تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

پ ٽ الف جي چونڊ ۽ استادن جي سياست

ھي نظام به عجيب آھي جتي تعليم کي سياست کان الڳ رکڻ لاءِ شاگرد يونينز تي پابندي پيل آھي پر استادن جي تنظيمن کي آزادي حاصل آھي ته ھو ڀلي سياست ڪن، چونڊون ڪرائين ۽ جلسا جلوس ڪڍي سياسي ۽ نيم سياسي سرگرميون ڪري، ان عمل کي حقن لاءِ جدوجھد جو نالو ڏين، جيڪڏھن واقعي به تعليمي ادارن ۽ تعليمي نظام ۾ سياست نه ھجڻ گھرجي ته پوءِ شاگرد يونين وانگي استادن جي تنظيمن تي پڻ پابندي ھجڻ گھرجي پر جيڪڏھن استادن جي تنظيمن کي اجازت مليل آھي ته پوءِ شاگرد يونين تي پابندي ٻٽو معيار لڳي ٿو. ڪنھن فلسفي اھو چيو آھي ته جڏھن سياستدانن کي پنھنجي مفاد لاءِ ڪا تحريڪ ھلائڻي ھوندي آھي تڏھن ھو چاھيندا آھن ته شاگرد به ان جدوجھد ۾ حصو وٺن ۽ پوءِ جڏھن سياستدانن جا مفاد پورا ٿي ويندا آھن تڏھن حڪومتي منصب تي ويٺل اھي ئي سياستدان چوندا آھن ته شاگردن کي سياست کان پري رھڻ گھرجي ۽ وري جڏھن استادن جي ڳالھه ھوندي آھي ته اھي ئي سياستدان کين تنظيمون جوڙي باقاعده سياسي سرگرميون ڪرڻ جي نه صرف اجازت ڏيندا آھن پر سڌي يا اڻ سڌي طرح استادن جي تنظيمي چونڊن ۾ مداخلت ڪندي پنھنجي مرضي جي استادن کي کٽرائڻ لاءِ پنھنجو ذاتي اثر رسوخ پڻ استعمال ڪندا آھن، سياستدان پنھنجي اھڙي روش کي به ھڪ سياسي بازيگري جو گر سمجھندا آھن، شايد سياستدان استادن جون يونيز ٺاھڻ جي اجازت ڏئي تنظيمن جون چونڊون ڪرائي کين اڳتي آڻي تعليم جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ نه چاھيندا ھوندا پر ھنن کي شايد اھو اونو ھوندو آھي ته ملڪ جي عام چونڊن توڙي مڪاني سطح جي ٿيندڙ چونڊن دوران اڪثريت ۾ اھي استاد ئي ھوندا آھن جيڪي پولنگ اسٽيشنز تي ڊيوٽيون ڏئي سمورو ڪم سنڀاليندا آھن جنھن ڪري سياستدان چاھين ٿا استادن جون تنظيمون فعال ھجن ۽ انھن ۾ اڳواڻي ڪندڙ سندن مرضي جا استاد ھجن ته جيئن سندن ڪم آسان ٿئي.
ھن وقت سنڌ ۾ پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف جون چونڊون رٿيل آھن، جن کي باقي ڪي ڏينھن وڃي بچيا آھن تڏھن سجاول ۾ ماحول مڌر ٿي پيو آھي، مزيدار ڳالھه اھا آھي ته سجاول سٽي ۾ پ ٽ الف جا ٻه پينل مقابلي لاءِ سرگرم آھن ۽ ٻنھي پينلن جا صدارتي اميدوار ميمڻ برادري سان واسطو رکندڙ آھن، ڇلگري گروپ جي پينل پاران نثار ميمڻ اميدوار آھي ته سندس سامھون سٺيو گروپ جي پينل جو اميدوار عمر ميمڻ ميدان تي لٿل آھي ۽ سجاول جي ھر شام تڏھن سندر بنجي ويندي آھي جڏھن نيشنل بينڪ جي سامھون ھڪ پينل پاران قائم ڪيل چونڊ مھم جي ڪيمپ تي وڏي آواز ۾ گيت وڄائي پنھنجي اميدوارن جي حق ۾ ڳايل ٻولن سان ماحول ۾ جوش پيدا ڪري رھيا ھوندا آھن ته ساڳئي وقت سندن ڪيمپ کان چند قدمن جي فاصلي تي ٻئي پينل جا اميدوار ڪرسيون لڳائي اچي ويھندا آھن ۽ پوءِ رات جو دير تائين ھڪٻئي جي آمھون سامھون ويھي ڪچھريون ڪندا آھن، ڪيمپن سان ٻيو ڪو فائدو ته الائي کين ٿي رھيو آھي يا نه؟ پر آسپاس جي چانھه جي ھوٽلن وارن کي ضرور فائدو ٿيو آھي، جو استاد اميدوار ۽ سندن حامي اچي گڏ ٿيندا آھن ته چانھه جا دور شروع ٿي ويندا آھن.
چون ٿا ته ھر ڀيري استادن جي چونڊ دوران مقامي سياسي اڳواڻ پڻ ميدان ۾ لھي پوندا آھن ۽ پنھنجي پسند جي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ سياسي اثر رسوخ استعمال ڪيو ويندو آھي پر ھن ڀيري سجاول ۾ صورتحال ڪجھه اڻ چٽي آھي، ڪجھه ڏينھن اڳ ضلعي جي با اثر سياسي شخصيت شفقت شاھه شيرازي سجاول جي چانڊيا پرائمري اسڪول ۾ اچي ھڪ پينل جي اميدوارن سان ملاقات ڪئي ھئي، جنھن مان عام ماڻھن اھو تاثر ورتو ته انھي پينل کي شيرازين جي حمايت حاصل آھي ته ساڳي وقت وري ٻئي پينل جي ھڪ مک اڳواڻ جي ويجھڙائي وري ھڪ ايم پي اي سان سمجھي وڃي ٿي، جنھن ڪري سمجھيو پيو وڃي ته انھي پينل کي وري ان ٻئي ايم پي اي جي شايد حمايت حاصل ھوندي، پر سياسي حمايت حاصل ھجڻ بابت ڪنھن جو به ڪو چٽو موقف سامھون نه اچي سگھيو آھي بلڪه وري اھي ڳالھيون پڻ ٻڌڻ ۾ آيون آھن ته سياسي اڳواڻن پاران غير جانبدار رھڻ ۽ ڪنھن به پينل جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ان ڳالھه بابت ڪا تصديق ته نه ٿي سگھي آھي پر اھڙي امڪان کي رد پڻ نه ٿو ڪري سگھجي.اسانجو ھڪ دوست جيڪو ھڪ سياسي تنظيم جي مک عھدي تي پڻ ذميواريون سر انجام ڏئي رھيو آھي، ان ڪچھري ۾ ھڪ ڀيري چيو ته ھونئن استاد اھي شڪايتون ڪندا آھن ته پگھار مان سندن پورت نه ٿي ٿئي پر ھن وقت جڏھن چونڊون ٿي رھيون آھن تڏھن وٽن الائي ڪٿان ايترا پيسا اچي ويا آھن جو چونڊ مھم لاءِ خصوصي طور تي گيت رڪارڊ ڪرايا ويا آھن، پينا فليڪس لڳايا ويا آھن ۽ ڪيمپون قائم ڪري وڏو خرچ ڪيو ويو آھي پر ايتري ساري خرچ ڪرڻ سان ڇا ھتان جي تعليمي نظام ۾ ڪا بھتري اچڻ جي اميد آھي؟ جيڪڏھن ھن ڳالھه جو جواب ناڪار ۾ آھي ته پوءِ اھو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته استادن جي چونڊ صرف سندن ۽ سياستدانن جي ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان بھتري جو سبب بنجندي ھوندي، جنھن سان شاگردن کي ڪوبه لاڀ حاصل ناھي.سجاول ۾ پ ٽ الف جي چونڊن واري مھم دوران ئي استادن جي عالمي ڏھاڙي تي ھڪ پينل پاران تقريب ڪوٺائي جڏھن استادن جي عظمت تي تقريرون ڪيون پئي ويون، تڏھن ڪجھه استاد اڳواڻن خطاب ڪندي ٻئي پينل لاءِ جيڪا ٻولي ڳالھائي، سا واقعي به استادن جي عظمت کي ڀيٽا ڏيڻ جو نادر نمونو ھئي ۽ خود تقريرون ڪندڙ استادن جي ذھني عظمت جو واضح اھڃاڻ ھئي، جنھن تي عام شھرين ڪجھه تبصرا ڪيا ۽ شھرين جو چوڻ ھو ته استادن جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جھڙي ريت ڳالھايو ويو، ان مان ته رڳو تقرير ڪرڻ وارن استادن جي پنھنجي ذھني عظمت ئي ظاھر ٿي رھي ھئي ۽ اھڙين تقريرن بعد ڪجھه سڄاڻ استادن سوچڻ شروع ڪيو آھي ته ڪھڙي پينل جا استاد ووٽن جا وڌيڪ حقدار آھن ۽ اھا سوچ سندن لاءِ چونڊ واري ڏينھن فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *