Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ll1nu7gpv9jcvbkuddivnsk07l, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پي ڊي ايم جو ٽارگيٽ ۽ حڪومتي حڪمت عملي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پي ڊي ايم جو ٽارگيٽ ۽ حڪومتي حڪمت عملي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

پي ڊي ايم جو ٽارگيٽ ۽ حڪومتي حڪمت عملي

15 نومبر آچر ڏينهن تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو فيض آباد انٽرچينج تي لڳل ڌرڻو ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين ۾ ڳالهين ذريعي ختم ٿي ويو آهي، فيض آباد جي ساڳئي هنڌ تي نومبر 2017ع ۾ نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ به ڌرڻو لڳو هو، تحريڪ لبيڪ جو اهو ڌرڻو 20 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين هليو هو، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومتي دورن ۾ لڳل تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻن ۾ ڏينهن رات جو فرق محسوس ٿيو، ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ تحريڪ لبيڪ جي لڳل ڌرڻي سبب راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي شهرين جي زندگي 20 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين مفلوج بڻيل هئي، ن ليگ جي دور حڪومت ۾ حڪومت ۽ پاڪ فوج جي ڌرڻي بابت سوچ هڪ نه هئي، پاڪ فوج پاران ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت جو استعمال نه ڪرڻ جو حڪومت کي باضابطه بيان جاري ڪري مشورو ڏنو ويو هو، حڪومت پاران ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ جڏهن آنسو گيس، لاٺي چارج ڪئي وئي هئي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ان جي لائيو ڪوريج ڪئي هئي، جنهن ڪري ڪراچي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا لڳي ويا هئا، حڪومت ڪشيده ٿيل حالتن کي سنڀالڻ لاءِ آرٽيڪل 245 تحت حساس هنڌن ۽ راولپنڊي ۾فوج مقرر ڪري ڇڏي هئي، ايئن 6 نومبر کان شروع ٿيل تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو 27 نومبر 2017ع تي موجوده آءِ ايس آءِ جي سربراهه ۽ ان وقت جي ميجر جنرل فيض حميد جي ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ ختم ٿيو هو. قانون جي وفاقي وزير زاهد حامد کي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي هئي، ڌرڻي ختم ٿيڻ تي گهرن ڏي ويندڙ تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن کي پئسن وارا لفافا ڏيڻ وارا منظر به سڀني سامهون آيا پر موجوده حڪومتي دور ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي مسئلي کي ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين ۾ ئي ڳالهين ذريعي ختم ڪرايو ويو، هن ڀيري اليڪٽرانڪ ميڊيا ڌرڻي جي ڪوريج گهڻي قدر نه ڪئي نه ئي حڪومت ۽ فوج وچ ۾ سوچ جو ڪو فرق سامهون آيو، ٻه ڏينهن راولپنڊي اسلام آباد ۾ موبائيل سروس ۽ رستا بند رهيا، ايئن گهرو مامرن جي وفاقي وزير ۽ مذهبي مامرن جي وفاقي وزير جي صحيحن سان تحريڪ ليبڪ سان معاهدو ڪيو ويو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ن ليگ جي دور ۾ معاهدو اسٽامپ پيپر تي ٿيو هو، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ معاهدو سادي پني تي ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حڪومت ڌرڻو هڻندڙن کي اهو لکي ڏنو آهي ته پاڪستان ۾ مقرر فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو ويندو ۽ پاڪستان جي فرانس ۾مقرر سفير کي به واپس گهرايو ويندو، معاهدي ۾ حڪومت پاران اهو لکت ۾ ڏيڻ ته پاڪستان ۾ مقرر فرانس جي سفير کي ٽن مهينن ۾ پارليامينٽ مان باقاعده قانون سازي ذريعي ملڪ بدر ڪيو ويندو وارو مامرو حيران ڪن ان ڪري آهي جو پرڏيهي پاليسي حڪومتي دائري اختيار ۾ اچي ٿي،
پرڏيهي پاليسي بابت ڪو به قانون پارليامينٽ منظور نه ڪري رکيو آهي ته پوءِ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کان قانون سازي ڪرائڻ واري مامري کي معاهدي جو حصو بنائڻ جو مقصد ڇا آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جا مختلف مطلب ۽ مقصد سمجهه ۾ اچن ٿا، جن مان هڪ مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حڪومت ان فيصلي جو بار پاڻ مٿان کڻڻ بجاءِ ان پارليامينٽ تي اڇلائڻ چاهي ٿي جنهن پارليامينٽ ۾ 70 سالن کان اهي آواز بلند ٿيندا رهيا آهن ته پرڏيهي پاليسي پارليامينٽ ذريعي طئي ٿيڻ گهرجي، ڏسجي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ وارو مامرو جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ حڪومت آڻي ٿي ۽ مخالف ڌر پاران دٻيل لفظن ۾ ان جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ته سمورو مامرو مخالف ڌر طرف آساني سان مڙي ويندو، ان بعد مخالف ڌر کي ڪهڙي صورتحال جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو ان جو هر ڪو اندازو ڪري سگهي ٿو. سوال هي به آهي ته ڇا فرانس جي پاڪستان ۾ مقرر سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ مان قانون سازي وارو رستو ڪڏهن به ڪنهن حڪومت اختيار ڪيو آهي؟ ان سوال جو جواب انڪار ۾ آهي، ڏسجي ته ڀارت جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ سوڌو دنيا سان سفارتي تعلقاتن بابت فيصلا پرڏيهي وزارت ڪندي آهي،
پوءِ هن ڀيري اهڙو انوکو رستو ڇو اختيار ڪيو ويو آهي وارو سوال ته پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پر ان کان به اهم سوال اهو آهي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو حڪومت ڪري سگهندي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي غور ڪجي ته ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ حڪومت لاءِ آسان نه هوندو، ڪنهن به ملڪ جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو مطلب ان ملڪ کي ناراض ڪرڻ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ اهو ڏسڻ انتهائي اهم هوندو ته رياست مدينه جي دعويدار حڪومت فرانس کي ناراض ڪرڻ جهڙو فيصلو ڪري ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي يا نه، پر تحريڪ لبيڪ جي سومر ڏينهن ختم ٿيل ڌرڻي سان مخالف ڌر کي هڪ اهو پيغام به وڃي ٿو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي آهن، 2017ع ۾ جيڪا تحريڪ لبيڪ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي ۽ فوج کي ڳالهيون ڪرڻيون پيون اها تحريڪ لبيڪ گهرو وزير، مذهبي مامرن جي وزير جي پهرين ئي مذاڪرات جي ڪوشش تي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وئي، ملڪ جي جنهن ميڊيا آزادي کي بنياد بنائي 2017ع ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي تي شيلنگ، لٺ بازي لائيو ڏيکاري مامري کي شديد بنائي ڇڏيو هو، اها ميڊيا هن ڀيري انتهائي ذميوار ميڊيا طور ان مامري کي لائيو ڪوريج ته پري پر هڪ ايونٽ طور به ڪور ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. هڪ ئي پارٽي جي ٻن مختلف وقتن ۾ لڳل ڌرڻن ۾ ڌرڻو هڻندڙن، ميڊيا ۽ حڪومتي ادارن جي هڪ ٻئي کان مختلف پاليسي ڇو سامهون آئي آهي، اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو منهنجي نظر ۾ جواب هر ڪو ڄاڻي ٿو، ان ڪري مان رڳو اهو چئي سگهان ٿو ته ن ليگ جي دور ۾ لڳل ڌرڻو ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ لڳل ڌرڻي جي صورتحال ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ن ليگ جي حڪومت کي هڪ وزير کي هٽائڻو پيو هو، پر پي ٽي آءِ حڪومت کي ڌرڻي وارن جو مطالبو پورو ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ملي ويو ته سوال هي آهي ته ڇا پي ٽي آءِ ان نموني سان مخالف ڌر جي تحريڪ مان به جان آساني سان ڇڏائي سگهي ٿي؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو درست جواب ته ايندڙ وقت ئي ڏئي سگهي ٿو،
پر وزيراعظم عمران خان پاران ملڪ اندر جلسن، جلوسن تي پابندي لڳائڻ واري اعلان کي مخالف ڌر جي پارٽين تي ٻڌل پي ڊي ايم رد ڪندي پي ڊي ايم جي اعلانيل شيڊول تحت جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مطلب مخالف ڌر حڪومتي پابندين کي ٿڏي حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ طرف وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪري رهي آهي، ظاهر آهي مخالف ڌر ملتان، پشاور ۽ ان بعد لاهور ۾ جيڪڏهن بنا اجازت جي جلسا ڪندي ته حڪومت کي مخالف ڌر مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو به جواز ملندو، پر جلسن بعد مخالف ڌر جي حڪومت خلاف احتجاجي حڪمت عملي ڇا هوندي وارو سوال انتهائي اهم آهي ڇو ته جيڪڏهن مخالف ڌر 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسو ڪرڻ بعد اسلا م آباد ڏي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿي ۽ ان سان گڏ شٽربند هڙتال جو ڪو فيصلو ٿئي ٿو ته اهي ئي مامرا حڪومت لاءِ انتهائي پريشان ڪن صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته جيڪڏهن پ پ پ، ن ليگ جي حڪومتن ۾ اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن کي ڏسجي ته انهن جي نتيجي ۾ حڪومتون ڀلي ختم يا گهر ڀيڙيون نه ٿي سگهيون هيون پر انهن ڌرڻن پ پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومتن کي عملي طور مفلوج ضرور ڪري ڇڏيو هو،
جڏهن حڪومت بي وس ٿي وڃي تڏهن ملڪ جي فلاح لاءِ موثر ڪم ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ وانگر هجي ٿو، ان ڪري اهو عمل هن حڪومت لاءِ انتهائي پريشان ڪن ٿي سگهي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪالهه ئي ان وزير اعظم عمران خان جو لهجو مخالف ڌر لاءِ تبديل ٿيل هو، جنهن مخالف ڌر کي هو بار بار اين آر او گهرندڙ قرار ڏئي ان سان ڳالهيون نه ڪرڻ جا بيان ڏيندو رهيو آهي، ڪالهه وزيراعظم چونڊ سڌارن لاءِ مخالف ڌر کي ڳالهين جي آفر ڏيڻ جهڙو لهجو اختيار ڪيو آهي پر پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ان کي ڪالهه ئي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هن حڪومت کي اسان عوام جي نمائندا حڪومت سمجهون ئي نٿا، ان ڪري ان سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.جيڪڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهيون نه ٿينديون ته پوءِ مخالف ڌر جون ڳالهيون ڪنهن سان ٿي سگهن ٿيون؟ ان سوال تي غور ڪجي ته ميان نواز شريف جو اهو بيان ياد اچي وڃي ٿو ته اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر ان کي آڻيندڙن سان آهي، مريم نواز شريف جو به بيان اچي چڪو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ان جي ويجهن ساٿين ذريعي ڳالهين لاءِ رابطن ۾ آهي، جنهن بابت شايد هن ڪالهه ٿيل پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ به وضاحت ڪئي آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته مخالف ڌر طاقتور ڌرين سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي، پر ان صورت ۾ سوال هي آهي ته جيڪڏهن طاقتور ڌرين عمران خان مان هٿ ڪڍيا ۽ عمران خان کي پنهنجي حڪومت ويندي نظر آئي ته ڇا عمران خان جا نواز شريف وانگر طاقتور ڌرين سان اختلاف ته نه ٿي ويندا؟ اهو اهڙو سوال آهي
جنهن جو جواب ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر ماضي گواهه آهي ته جنهن ايم ڪيو ايم، نواز ليگ کي طاقتور ڌرين ٺاهيو اڄ انهن جا ئي انهن سان سڀ کان وڌيڪ اختلاف آهن جيڪڏهن ن ليگ جا اقتداري مامرن ڪري طاقتور ڌرين سان اختلاف هن سطح تي پهچي سگهن ٿا ته پوءِ عمران خان جي پي ٽي آءِ جا اختلاف ڇو نٿا ٿي سگهن، ان سوال تي غور ڪجي ته هڪ ٻيو جواب ق ليگ جو به سامهون اچي ٿو ته ان جا طاقتور ڌرين سان اختلاف شديد ۽ ڪشيده نه ٿيا آهن پر سوال هي آهي ته ڇا عمران خان ق ليگ جي چوڌري شجاعت حسين جيتري سياسي پختگي ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري سگهندو؟ سوال هي به آهي ته طاقتور ڌر ۽ مخالف ڌر ۾ اهي ڪهڙا مامرا آهن جيڪي ڳالهين جو سبب ٿي سگهن ٿا.
في الحال ته مخالف ڌر جي تحريڪ اڃان ان سطح تي پهتل نظر نه اچي رهي آهي جنهن سان طاقتور ڌرين کي مخالف ڌر سان ڳالهين جي لاچاري محسوس ٿئي ها، جيئن مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جو ڌرڻو اسلام آباد ۾ هنيو ته طاقتور ڌرين کي اڳتي اچڻو پئجي ويو هو، هاڻي به ان لاءِ مخالف ڌر کي پنهنجي تحريڪ کي اهڙي صورت ۾ آڻڻو پوندو جيئن وري مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ جي فضا قائم ٿي سگهي. سوال هي به آهي ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽيون پنهنجو حدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترو گڏيل سچائي سان ڪم ڪن ٿيون، ان کانسواءِ مخالف ڌر کي ڪاميابي ملڻ ممڪن نه آهي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ اختلاف ڪمزور ٿيندڙ پي ٽي آءِ حڪومت جي مضبوطي جو سبب هوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *