ۽ انهن جي حل لاءِ ڪيئن رستو نڪري سگهندو؟ ان سوال تي حڪومت کي ئي سوچڻ گهرجي ڇو ته ملڪ اندر سياسي ڇڪتان ۽ رسا ڪشي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان حڪومت کي ئي ٿيندو آهي،
مخالف ڌر اڃان ٻه جلسا ڪيا آهن ٽيون جلسو ڪوئيٽا ۾ ڪرڻ وڃي رهيا آهن ان وقت ئي حڪومت جو مخالف ڌر خلاف پارو ايترو چڙهي ويو آهي ته مخالف ڌر جڏهن هڙتال، مظاهرن يا ڌرڻي جي حڪمت عملي سامهون آندي ته حڪومت ڇا ڪندي؟ جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌر خلاف ڪاوڙ ۾ اڃان اضافو ڪندي ته ملڪ اندر سياسي ڪشمڪش جو ماحول اڃان گرم ٿيندو ۽ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جون توانائيون مخالف ڌر کي منهن ڏيڻ تي ئي صرف ٿينديون، ان صورت ۾ وزيراعظم جنهن مهانگائي کي پنهنجي سڀ کان وڏي اپوزيشن قرار ڏئي رهيو آهي ان مهانگائي کي منهن ڪيئن ڏئي سگهندو؟ ڪابينا اجلاس ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون نديم افضل چن درست چيو آهي ته اهڙي کنڊ ڪميشن جي رپورٽ جو ڪهڙو فائدو جنهن سان ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي وئي آهي، نه رڳو ايترو پر وزيراعظم پاڻ به کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهو چيو آهي ته جيڪڏهن کنڊ ۽ ڪڻڪ جا ذخيرا ججهي مقدار ۾ موجود آهن ته پوءِ انهن جون قيمتون معمول تي ڇو نه اچي رهيون آهن،
اهو سوال جيڪو وزيراعظم اٿاري رهيو آهي ان سوال جو جواب عوام به حڪومت کان چاهي ٿي، پر حڪومت جو ان طرف ڌيان گهٽ ۽ مخالفن کي منهن ڏيڻ تي وڌيڪ آهي، جنهن ڪري ملڪ اندر اهڙي سياسي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي صورتحال چئجي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سگهارين ڌرين کي نالا کڻي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر حڪومت جي سمورين ناڪامين ۽ ڪوتاهين جي ذميواري به مخالف ڌر انهن تي مڙهي رهي آهي اهو به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سنڌ صوبي جو آءِ جي ئي اغوا ڪيو ويو هجي، جيڪڏهن ڪنهن صوبي جو آءِ جي اغوا يا کنڀجي وڃي ٿو ته باقي پوئتي بچي ڇاٿو؟
اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي آءِ جي پوليس، ايڊيشنل آءِ جي، ڊي آءِ جيز ، ايس ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز تائين احتجاجن ڊگهي موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو اهو ايترو وڏو مامرو آهي جو آرمي چيف کي پاڻ نوٽيس وٺڻو پيو ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي ان جي فوري جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان به آرمي چيف فون تي ڳالهايو آهي، خير اهو سڀ ڪجهه سنڌ پوليس جي آفيسرن جي بهادري سبب ممڪن ٿيو آهي ڇو ته سنڌ حڪومت ته ان واقعي بعد پورو ڏينهن چپ جو روزو رکي ويٺي رهي، جيڪڏهن سنڌ صوبي جي آءِ جي کي کنڀيو ويو يا ان جي تذليل ٿي ته اها اصل ۾ ان جي نه پر صوبي جي سربراهه ۽ سنڌ حڪومت جي بي عزتي هئي، جيڪو رد عمل پوليس آفيسرن ڏيکاريو آهي اهو رد عمل صوبي جي سربراهه ۽ سنڌ ڪابينا کي ڏيکارڻ گهرجي ها، پر دير سان ئي صحي سنڌ حڪومت هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته ان مامري خلاف واضح طور سامهون آئي آهي، هاڻي به سنڌ حڪومت جو امتحان اهو آهي ته جيڪو واقعو ٿيو آهي ان کي منطقي انجام تائين ڪيئن پهچائي ٿي، جيڪڏهن ان مامري کي نظر انداز ڪيو ويو ته مستقبل ۾ ايئن نه ٿيندو جي گارنٽي ڪو به نه ڏئي سگهندو ڇو ته جنهن آئلينڊ اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي آهي ان جي سياسي ۽ اخلاقي حيثيت تمام وڏي آهي، پر سنڌ اسيمبلي پاران آرڊيننس خلاف قرارداد منظور ڪرڻ سان اهو آرڊيننس رد نٿو ٿي سگهي، آرڊيننس کي قرارداد ذريعي رد رڳو قومي اسيمبلي يا سينيٽ مان ڪنهن به هڪ ايوان مان قرارداد منظور ڪرائي رد ڪري سگهجي ٿو ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ آرڊيننس کي رد ڪرڻ لاءِ قرارداد تڏهن پيش ٿي سگهي ٿي جڏهن حڪومت اهو آرڊيننس پارليامينٽ ۾ پيش ڪري. جڏهن حڪومت کي معلوم آهي ته مخالف ڌر سينيٽ مان قرارداد منظور ڪرائي آرڊيننس رد ڪري سگهي ٿي ته پوءِ حڪومت آرڊيننس ڇو پيش ڪندي؟ آرڊيننس پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪرڻ آهي ته آئين جي خلاف ورزي پر ان خلاف ورزي ڪرڻ تي حڪومت کان ڪير پڇاڻو ڪندو؟ آئلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس واپس به ٿي پئي سگهيو جيڪڏهن جي ڊي اي آرڊيننس واپس نه وٺڻ تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ها، ڇو ته حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي اڳ ئي کوٽ آهي، ڪنهن به صورت ۾ حڪومت جي ڊي اي کي وڃڻ نه ڏئي ها ۽ آرڊيننس واپس وٺي ڇڏي ها، پر وزارتن ۽ حڪومت ۾ ويهڻ جا مفاد عجيب هوندا آهن، جيڪي اجتماعي مفادن کي ذاتي مفادن تي حاوي ٿيڻ نه ڏيندا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *