Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sgposoaoue1coaebsj6ilhk1go, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پي ڊي ايم کي نئين ميثاق جي ضرورت ڇو؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پي ڊي ايم کي نئين ميثاق جي ضرورت ڇو؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

پي ڊي ايم کي نئين ميثاق جي ضرورت ڇو؟

پي ڊي ايم اڃان جدوجهد جون ٽي وکون مشڪل سان وڌايون آهن ته سندس ئي اندر اتحاد ۾ ڪمزوريون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، مشهور ٿيندڙ ڪمزوري پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداريءَ جي ان انٽرويو کان پوءِ سامهون اچي وئي جيڪو انٽرويو هن غير ملڪي ميڊيا جي اينڪر پرسن کي ڏيندي ڪيو، بظاهر ته محسوس هيءُ ڪرايو ويو ته پ پ پ جي چيئرمين نواز شريف جي کلي بيانئي جنهن ۾ هن آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جا نالا کنيا تي تنقيد ڪئي. بلاول جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي ميثاق ۾ اهو شامل نه هو ته ڪنهن جو نالو کڻي تنقيد ڪئي ويندي، ها اهو ضرور طئي ٿيل هو ته اسٽيبلشمينٽ جو نالو استعمال ڪيو ويندو سندس چوڻ موجب ته جڏهن نواز شريف نالا کڻي تنقيد ڪئي ته منهنجي جي لاءِ اهو سڀ ڪجھه “ شاڪنگ برابر هو ” مان ڪڏهن به اهڙي تنقيد ڪرڻ جو قائل ناهيان رهيو، جيئن ته ميان صاحب وزير اعظم ٿي رهيو آهي انهيءَ ڪري يقينن ميان صاحب وٽ تنقيد جي لاءِ ثبوت به هوندا ۽ هو ضرور ثبوت پيش ڪندو. بلاول ڀٽي جي ان انٽرويو کان پوءِ حڪومت کي ڄڻ ته آڪسيجن ملي وئي حڪومتي ترجمان شبلي فراز وڏي اعتماد ۽ خوشيءَ مان چيو ته “ پي ڊي ايم اندر ڏار پئجي ويا آهن”
جنهن مان مقصد هيءُ هيو ته ن ليگ ۽ پ پ پ جا رستا الڳ ٿي ويندا، يعني پي ڊي ايم جو اتحاد ٻي سگھاري پارٽي پ پ پ جي طاقت کان محروم ٿي ويندو توڙي جو ن ليگ ۽ پ پ پاران ظاهري ڪو به تضاد نظر نه آيو، ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جي بيانئي کان پاسيرو رهندي گڏجي هلڻ جي عزم کي ورجائيندا رهيا ۽ هن وقت تائين هو ورجائي رهيا آهن پر انهيءَ جي باوجود پي ڊي ايم جي مرڪزي قيادت ۽ خاص ڪري پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمٰن انهيءَ هلڪي کنگهه ۽ زڪام جي بيماريءَ کي محسوس ڪندي گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ يارنهن ئي جماعتن جي نمائندن متفق ٿيندي هي ضرورت محسوس ڪئي ته اتحاد جي چارٽر کان پوءِ هڪ ٻئي ميثاق جي ضرورت آهي جنهن ۾ هيءُ به طئي ڪيو ويندو يا طئي ڪرڻ گھرجي ته نئين جڙندڙ ميثاق جي نقطن ۾ تقريرن جا ماپا ۽ معيار ڪهڙا هجڻ گھرجن تنقيد کلي لفظن ۾ يعني شخصيتن جا نالا کڻي ڪرڻ گھرجي يا ليپا پوچي ڏئي اسٽيبلشمنيٽ جي اصطلاحن کي استعمال ڪندي علامتي انداز اختيار ڪندي تنقيد ڪئي ويندي. اهو هاڻي 13 نومبر جي گڏجاڻيءَ ۾ پي ڊي ايم جي اندر شامل يارنهن جماعتن جي قيادتن کي فيصلو ڪرڻو آهي يقينن نئين ميثاق مطابق پ پ پ جي ۽ پ پ پ جي هم خيال پارٽين سڀنيءَ جو زور ان نقطي تي هوندو ته سڌا نالا نه ورتا وڃن پر پراڻو طريقو اختيار ڪندي تنقيد ڪئي وڃي، ن ليگ ۽ نواز شريف جي بيانئي جا حامي انهيءَ نقطي تي زور ڏيندا ته جيڪي فرد جھموريت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ملوث آهن يا جن جي اشارن يا طاقت جي بنيادن تي سندن خلاف پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جڙن ٿيون انهن جو نالو کڻي سڌي تنقيد ڪئي وڃي ۽ ٿيڻ گھرجي. پي ڊي ايم جو نئون ميثاق بظاهر ۽ محسوس ٿيندڙ ان ئي نقطي جي بنيادن تي جڙندو. ممڪن آهي ته نئين ميثاق ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن جي والار واري نقطي کي به وفاق جي غير قانوني جارحيت چوندي شامل ڪيو وڃي جيڪو امڪان تمام گھٽ آهي پر جي نئين ميثاق جوڙ جڪ ۾ اهو نقطو شامل ڪيو ويندو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. انهيءَ ميثاق ۾ مهانگائي تي تنقيد ته ڪئي ويندي پر مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ عوام کي مهانگائي جي عذاب کان بچائڻ جو ڪو به طريقيڪار يا مڪينزم شامل نه ڪيو ويندو،
جيڪڏهن اهڙو مڪينزم ڪيو ٿو وڃي ته يقينن اهو نقطو به ساراھه جوڳو هوندو پر رولنگ ڪلاس جي سياسي اتحادن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته عوام لاءِ همدرديءَ جو اظهار ته ڳوڙها ڳاڙي ڪيو ويندو آهي ليڪن عملي طور تي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم ڪو به اتحاد يا جماعت ناهي کڻندي، اهوئي عوام جي جمھوري معاشي حقن جو الميو آهي جيڪو هن وقت تائين تسلسل سان جاري آهي. پي ڊي ايم جي ٿيندڙ اجلاس ۾ يقينن ٻه ڌڙا ٿيندي نظر اچن پيا يعني ٻه ڌڙا ٻه نقطه نظر سامهون ايندا، جنهن ۾ پهريون ن ليگ يا نواز شريف جي حمايت جو پلڙو پي ڊي ايم جي اندر طاقتور ئي هوندو ڇو ته هن وقت تائين پ پ پ کان سواءِ باقي ڏھه جماعتن مان ڪنهن به کلي تنقيد جي مخالفت ناهي ڪئي چاهيندي نه چاهيندي اڪثريت اهوئي چاهي ٿي ته هاڻي جدوجهد خوف ۽ دٻاءُ کان ٻاهر نڪرڻ گھرجي پر پ پ پ جنهن ماضيءَ ۾ آمريتن تي کليل تنقيد ڪئي بعد ۾ آمريتي دور کان پوءِ به محترمه جي زندگيءَ ۾ اقتدار جي جيڪا بليم گيم هلندي هئي انهيءَ ۾ محترمه صاحبه کليل لفظن ۾ نه سهي پر ڪيترن ئي موقعن ۽ واقعن تي نالا کڻي تنقيد ڪندي هئي، هاڻي جيڪڏهن پ پ پ تي اهو دٻاءُ وڌو ويو ته هو ماضيءَ ۾ اهڙي تنقيد پاڻ به ڪندا رهيا آهن تنهن ڪري ان تنقيد جي خلاف نه ٿين ته يقينن پ پ پ اصولي بنيادن تي نوا زشريف جي بيانئي جي حامي هجڻ جي باوجود حڪمت عمليءَ جي طور تي اهوئي دليل پيش ڪندي ته اسان ان حد تائين نه وينداسين جو تنقيد جي موٽ ۾ ڳري تڪليف اچي.
بلاول ڀٽو ممڪن آهي ته ان سوچ جو قائل هجي ته اسٽيبلشمينٽ سان پس پردا ڪو ٺاھه جو رستو ڪڍي سگھجي ٿو يا نڪري ايندو ۽ هو انهيءَ حڪمت عمليءَ تي ڪم ڪندو هجي صحيح ۽ غلط ته وقت ئي ثابت ڪندو آهي پر اسٽيبلشمينٽ جي اتحاد جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪهڙن ترن مان ڪهڙو تيل نڪرندو، انهيءَ کي ورجائڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۽ نه وري اسان پاڻ کي عالم ۽ داناءُ سمجهندي اهو ٿا چئون ته اقتدار پرستي تاريخ مان سبق ناهي سکندي، ليڪن پاڻ صاف ۽ صاف بنيادن تي سمجهون ٿا ته سڀئي قوتون تاريخ جي سبق مان ڄاڻ رکندي ۽ واقف هوندي باربار اهوئي ڪنديون آهن جنهن کي عارضي مفاد جي نالي سان سڏيندا آهيون، هاڻي به اهوئي ٿيندو. هڪ ٻيو پهلو پوري پي ڊي ايم جي لاءِ هاڻي به سواليه نشان بڻيل آهي ته جيڪڏهن نئين ميثاق ۾ پ پ پ جي حامي سوچ رکندڙ گروھه کي تسليم ڪندي تنقيد علامتي بنيادن تي ڪئي ويندي ته پوءِ ڇا اها تنقيد نه رهندي يعني هيءُ مثال طوطي ۽ ملان جي جهيڙي وانگر آهي جنهن ۾ پهريان طوطو ملان کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو هيو ملان شديد احتجاج ڪرڻ کان پوءِ مالڪ کي وارننگ ڏني ته هو جيڪڏهن طوطي کي نه روڪيندو ته پوري ڳوٺ جي برادري ڪٺي ڪندو طوطي جي مالڪ طوطي کي منٿون ڪندي سمجھايو ۽ طوطي کي ڌمڪي به ڏنائين ته جيڪڏهن تو پنهنجي زبان بند نه رکي ته تو کي ڪوٺيءَ جي اندر بند ڪري ڇڏيندس. پابندي ۽ سزا جي خوف کان طوطي واعدو ڪيو ته هو ملان سان ڪجھه به نه ڳالهائيندو،
ٻئي ڏينهن طوطو گھر جي در تي ويٺو هو ملان لنگهيو ته طوطو صرف مرڪندو رهيو، ملان کيس چيو اڙي مرڪين ٿو ڇا ڳالھه آهي، طوطي صرف ايترو چيو ته ملان سمجهي ته سڀ ويو هوندين. هاڻي جيڪڏهن پي ڊي ايم جي تحريڪ عمران خان حڪومت جي خلاف پنهنجا قدم وڌائيندي ۽ بيانيو بدلائيندي سخت جدوجهد ڪري ٿي ته ڇا اها طاقت ايترو سڀ ڪجھه برداشت ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندي ته ان جي ٺاهيل نظام کي ۽ پوري کيل کي ختم ڪيو وڃي. يقينن هڪ راءِ اها به آهي ته ممڪن آهي ته مائنس ون ۽ مائنس ٽو جو فارمولو وري آندو وڃي ليڪن ماضيءَ جي تجربن مان لڳي ٿو ته هاڻي اهو عمل ورجائڻ بي فائدي هوندو ليڪن هيءُ به نه وسارڻ گھرجي ته وقت گذارڻ جي لاءِ ۽ عارضي رليف وٺڻ جي لاءِ آزمايل نسخا بار بار استعمال ڪيا ويندا آهن ۽ هاڻي به ٿي سگھي ٿو ته اهڙو نسخو وري استعمال ڪيو وڃي پر جي انتظار ڪرائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ هيءُ چيو ويو ته زبان تي ڪنٽرول ڪري هلڪي ڦلڪي جدوجهد کي جاري رکندي ٻه سال ٻيا انتظار ڪيو پوءِ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي
جنهن ۾ گھڻي تڪليف نه اچي. ممڪن آهي ته اهو به ٿئي ڇو ته جڏهن ڪشيدگيءَ کان ڪشيدگي وارو ماحول شدت سان اڀرندو آهي ته پوءِ ساڳئي صورتحال ۾ رهندي وقت گذارڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي آهي پر اها پاليسي پ پ پ جي لاءِ ڪيتري به قابل قبول هجي پر ن ليگ ۽ نواز شريف جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندي. اسان کي هيءُ به ذهن ۾ صاف ويهارڻ گھرجي ته پي ڊي ايم جو اتحاد وقت گذرڻ سان وڌيڪ ٽڪراءُ ۾ ايندو وڌيڪ شدت پيدا ٿيندي ڇو ته ايندڙ وقت ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو پري پري تائين ڪو ٺاھه ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ خاص ڪري نواز شريف انهيءَ سان گڏوگڏ مولانا فضل الرحمٰن ٽڪراءَ جي ان ميدان ۾ پهچي چڪا آهن جتان واپسيءَ جو ڪو به رستو نظر نٿو اچي، اڳ عمران خان ڪنٽينر تحريڪ جي دوران چوندو هو ته هن ٻيڙا ساڙي ڇڏيا آهن، ليڪن هاڻي مولانا ۽ نواز شريف جي چوڻ کان سواءِ پاڻ هي آسانيءَ سان سمجھون ٿا ته انهن جي واپسيءَ جا رستا مڪمل طور تي بند ٿي چڪا آهن. سياست جي اندر ڀلي ڪيترا به آپشن کليل هجن پر تاريخ جي ٽڪرائن ۾ اهڙا موڙ ايندا آهن جتان واپسي ناممڪن هوندي آهي ڀلي ڪي ماڻهو چون ته نئين ميثاق کان پوءِ نواز شريف جي پوزيشن ڪمزور ٿيندي ۽ بلاول ڀٽو طاقتور ٿيندو، پي ڊي ايم ڪهڙو به ميثاق جوڙي پر زمين تي موجود حقيقتون ۽ ٽڪراءُ ٻڌائن ٿا ته شدت ۾ ڪمي نه ايندي ڀلي زبان ڪهڙي به استعمال ڪئي وڃي. اخلاقيات جا اصول مورال ته بچائي سگھن ٿا پر زميني حقيقتون ۽ ٽڪرائن جي شدت لازمي اها نتيجا ڏيندي جيڪا هن جي ڪيمسٽريءَ ۾ شامل آهي هاڻي جي سياسي ڪيمسٽري چونڪه چنانچه کان تمام گھڻو اڳتي وڌي چڪي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *