Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_u95653e29c03debgvkg20n986b, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پ پ حڪومت ڪراچي تي قبضي ۾ وفاق جي سهولتڪار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پ پ حڪومت ڪراچي تي قبضي ۾ وفاق جي سهولتڪار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ڪورونا وگهي مريض فوت*80 سالن جي حڪيم الدين پٽ شرف الدين جو مڙهه ايڌي پاران غسل ڪفن بعد وارثن حوالي *فوتي مريض جو تعلق عثمان آباد واري علائقي سان آهي:ايڌي انچارج*

پ پ حڪومت ڪراچي تي قبضي ۾ وفاق جي سهولتڪار

پيپلز پارٽي جي سرڪار آخر ڪار عوام جي مينڊيٽ تحت مليل سنڌ صوبي ۾ حڪمراني ۽ اختيارن ۾ وفاقي حڪومت کي ڀائيوار ڪرڻ ۾ راضي ٿي وئي اهو به ان ڏينهن جنهن ڏينهن حڪمران پارٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ان جا ڪارڪن ڪراچي کي وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ خلاف مظاهرا ڪري رهيا هيا.جڏهن کان ڪراچي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ وفاقي حڪومت بار بار سنڌ حڪومت تي ڪرپشن ۽ ڪراچي دشمني جا الزام هڻي رهي هئي ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا صوبائي وزير وفاق جي زيادتين خلاف ڳالهائيندا رهيا ۽ سنڌ جو اڪثريتي عوام به وفاق جي ان رويئي ۽ پ پ جي مينڊيٽ کي صوبي ۾ برداشت نه ڪرڻ واري ڳالهه تي وفاقي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندو رهيو،پر جڏهن هاڻ سنڌ حڪومت ان ڪميٽي ٺاهڻ تي راضي ٿي آهي ته عوام حيران آهي ته آخرڪار اها ڪهڙي مجبوري هئي جنهن ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي اختيارن ۾ وفاقي حڪومت کي حصيدار ڪرڻ تي راضي ٿي وئي.
پ پ پنهنجي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ارڙهين ترميم کي ڳڻائيندي رهي آهي پر اڄ سنڌ لاءِ ٺاهيل ڪميٽي ڄڻ ته عملي طور انهي ارڙهين ترميم کي به بي اثر ڪري ڇڏيو آهي ،ڀلي کڻي اها هاڻ آئين جو حصو هجي پر اها ڪميٽي ثابت ٿي ڪري ته هاڻي انهي ارڙهين ترميم تي عمل ٿيندي نظر نه ايندو جيڪا صوبائي حڪومت کي خودمختيار ڪري رهي آهي پر جڏهن اها صوبائي حڪومت پاڻ ئي پنهنجي اختيارن تي سرينڊر ڪري ۽ نه وڙهي سگهي ته ٻيو ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي ،پر هي رڳو سنڌ حڪومت جو مسئلو ناهي هي صوبي جي عوام جو مسئلو آهي جنهن ووٽ ڏئي پ پ کي حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏنو پر هن سرڪار عوام جي ڏنل حق جي حفاظت نه ڪري عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي آهي.برساتن،پيئڻ جي پاڻي، نيڪال نظام، ٽرانسپورٽ جو بهانو بڻائي جهڙي نموني وفاقي حڪومت سنڌ صوبي جي عوام جي مينڊيٽ تي حملي آور ٿي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان ۾ سهولتڪار ٿي آهي سنڌ جو عوام ان کي قطعي طور قبول نه ڪندو ،جيڪي مسئلا ڄاڻايا ويا آهن انهن مان ڪهڙو مسئلو آهي جيڪو پاڪستان جي ننڍي کان ننڍي شهر ۽ وڏي ۾ وڏي شهر ۾ نه هجي،اهي مسئلا ٺيٺ مڪاني ادارن سان ڳنڍيل آهن ۽ انهن مسئلن جو حل به مڪاني ادارن ۽ صوبائي حڪومت ذريعي ڪري سگهجي ٿو پر پ پ جي صوبائي حڪومت ۽ ايم ڪيوايم جي ڪراچي ۾ مڪاني حڪومت جي خراب ڪارڪردگي وفاق ۽ ڪجهه ڌرين کي اهو موقعو ڏنو آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ۾ آهن .
ڪراچي سڄي ملڪ کي هلائيندڙ شهر ۽ سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي پر ڪجهه ڌرين جي انهي تي اک آهي ڇو ته ڪراچي پورٽ کان وٺي ٻيٽن تائين ۽ ٻيا ايترا وسيلا انهي ڪراچي شهر وٽ آهن ان ڪري ئي ڪراچي کي انتظامي طور سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيتري وقت کان ٿيندي رهي آهي،اسان سمجهون ٿا ته مشرف جي دور جو مڪاني نظام ۽ پ پ دور ۾ ٻٽي مڪاني نظام جي ڪوشش به اهڙي سلسلي جي ڪڙي هئي پر عوام جي شديد ردعمل انهي ڪوشش کي ناڪام بڻايو پر هن ڀيري ان ڪوشش ۾ ڄڻ ته پ پ جي حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري عوام جي ڏنل مينڊيٽ جو ڀرم نه رکيو آهي ۽ عوام جي انهي امانت ۾ خيانت ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *