تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

پگهاردار طبقو ۽ لطيف يونيورسٽي

سادن سودن لفظن ۾ اجورو يا پگهار هر ان محنت جو ڦل هوندو آهي جيڪو ماڻهو، فرد، ڪنهن اداري، ڪارخاني يا ڪنهن به مالڪ جي ماتحت ڪم ڪري پوءِ اهو ذهني يا جسماني پورهيو هجي ۽ هر پورهيت جو معاوضو ادارو مقرر ڪندو آهي يا مالڪ جي وچ ۾ طئي ٿيندو آهي ۽ هاڻ جڏهن فلاحي رياست جو تصور قائم ٿيو آهي ته رياست قانون پاس ڪري هر فرد ۽ اداري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ Wages جي قانون جوڙينديون آهن ۽ پوءِ هر اداري توڙي مالڪ پوءِ اهو ڪارخانيدار، مل مالڪ، ڪنهن مالياتي اداري، بينڪ يا ڪنهن شاپنگ مال جو مالڪ آهي ته اهو قانون هر پبلڪ ۽ پرائيويٽ اداري تي لاڳو ٿي ويندو. جيڪو به ادارو ان رياست جي سرحدن ۾ هوندي پوءِ به ادارو يا فرد ان تي عمل نه ڪندو ته حڪومتي ادارو انتظاميا ان خلاف موجوده قانون تي قدم کڻي ان فرد ۽ اداري کي عمل به ڪرائيندي ۽ عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ رياست جي عدليه انهن کي سزا ڏئي سگهي ٿي. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به حڪومت طرفان گهٽ ۾ گهٽ Wages ،اجورو يا پگهار مقرر ٿيل آهي پر افسوس ته اڄ ڪيترائي پرائيويٽ ادارا انهن تي عمل نه ٿا ڪن. اهو ته پرائيويٽ ادارن جو حال آهي پر هتي حڪومتي ادارا به سرڪار جي حڪم تي عمل ڪونه ٿا ڪن. جنهن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي نمايان آهي جنهن ۾ ڊيلي ويجز تي مقرر ڪيل ملازمن جو تعداد جيڪو هينئر 1500 جي لڳ ڀڳ آهي جنهن ۾ اڪثريت به سياسي رشوت طور مقرر ٿيل آهي. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگهار ڪنهن جي 6000 ته ڪنهن جي 8000 مقرر ٿيل آهي ۽ اها ڪيترن ملازمن کي پوري نه ٿي ملي يا ان مان انتظاميا جا خاص ماڻهو ڪٽوتي ڪن ٿا. نه صرف هيٺيان ملازم پر هن لطيف يونيورسٽي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ليڪچررس جو به هڪ وڏو تعداد ڪم ڪري ٿو جيڪو منهنجي ڄاڻ مطابق هاڻ 130 کان به وڌيڪ آهي ۽ انهن جي پگهار ٻڌي حيرت ٿيندي ته ايم.فل، ايم.ايس.سي قابليت رکندڙ استادن جو ڪل ماهوار معاوضو 12000 آهي جيڪي ٽن کان چار ڪلاس وٺن ٿا ۽ اها پگهار به انهن کي موڪل وارن ڏينهن جي نه ملندي آهي. هاڻ ڪورونا وارن ڏينهن ۾ يونيورسٽي بند رهي ته انهن جون پگهارون به نه ڏنيون ويون. جڏهن ته حڪومت جو اهو واضح فرمان هيو ته وبائي صورتحال وارن ڏينهن ۾ نه ڪنهن ملازم کي ڪڍيو ويندو ۽ نه ڪنهن ملازم جي پگهار بند ڪئي ويندي، پر هي استاد جن کي لطيف يونيورسٽي ۾ ڪڏهن ڪوآپريٽو ٽيچرس ته ڪڏهن ٽيچنگ اسٽاف جي لفظن سان ٽوڙيو ويندو آهي. انهن کي ٻن مهينن جون پگهارون نه ڏنيون ويون. هاڻ سوچجي ته اهو ڪيڏو نه انساني الميو آهي ته اڄوڪي مهانگائي واري دور ۾ انهن ٻارهن هزارن ۾ هڪ استاد پنهنجو گهر ڪيئن هلائيندو هوندو ۽ وري جڏهن انهن کي ٻن مهينن جي پگهار نه ملي ته انهن سان ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو. بهرحال لطيف يونيورسٽي طرفا گهٽ اجورو ۽ پگهار نه ڏيڻ انساني حقن جي لتاڙ سان گڏوگڏ هڪ وڏو اخلاقي ۽ قانوني جرم آهي جنهن تي سنڌ حڪومت ڇو خاموش آهي. اهڙو حشر يونيورسٽي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ ٽيچنگ اسٽاف سان ته ڪيو آهي پر موجوده انتظاميا يونيورسٽي جي Permanent ملازمن ۽ استادن سان به گهٽ نه ڪئي آهي. گذريل عيد تي انهن مستقل ملازمن کي به پوري پگهار نه ڏني وئي ۽ اهو صرف هن عيد ۽ هن مهيني جي پگهار جو مثال ڪونه آهي پر گذريل ٻن ٽن سالن کان جنهن ۾ ٿورا ڪي مهينا هجن جو ملازمن کي پوري پگهار ۽ پهرين تاريخ تي ملي هجي ڪڏهن پگهار جو چوٿون حصو ته ڪڏهن اڌ ڪڏهن پنجين تاريخ ته ڪڏهن مهيني جي ڏهين تاريخ ته وري ڪڏهن 15 تاريخ تي پگهار ملي آهي ۽ حشر ته هن يعني جولاءِ جي پگهار سان ٿيو. سرڪار طرفان ته عيد جي ڪري اهو حڪم ڪيو ويو هيو ته سڀ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا جولاءِ مهيني جي 25 تاريخ تائين مڪمل پگهار ملازمن کي ڏيندا پر هن دفعي به لطيف يونيورسٽي انتظاميا حڪومتي حڪمن تي عمل نه ڪيو ۽ عيد کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ صرف اڌ پگهار ڏني وئي ۽ هڪ واقعي جو مان ذڪر ڪندو هلان جيڪو يونيورسٽي جي رٽائرڊ آفيسر رفيق شيخ پنهنجي فيسبوڪ تي رکيو. هن لکيو ته جڏهن لطيف يونيورسٽي مان چيڪ پاس ڪرائڻ ويس ۽ ٻاهر نڪران ته هڪ پوڙهي حبيب بينڪ جي در تي روئي رهي هئي ۽ جڏهن مون ان پوڙهي کان پڇيو ته امان ڇا ماجرا آهي ته ان وراڻيو ته ابا پينشن وٺڻ لاءِ اچي اچي ٿڪجي پئي آهيان ۽ ٻارن کي هاڻ کارائڻ ته ڇا پر انهن جي دوا درمل جا پئسا به ڪونه آهن. اهڙا ڪيترا ملازم هوندا جيڪي پگهار نه ملڻ ڪري خبر نه آهي ته ڪهڙين ڪهڙين مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا هوندا. يونيورسٽي جا ڪيترا ملازم بينڪ جا قرضي آهن جيڪڏهن حبيب بينڪ، نيشنل بينڪ مان لسٽ وٺبي ته اڌ کان وڌيڪ ملازم بينڪ جا قرضي آهن. ته وري ڪيترا ملازم ۽ استاد مختلف موذي مرضن جهڙوڪ دل جا مريض، شگر جا مريض، دم جا مريض، جيڪڏهن انهن کي هڪ ڏينهن جون دوائون نه ملن ته انهن جو حشر ڪهڙو ٿيندو.؟ سو لطيف يونيورسٽي انتظاميا ، سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي فوري طور تي قدم کڻي ملازمن کي پگهارون ڏياريون وڃن پگهار نه ڏيڻ جو لطيف يونيورسٽي ۽ ان جو ترجمان سدائين اهو بيان ورجائيندو رهيو آهي ته پئسا ڪونه آهن. هاڻي توهان گذريل سالن جي انڪم، سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت طرفان مليل گرانٽ ۽ خرچن جو حساب ڪيو ته خبر پئجي ويندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *