Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kq8ociir4gvjirg081v3cvm7b0, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
پ پ حڪومت ڪراچي صوبي جو بنياد رکي ڇڏيو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar پ پ حڪومت ڪراچي صوبي جو بنياد رکي ڇڏيو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

پ پ حڪومت ڪراچي صوبي جو بنياد رکي ڇڏيو

ڪجهه ڏينهن اڳ اين ڊي ايم اي (NDMA) جي چيئرمين جي گڏجاڻي گورنر ۽ چيف منسٽر سان ٿي. گڏجاڻي ۾ ڪراچي جي مسئلن تي غور ڪيو ويو ۽ ميڊيا رپورٽن مطابق هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ 3 نمائندا سنڌ حڪومت جا ۽ 3 نمائندا (پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم) وفاقي گورنمينٽ جا شامل ڪيا ويا. اها ڪميٽي ڪراچي جي مسئلن تي فيصلو ڪندي. آئنده لاءِ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو “ايڊمنسٽريٽر” به ڪميٽي مقرر ڪندي ڇاڪاڻ جو سيپٽمبر ۾ لوڪل گورنمينٽ جي عهديدارن جي مدت پوري ٿيڻي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ جي عهديدارن جي جاءِ تي پنهنجا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جا اختيار رکي ٿي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ميئر صاحبان جي عهدي جي مدت پوري ٿيڻي آهي ان ڪري ضروري هو ته ايم ڪيو ايم جي راضپي لاءِ اهي اختيار سنڌ حڪومت کان وٺي اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪجن. ان ڳالهه تي سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته ڪاميٽي صلاح مصلحت لاءِ آهي باقي عملداري سنڌ حڪومت جي هوندي. اهو زبردست موقف آهي!
انهي ڪاميٽي واري فيصلي جي قانوني پاسي کي ڏسبو ته اصل حقيقت جي خبر پئجي ويندي. صوبائي حڪومت يا مرڪزي حڪومت جيڪي قدم کڻن ٿيون انهن جي لاءِ آئين پاڪستان ۾ گائيڊ لائين موجود آهي ۽ آئين جي خلاف ڪو به قدم نٿو کڻي سگهجي. اهڙي تنبيهه آئين جي آرٽيڪل 5 ۾ ڪيل آهي. جنهن مطابق “رياست سان وفاداري، آئين ۽ قانون جي تابعداري آهي”. آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 6 مطابق High Treason به لکيل آهي ليڪن ان جي تشريح ٿيل نه آهي پر ايئن سمجهي سگهجي ٿو ته رياست سان وفاداري ۽ قانون جي تابعداري نه ڪرڻ شايد ان جي تشريح ٿي سگهي ٿي، اهو ڪم عدالتن جو آهي ته اهي ان جي تشريح ڪن. باقي ڪيترا دفعا آئين ٽوڙيو ويو آهي، انهن آئين ٽوڙيندڙن کي به “Red Carpet” وڇائي سلامي ڏيئي شان مان سان رخصت ڪيو ويو آهي. آئين ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ملڪ جي حاڪميت پارلياماني نظام ۾ هوندي ۽ Tricotomy تي مشتمل هوندي. صدر، پارليامينٽ ۽ عدليه جي اختيارن جي به ورهاست ڪيل آهي. آئين ۾ مرڪز ۽ صوبن جي اختيارن جي به ورهاست ٿيل آهي ۽ سندن اختيارات جون حدون مقرر ٿيل آهن. انهن حدن کان ٻاهر نٿو وڃي سگهجي. مثال طور- آرٽيڪل 105 هيٺ گورنر لاءِ لازم آهي ته صوبائي حڪومت جي صلاح مطابق هلي. توڻي جو هو مرڪز جو نمائندو آهي. ٻئي پاسي مرڪز کي 149 آرٽيڪل هيٺ اختيارات مليل آهن ته هو صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪري سگهي ٿي ته مرڪز جي ترقياتي ڪمن يا سندن ادارن جهڙوڪر ڪميونيڪشن هاءِ ويز ۾ ڪي رڪاوٽون پيش اچن ٿيون ته اهي حڪومتون انهن رڪاوٽن کي دور ڪن وغيره وغيره. هاڻي ڏسون ٿا اين ڊي ايم اي ڇا آهي ۽ سندس اختيار ڪهڙا آهن؟ اها هڪ اٿارٽي آهي جيڪا مصيبت جي وقت ۾ مرڪز ۽ صوبن جي مدد ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي. هي اٿارٽي 2007ع ۾ هڪ قانون جي ذريعي قائم ٿي. هي اٿارٽي پنهنجي اختيارات ۾ خودمختيار آهي. هاڻي ڏسون ته هن وقت جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي ان جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ منهنجي نظر ۾ هن ڪاميٽي جي ڪا به قانوني حيثيت نه آهي. ان کي جيڪي به اختيارات مليا آهن اهي قانون مطابق نه آهن. سنڌ حڪومت پنهنجا اختيارات Surrender نٿي ڪري سگهي. آئين جي آرٽيڪل 147 هيٺ سنڌ صوبو پنهنجا ڪجهه اختيارات مرڪز جي حوالي ڪري سگهي ٿو پر ڪنهن ڪاميٽي يا جرڳي جي حوالي نٿو ڪري سگهي ۽ اهي اختيارات صوبن جي خودمختياري تي اثرانداز نٿا ٿي سگهن. لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي به ڪنهن قانوني شق مطابق لوڪل گورنمينٽ يعني ميونسپالٽي، ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسل جو اختيار به ڪنهن ڪاميٽي جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. انهن حقيقتن کي ڏسڻ کانپوءِ ايئن چئي سگهجي ٿو ته اها هڪ سياسي “Deal” ٿي سگهي ٿي. ڪجهه وقت اڳ ۾ مرڪزي وزير علي زيدي به ڪچري کڻڻ جي نالي ۾ اهڙي ڪاميٽي ٺاهي پر اها هلي نه سگهي. اردو واري اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ڪراچي ۾ برساتن جي نالي سنڌ حڪومت جي نااهلي ثابت ڪندي رهي پر پوءِ به ڪاميٽي ٺهي نه سگهي. ان ڪاميٽي ٺاهڻ جا هيٺيان سبب ٿي سگهن ٿا.
1. مرڪزي حڪومت ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کانسواءِ ڪمزور نظر اچي ٿي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جدا ٿئي ٿي ته پوءِ اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت به خطري ۾ نظر اچي ٿي. 2.سالن کان انهي ٿيوري تي عمل ٿي رهيو آهي ته ڪراچي کي صوبو ٺاهجي يا وري مرڪزي انتظام جي حوالي ڪجي. 3. سنڌ جي چونڊيل حڪومت کي ڪمزور ڪري گورنر راڄ قائم ڪجي يا کانئن ڪمداري وارو ڪم وٺجي. 4. سنڌ جي ماڻهن کي اردو ۽ سنڌي ۾ ورهائي سنڌ جي عوامي قوت کي ڪمزور ڪجي.
سياسي طور تي اهي نتيجا حاصل ڪرڻ ناممڪن هو. وري اتفاقن سپريم ڪورٽ به ڪراچي اچي وئي. بل بورڊن تي ڪاوڙ ڪندي ڪراچي جي خراب حالت جو ذڪر ڪندي اهي به ريمارڪس ڏيڻا پيا ته ڪراچي کي ڇو نه اين ڊي ايم اي (مرڪز) جي حوالي ڪجي! ايم ڪيو ايم وٽ ڪراچي ميونسپالٽين جا اختيارات سيپٽمبر ۾ ختم ٿي ويندا. اهو ان ڪري جو انهن ادارن جو مدو پورو ٿي ويندو. جيڪڏهن پ پ پ جا ايڊمنسٽريٽر آيا ته ايندڙ لوڪل گورنمينٽ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم کي سخت نقصان پهچندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندن نمائندا ڪامياب نه ٿي سگهن ان ڪري لازمي آهي ته اهي قانوني اختيارات سنڌ حڪومت کان واپس وٺجن ۽ ڪميٽي جي صورت ۾ انهن کي ڪاميابي به حاصل ٿي آهي. عجيب ڳالهه آهي ته حڪومتي وزير سنڌ جي عوام جا قانوني اختيارات surrender ڪري چوندا وتن ته فيصلا ڪاميٽي ڪندي، باقي عملداري سندن هوندي. جهڙو هن وقت اختيارات هوندي به ميئر جي اڳيان مجبور آهن. پوءِ ڪاميٽي آڏو سندن ڪهڙو حال هوندو. مٿان وري ليڪو لتاڙيندي اهو به چون ٿا ته ڪاميٽي مرڪز ۽ صوبي جي وچ ۾ رڳو رابطي جي لاءِ آهي. ان ڳالهه تي اعتبار ڪجي ته مرڪز ۽ صوبي ۾ رابطي لاءِ ته اڳ ئي صوبائي ڪوآرڊينيشن وزارت به قائم ٿيل آهي جنهن جي وزير محترمه فهميده مرزا آهي. هن کي نڪي ڳالهين ۾ شريڪ ڪيو ويو ۽ نه وري ڪاميٽي ۾ کنيو ويو. ڳالهه ڪجهه به هجي پر اهو گناهه ايوب کهڙي جي ون يونٽ ٺاهڻ ۽ پير الاهي بخش جو ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان وڏو گناهه ٿو نظر اچي. ڳالهين کي گهرائي سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته اسان جي نمائنده حڪومت ڪراچي کي صوبي ٺاهڻ جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ جنوبي پنجاب کي الڳ انتظامي يونٽ ٺاهيو ويو آهي ليڪن ان جا انتظامي آفيسر پنجاب صوبي جي عملداري هيٺ هوندا نڪي مرڪزي ڪاميٽي حوالي. ڪجهه وقت اڳ ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم صوبي جي حڪومت ۾ ڀائيوار هئي تڏهن ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي لاءِ لنڊن وانگر ميئر ۽ مشرف وارا اختيار گهريا هئا. اهڙو مسودو قانون جي وزارت کان ايڊووڪيٽ جنرل جي لاءِ آيو. مون پويون رڪارڊ ڏٺو ته قانون جي وزارت به ان جي تائيد ڪئي هئي پر ان وقت جي چيف منسٽر ارباب رحيم ان قانوني راءِ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جدا پوليس ٺاهڻ کان انڪار ڪيو. وري مسودو منهنجي راءِ لاءِ آيو ته مون پنهنجي راءِ مخالفت ۾ ڏني ته صوبي ۾ ٻه پوليس ادارا نٿا ٿي سگهن ۽ اهو عمل پوليس ايڪٽ جي به خلاف آهي. ايئن ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۾ جدا پوليس ڪمشنري وارو خواب ساڀيان نه ٿيو پر هن وقت ته نڪي قانوني راءِ ورتي وئي نڪي ڪاميٽي کي اختيارات ڏيڻ لاءِ ڪابينا کان منظوري ورتي وئي آهي. جيڪا سنڌ حڪومت جي رولز آف بزنس مطابق ضروري آهي. حڪومت جي تشريح ۾ رڳو وزير نٿا اچن پر عدالتن جي فيصلي مطابق پوري ڪيبينيٽ ان جي منظوري ڏي. خبر ناهي ته ايترن سالن کان سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي پر کين پنهنجي قائدن ۽ قانونن جي خبر ڇو نه آهي؟ ڪراچي جي ميونسپل ڪارپوريشن تان هٿ کڻڻ ۽ ڪاميٽي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم کي پنهنجي خودمختياري لاءِ ڪهڙي ڳالهه جي ضرورت آهي؟ پنهنجن اختيارن تان هٿ کڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ميار ڏجي يا ٻيو ڪجهه چئجي؟ بحرحال اهو عوام جي مرضي تي آهي ته هو ان جي پاڻ مطلب ڪڍي. اسان ته سنڌ حڪومت جي حاڪمن کي رڳو قانون جا ڪجهه فقرا ٻڌائڻ چاهيون ٿا.
– آرٽيڪل نمبر 5 مطابق، آئين جي پاسداري رياست سان وفاداري ۽ قانون جي تابعداري ضروري آهي.
– آرٽيڪل 6 مطابق High treason به آهي.
– آئين جي آرٽيڪل 147 مطابق مرڪز ۽ صوبن جي اختيارات جي ورهاست به ٿيل آهي.
– آئين جي آرٽيڪل 29 ۾ پرنسپل آف پاليسي به ڏنل آهي. آئين مطابق ان کان ٻاهر نه وڃڻو آهي.
اسان جي گذارش آهي ته اوهان عوام جي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جي فيصلن ۽ دائري کي عوام اڳيان پيش ڪريو ۽ مٿئين قانوني نقطن جو جائزو وٺي ڏيو ته اوهان جا فيصلا درست آهن يا غلط؟ ايئن نه ٿئي ته جنهن حڪومت کي بچائڻ لاءِ اختيارات Surrender ڪري رهيا آهيو، اها به وڃي ۽ اوهان عوام ۽ ووٽرن کي جواب به نه ڏئي سگهو ڇو جو سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته “اوهان اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ايم ڪيو ايم سالن ۾ به نه ڪري سگهي.”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *