تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

پ پ جي موقعي پرستي ۽ پارلياماني قومپرست پارٽيون

اهو هر فرد جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي ته هو ڪنهن به جماعت ۽ ماڻهوءَ جي راءِ يا موقف سان اختلاف رکي. انهيءَ سان گڏوگڏ هر ماڻهوءَ جو اهو به اخلاقي فرض بڻجي ٿو ته ڪنهن ٻئي فرد جي اختلاف راءِ يا موقف جو اهڙي طرح سان دلي احترام ڪري جيئن هو پنهنجي موقف جو احترام ڪري ٿو. اختلاف راءِ رکندڙ فردن سان ذاتي تعصب، ناپسنديدگيءَ وارو رويو رکڻ يا ضد ۽ جھيڙو ڪرڻ بجاءِ هڪٻئي کي علمي ۽ عقلي دليلن سان رد يا قبول ڪرڻ وارو جمهوري رويو اپنائڻ کپي. اهڙيءَ ئي طرح مون کي به پنهنجي ذاتي راءِ يا موقف رکڻ جو پورو پورو جمهوري آهي. اهڙي ئي طريقي سان ڪنهن به ٻئي دوست کي منهنجي موقف جي ابتڙ موقف اختيار ڪرڻ يا اختلاف راءِ رکڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.
جيڪڏهن پوري پاڪستان بجاءِ صرف پنهنجي مادر وطن سنڌ جي ڳالھه ڪيون ته، پيپلزپارٽي لڳ ڀڳ گذريل پنجاھه ورهين کان مختلف وقفن سان سنڌ تي حڪمراني ڪندي پئي اچي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظيرڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ تائين هر اليڪشن ۾ سنڌي ماڻهن اکيون ٻوٽي يا ايئن کڻي چئجي ته انڌو اعتماد ڪندي پيپلزپارٽيءَ کي نه صرف ووٽ ڏنو آهي پر، پنهجون محبتون، اعتماد ۽ ويساھه سان گڏ ضرورت پوڻ تي پنهنجون جانيون به نڇاور ڪيون آهن. محترمه بينظيرڀٽو جي شهادت کان پوءِ به لڳاتار هي ٽيون ڀيرو آهي جو سنڌين پنهنجون بي پناھه محبتون، اعتماد ۽ ووٽ ڏئي پيپلزپارٽيءَ کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي. پر هر ڀيري پيپلزپارٽي پنهنجي روايتي موقعي پرستي، اقتدار جي لالچ، ذاتي ۽ گروهي مفادن جي پورائي لاءِ سنڌ جي قدرتي ۽ معدني وسيلن کي ڀڳڙن مٺ تي پئي وڪيو آهي. تيرهن ورهين جي لڳاتار حڪومت ڪرڻ کانپوءِ به سنڌي ماڻهن جي زندگين ۽ قسمت ۾ ڪا بنيادي تبديلي، بهتري يا ترقي اچڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن هر قدم تنزلي ڏانهن وڌي رهيو آهي. سنڌ جي انفرااسٽڪچر کان وٺي تعليم، صحت، صفائي، پاڻي ۽ ناڻي سميت هر اداري ۽ شعبي کي اقرباپروري ۽ ڪرپشن واري اڏوهي کائي کوکلو بڻائي چڪي آهي. پاڪستان توڙي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به جماعت کي اڳ ۾ اهڙو اعزاز ناهي ملي سگھيو، جھڙو اعزاز پيپلزپارٽيءَ کي سنڌي ماڻهن بخشيو آهي. پر جيئن ته پيپلزپارٽي بنيادي طور تي وڏيرڪو ۽ جاگيرداراڻو پس منظر رکندڙ پارٽي آهي، تنهنڪري هو پاور، طاقت ۽ حڪومت خاطر ڪجھه به ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ملندڙ اقتدار جي دوران ٻٽي مڪاني نظام کان وٺي، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ۽ ڪارونجھر جبل جي وڪري تائين پيپلزپارٽيءَ جي تيرهن ورهين جي حڪومت ۾اڪيچار موقعي پرستيون شامل آهن.
پيپلزپارٽيءَ جي ان موقعي پرستي ۽ سوديبازي واري سموري تاريخ کي نظر ۾ رکندي، جيڪڏهن اسان ٿورڙو به سنجيدگيءَ سان غور ويچار ڪنداسين ته مٿئين سموري صورتحال باوجود سنڌي ماڻهو پيپلزپاٽيءَ کي ووٽ ڇو ٿا ڏين؟ سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ڪو متبادل ڇو ڪونهي؟ ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سدائين اليڪشن ڇو ٿي کٽي؟ منهنجي خيال مطابق ته انهن سوالن جا سولا، سادا ۽ مختصر جواب اهي ئي ٿيندا ته هينئر ترقي پسند پارٽي، ايس يو پي ۽ ٻين قومپرست پارٽين پاران به پارلياماني سياست ڪئي پئي وڃي. تنهنڪري هاڻي اهو سوال ختم ٿيڻ گھرجي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جو ڪو به متبادل ڪونهي. هينئر قومپرست پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرستن جي شڪل ۾ سنڌ دوست قيادت موجود آهي. سنڌ جي پڙهيئي لکيئي طبقي کي عام ماڻهن توڙي گھٽ سياسي شعور رکندڙ ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي مهم هلائڻ ۽ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ سموريون مفاهمتون، شڪ، شبها، وهم، وسوسا، خوف ۽ لالچون ختم ڪري پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق کليل طريقي سان ڪم ڪرڻ گھرجي. باقي جيتري قدر قومپرستن پاران اليڪشن نه کٽڻ وارو سوال آهي ته ان جا ڪيترائي سبب آهن. پر هتي رڳو مختصر ۽ مٿاڇرو جائزو وٺنداسين ته، پاڪستان جي تاريخ ۾ آزاد، صاف، شفاف ۽ اڻڌري اليڪشن ڪڏهن ٿي ئي ڪونهي. پاڪستاني اليڪشن ۾ اسٽيبلشمينٽ، مختلف ايجنسيز ۽ ٻين ڪيترن ئي سگھارين قوتن جي مرضي ۽ منشا مطابق نتيجا پڌرا ڪيا ويندا آهن. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ اهي ڌريون ئي اليڪشن کٽي حڪومت ٺاهي سگھن ٿيون جيڪي مالڪن پاران طئي ڪيل ايجنڊا تي هلڻ لاءِ پنهنجي رضامندي ڏيکارڻ سان گڏ ڏنل ريڊ لائين ڪراس نه ڪرڻ جي پڪ ڏيارينديون. اسان جيڪڏهن رڳو جنرل ضياءَ کان پوءِ ٿيندڙ اليڪشنن ۽ ان جي نتيجن ۾ ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ حڪومتن جو گهرائيءَ سان جائزو وٺنداسين ته سموري صورتحال اسان جي سامهون صاف ۽ چٽي ٿي بيهندي. هاڻي ظاهر آهي ته اهڙي طئي ڪيل ايجنڊا ۽ محدود اختيارن وارو اقتدار قومپرست ته ڪو نه وٺندا. ڇاڪاڻ ته قومپرستن کي صرف نالي ماتر يا پنهنجن مخصوص مفادن جي حاصلات لاءِ ته حڪومت ٺاهڻي ناهي. هو ته سنڌ جي بي پهچ ۽ مصيبتن جي ماريل پورهيتن، محڪومن ۽ مظلوم ماڻهن جي بنيادي حقن ۽ قومي اجتماعي حقن سميت سنڌ جي عزت، آجپي، خوشحالي، ترقي تعمير ۽ سنڌي ماڻهن جي روشن آئيندي لاءِ حڪمت عمليون ۽ پاليسيون جوڙيندا. ترقي پسند/ قومپرست سياست جو ته مقصد ئي هن ڌرتيءَ تان هر قسم جي ڏاڍ، ڏهڪاءَ، قومي ۽ طبقاتي جبر، استحصال، غلامي ۽ سمورين ذلتن مان عوام کي ڇوٽڪارو ۽ نجات ڏيارڻ آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ هن ملڪ جون طاقتور قوتون نٿيون چاهن ته قومپرست پارليامينٽ ۾ اچن ۽ اچي پنهنجي ايجنڊا، منشور ۽ پروگرام مطابق پنهنجين حڪمت عملين ۽ پاليسن تحت حڪمراني ڪن. ان کان علاوه تڪ بندين جو صحيح نه هجڻ، مخصوص ڌرين جي پسند مطابق تڪ بنديون ڪرڻ، وڏيرن ۽ جاگيردارن پاران هٿ وٺي اليڪشن کي مهانگو بنائي ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي ظاهري توڙي پس پرده حقيقتون آهن جيڪي قومپرستن جي اليڪشن کٽڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. جڏهن ته سنڌ مان هر ڀيري پيپلزپارٽيءَ جي ڪاميابي پويان به ٻين کوڙ سارين ڪهاڻين منجھان هڪ اها به آهي ته سنڌ جي گھڻي آبادي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن تي مشتمل آهي، جتي تعليم ۽ سياسي شعور جي اڻ هوند آهي. جتي اڄ به ماڻهو بدامني، بيروزگاري ۽ پوليس واري ڏمر جي خوف کان وڏيرن ۽ جاگيردارن جي اڳيان محتاج ۽ سندن رحم ڪرم تي زندگيون گذاري رهيا آهن. آخر ۾ اها گذارش ضرور ڪندس ته قومپرست ڌرين کي به پارلياماني سياست بابت غيرسنجيده ۽ غيرذميواراڻا رويا ترڪ ڪري وڌيڪ ذميواري ۽ انتهائي سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي مستقل بنيادن تي ڪي ٺوس پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙي سياسي، سماجي، معاشي توڙي تنظيمي محاذن تي سرگرميون ڪرڻيون پونديون. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي اسٽيبلشمينٽ سان ها ۾ ها ملائڻ وارو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ جو وڏيرو ۽ جاگيردار سنڌ جي اقتدار تي قابض آهي. تنهنڪري هن وقت وڏيرن ۽ سردارن کان اقتدار کسي، سنڌ جي هارين، مزدورن، پورهيتن، ماسترن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، ريڙهي وارن، گڏھه گاڏي وارن ۽ چنگچي رڪشا هلائيندڙن جي اولاد حوالي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي . ان جي لاءِ تمام وڏي سنجيدگي، بردباري، تعليم، تربيت، تحرڪ، سياسي شعور، علم، عقل، ڏاهپ، دورانديشي، سياسي حڪمت عملي، منظم ۽ سگھاري وسيع تنظيمي نيٽ ورڪ جي سخت ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *