Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_gaqq45ddc0cptn0c74obrjptfj, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٿائي لينڊ ۽ سئيزرلينڊ سنڌ ۾ آهن - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٿائي لينڊ ۽ سئيزرلينڊ سنڌ ۾ آهن - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

ٿائي لينڊ ۽ سئيزرلينڊ سنڌ ۾ آهن

جاڏي وڃجي، دل سان وڃجي، لک جي ڳالهه آهي. پاڻ ان تي سورهن آنا عمل ڪرڻ وارا، سنگت جي صلاح وڻندي، آمنا صدقنا ڪري هلبو، نه ته اٽڪليون مٽڪليون ۽ بهانا ڪرڻ بدران ڏبو ٺپ جواب. شاعر دوست سجاد مهر ڀڻڪو ڪيو. رهڙڪي جو مندر آهي، گذريل سال سنگت وئي هئي، تعريف پئي ڪيائون.هلبو؟ دل هر کجي پئي، هڪ دم هاڪئي. مندر وڃي ٻئي شادي لاءِ گهنڊو وڃائبا، ڪم نه ٿيو به پهرئين زال ته ويٺي آهي، هاڻي اڇي مٿي ۾ ڪاڏي ويندي. پاڻ شيام ناهيون، بانسري به ناهي، جو وڄايون ته گوپيون اچي رقص ڪن، سيٽي وڃائبي، ڪا اٽڪي ته ٺيڪ نه ته آر ڪي نارائڻ جي ناولن ، راجندر سنگهه بيدي ۽ ڪرش چندر جي ڪردارن کي جيئرو ته ڏسي اچبو.
آچر کان اڳ ايندڙ ڏينهن ڇنڇر تي ، صبح جو يارهين وڳي کن سجاد مهر جي ڪار ۾ اڳئين سيٽ تي ٽيڪجي ويٺم. هن جي گاڏي، پنهنجي ڀانيون، جهمريون پايون. پويان عديل مهر، آزاد جوکيو ۽ سلمان سومرو ايئن ويٺا ڄڻ مون کي پرڻائڻ پيا هلن، سڀ ئي سينگاريل هيا، اسان شڪارپوري سفر تي نڪرون، برونائي جي بادشاهه وانگر سنبري نڪرون، ڪو لاٽ صاحب به نه پڄي.
اسان جي گاڏي هلي، سڌو روهڙي جي پيالا هوٽل تي اچي بيٺي. سنڌ جي وڏي ليکڪ امر جليل جو شهر، چڱا ڀلا ليکڪ سندس چيچ جهلي، لکڻ سکيا. نالو ٿين ته هن کي وساري ڪافڪا ۽ گارشيا مارڪيز جا نالا ايئن وٺڻ لڳا ڄڻ گڏ پڙهيا هجن. سُهڻن جي پياسي، شاعرن بيدل ۽ بيڪس جو شهر. ادب دوست فضل قلباڻي به روهڙي جو ، هاڻي ڪراچي ۾ گذر سفر. پنهنجي دل گهرين دوستن، اديبن ۽ راڳي ارشاد سومري ۽ ليڊي ڊائنا جو ڏيک ڏيندڙ شاعر آغا سعيد جي سهڻي گڻائتي ۽ سيبتي مرشد قاضي امداد جو شهر. ماضي ۾ اسان کل ڀوڳ ۾ ، ڪنهن جي اڻ وڻندڙ ڳالهه تي، کيس چوندا هياسون. “ هل ڙي هلُ ! روهڙي جا”. پيالا هوٽل ڪجهه سال اڳ کليو. پيالن ۾ سٺي چانهه ڏيندا هيا. هاڻي ڪوپن ۾. چانهه ۾ به مزو ڪو نه. اسان وٽ اهو رواج آهي، نئين شئي ايندي، سٺي هوندي، هلي پئي ته بيڪار ٿي ويندي. لالچ ۾ اڳيون نور به چٽ. اڳي سنئون سڌو پئسا وٺندا هيا، هاڻي بل . ان ۾ هرو ڀرو سروس چارجز ٽنبيل. اها ڪورونا جهڙي وائرس لائين جي هر هوٽل تي پکڙيل آهي. ڪو پڇڻ وارو ناهي ته نوڪرن جي ڏهاڙي، هوٽل مالڪ، گراهڪن کان ڪهڙي مهابي ٿا ڦرن؟ اهو ڪڌو عمل آهي. اسان چانهه پي، تازا توانا ٿي، موٽر وي جي واٽ وٺي، ڏهرڪي جي هوٽل ميٽ اينڊ ايٽ تي پڳاسون. اتي اسان جي آڌر ڀاءُ لاءِ شاعر ۽ اديب جميل سومرو، مفتون ڪورائي، فدا ملڪ، زاهد علي ڀٽو، غفار سومرو،ملزم سومرو، اڪبر سومرو ۽ مسافر پتافي بيٺا هيا، ٻانهن جا هار پاتائون، چانهه ۽ ڪيڪ کائي، گهڙي کن ساهه پٽي، حوال ڪري اتان اٿي جميل سومري جي گلستان ۾ سدورا پير رکياسون. هو گڻ وارو آهي، شابس هجيس، هن مهمانن لاءِ ٻار ڀاءُ جي گهر موڪلي، اسان جو بلو ڪيو هن جو گهر سندس غزلن نظمن وانگر سندر هو. اتي ڪهاڻيڪار محمد دين راڄڙي ۽ راڳي ۽ شاعر عاشق راڄڙ اسان جي منتظر گولا لڳا پيا هيا.
محمد دين راڄڙي جون پنهنجي پر ۾ چڱيون ڪهاڻيون آهن. پڙهاڪو آهي، هڪ اڌ ڪتابن تي تجزيا سٺا لکيا اٿائين. ڪهاڻي ڪتابن جو نالو. “مان انسان ٿيندس” اٿس ڪتاب جو عنوان پڙهي، مون کلندي چيو هيو مانس “ الله ڪندو”
جميل ميان ماني ۾ وسان نه گهٽايو هو. ست رشي هئي، کائي ڪري، آڱريون چٽيندي، رب سائين سان گڏ جميل سائين جا ڪورنش بجا آڻي، شڪرانا ادا ڪياسون. اهڙي سٺي ماني ، رات جو دلبر ماڻهو ۽ شاعر شيراز چانڊيو کارائي ته اڌرات جو اٿي، شڪراني جا ٻه نفل پڙهيا هيم.
پنجاب ڏانهن ويندڙ دڳ تي سٺا شهر آهن، ڏهرڪي، ڏهر ذات ڪري ، رهڙڪي، رهڙ ذات ۽ گهوٽڪي گهوٽن ذات پويان نالا آهن. مطلب ڏهرڪي ڏهرن جي، گهوٽڪي جو دلبر شاهنواز گهوٽو شاعر آهي، پاڪستان آرمي ۾ آفيسر آهي، ڪجهه ورهيه اڳ اسلام آباد هو، منهنجو وڃڻ ٿيو، هن ماني ڪئي هئي. مونکان سواءِ آغا نور محمد پٺاڻ ۽ ثناءَ الله چنجڻي گڏ هيا. سلڇڻو جوان شاهنواز گهوٽو اڄ ڪالهه پشاور ۾ آهي. اتان جي حسن تي وايون لکي رهيو آهي. ان ئي شهر جا ادبي گهوٽ اياز لطيف دايو ۽ رئوف پارس دايو کلڻا جوان آهن، ٻئي ڀائر آهن.پاڻ ۾ ڀتيون آهن. ان ذات جو سٺو شاعر بهترين نثر لکندڙ ۽ سهڻن جو پياسي حسن مجتبيٰ گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ جو آهي. اڄ ڪالهه آمريڪا ۾ آهي. پڙهڻ ۽ لکڻ سان گڏ گهمي ڦري ٿو، حسن کي ڳولي ٿو. اسان محبتي ماڻهن جو قافلو رهڙڪي ڏانهن، ٻن گاڏين ۾ سوار ٿي، مندر ڏانهن روانو ٿيو. مندر ۾ پڄڻ سان ، جميل سومري سان گڏ پڙهندڙ هندوستاني سٺي ڳائڻي اڊت نارائڻ جهڙا مهانڊا رکندڙ، مندر جي رکوالي لعل چند قافلي کي اکين تي ويهاري مندر گهمايو، اسان جي من ۾ مجبت جو مندر ٺاهيو. هن سان گڏ ٻانهن ٻيلي ڪشمور واسي رميش پڻ هو.
اسان جو مندر ۾ گهڙڻ سان ڏيئا ٻري پيا.گهنڊ وڄي پيا.خواب جرڪي پيا. ساوڪ ڏسي ناريون پسي، اکيون ٿڌيون ٿي ويون ، مندر جي چوڌاري ڀت هئي، ڄڻ ڪو شاهي قعلو هجي. باغ بستان، ياترين لاءِ رهڻ جون جايون ڏسي، آرام سڪون ۽ امن سان مرد، زائفان، ڇوڪرا ڇوڪريون، ٻار۽ ٻارڙيون ڏسي، ايئن لڳو، ڄڻ ٿائي لئنڊ ۾ هجون. مندر جو نالو ايس ايس ڊي هو، سائين ساڌو رام ڌام، ڀڳت ڪنور رام ۽ سائين ساڌو رام جون عالي شان تصويرون ڏسي، دل باغ بهار ٿي وئي. مندر ۾ ايل سي ڊي ۽ ننڍڙي ريسٽورانٽ ۾ رکيل ننڍڙي ايل سي ڊي تي ڀڳتي هلي رهي هئي. ماڻهو اکيون ٻوٽي ڌيان گيان سان پراٿنا ۾ رڌل، ڪنهن ٻئي هنڌ گم هيا.
ڀڳت ڪنور رام جي نالي اڳيان شهيد جي ٽڪلي نظر نه آئي، جو هندو مذهب ۾ شهادت جو تصور ئي ناهي. اتي جميل سومري“ نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائي روح کي راحت ڏني. هن جو آواز سريلو ۽ پرسو ز هو.
مندر جو گادي نشين جنارڌن لعل آهي. هن سي ايس ايس جو امتحان ڏئي، ڊسٽرڪٽ مئنجمينٽ گروپ ۾ اچي، ڪاميابي ماڻي، ايس ڊي ايم ٿيو هو. هن جو من نوڪري ۾ نه لڳو. اتاولو رهڻ لڳو. بي چين روح کي شانت ڪرڻ لاءِ اچي هن مندر کي وسايو. هن سان ملڻ جو ڪنهن کي خيال نه آيو، سو اڌورا رهجي وياسون.مندر ۾ من ڇڏي، اينگرو آياسون. اتي سٺي ماڻهو ۽ شاعر شيراز چانڊيو جي اسان جي مان ۾ دعوت شيراز هئي. هن جو اصل نالو حق نواز آهي. اينگرو جو دروازو ٽپڻ سان ڄڻ سُئيزرلئنڊ ۾ آياسون. رات جو بتين جي جهرمر ۾ ساون وڻن ڪئلاش جي سهڻين زائفن وانگر اسان جو کڻي نيڻ خمار سان استقبال ڪيو. شيراز ميان جو گهر ماشاالله ڄڻ آمريڪن شاعر والٽ وٽمئن جو گهر هو. ڊرائنگ روم صاف سٿرو، شيلف ۾ ترتيب سان سنڌي ۽ اردو کان سواءَ ڪجهه انگريزي ڪتاب رکيل، جن ۾ منهنجي دل ۾ گهر ڪندڙ شارلٽ برانٽي جو ڏک سان لکيل ناول “جئن آئر” پيو هو.ماني کائي، ٻاهر باغيچي ۾ لڳل پينگهه جي گاديلي تي ويهي، جهوٽا کائيندي ،ا و سي پاسي نهارڻ لڳم. بنا کٽڪي مايون گهمي رهيون هيون، ڪجهه جوڙا ڪي مون جيان اڪيلا ڦرندي نظر آيا، سائيڪل تي جينز جي پينٽ پاتل ڇوڪريون ڄڻ اڀ مان لهي آيون هيون، سهڻو سپنو هيون.
بيشڪ . ! سنڌ ۾ ٿائي لينڊ ۽ سئيزر لئنڊ آهن پر پاڻ ايٿوپيا ۾ رهون پيا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *