تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ٿرپارڪر جي سياست ۾ پٽيل جو ڪردار

ٿر ۾ ٻنين ۽ پلاٽن تي قبضو وقت به وقت تيز ٿيندو پيو وڃي. اها استحصال پسند قبضاگير سوچ پورهيتن کي لڏائڻ ۽ سندن کيترن تي قبضا ڄمائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري ٿي. چوري ۽ جهيڙا ڪرڻ، مال مويشي زخمي ڪرڻ، کوهه ۽ آر او پلانٽ تان پاڻي بند ڪرڻ، ننگن ۾ هٿ وجهڻ، رستي روڪ ڪرڻ، اغوا ڪرڻ ۽ ٻيا ڪھڙا ڪھڙا نه جرم ڪيا وڃن ٿا ته جيئن “هيڻا” مارو لوڪ مجبور ٿي لڏي وڃن. اهڙين انيائن ۽ بي واجبين جا فيصلا سياسي ڀوتارن وٽ اچن ٿا، اهي اقتدار پرست چڱا مڙس وري پٽيلن جو پاسو وٺن ٿا، بلڪه ڏيتي ليتي يا سياسي وفاداري جي بنياد تي ڊيل ڪن ٿا. هرڻ ۽ تتر کائو ڪرپٽ بيوروڪريسي ٻني جي ليڪن ۾ هيرا ڦيري ڪري ٿي. ٿر ۾ معاشي طور تي واپاري، ملازم ۽ ٻنيءَ ٻاري جي ذاتي ملڪيت رکندڙ طبقو موچارو ۽ مواڙ آهي، جڏهن ته ٻني ۽ مال مويشي کان محروم پورهيت طبقو غربت جي بدترين شڪل ۾ مبتلا آهي، ان جو نتيجو ٻارڙن جي موت ، عورتن ۽ مردن جي خودڪشين جي صورت ۾ روز آڏو اچي ٿو. ٿري هاري ۽ مزدور  وٽ بک ۽ ڏک مستقل مهمان ٿي رهن ٿا. انهن وٽ ٿر جي ڪا ٻني ناهي، ۽ انهن جي ٻاجهري ۽ گوار جي اپت پٽيلن ۽ سيٺين جي ٽجوڙي ۾ هلي وڃي ٿي. اهي پورهيت ٻج قرض تي کڻي پوک ڪن ٿا. ٿر ۾ جهيڙا گوڇار، گئوچرن، مڙهن ۽ ڍورن تي ٿيندا آهن. انهن تڪرارن پٽيل پائي کي هٿي ڏني آهي. پٽيل جو ڌنڌو ئي جهيڙن ۽ ڦڏن تي آهي، هو چاهي ٿو ته ماڻهو ڀلي وڙهندا رهن ۽ هو ان تڪرار جو فائدو کڻي سگهي. ٿر ۾ پٽيل گهڻا آهن، جن جا ڏڪار ۾ به جاوا ٿين ٿا. اڪثر پٽيل ٿر جي استحصال پسند سياست کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان سماجي طبقي تي ڏڪار خطرناڪ اثر مرتب نٿو ڪري. ٿر ۾ نوڪرين تي به پٽيل جھڙپ ڏئي وڏو حصو کنيو وڃن ٿا، اقتدار پرست مسند نشين طرفان باقي عوام کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. نه صرف ضلعي ۽ تڪ ۾ مقامي طور ڀرتي ٿيندڙ نوڪرين ۾ پٽيل ۽ وڏيرا قابض آهن، پر ڪميشن جي امتحانن ۾ به پئسي ۽ سفارش سان پٽيل ڪم پٽيو وڃن. ٿري پٽيل ڀوتارن جي خوشامد ۽ غلامي جو وڏو آرٽ رکن ٿا.
ٿري پٽيل ۽ ڪرپٽ سياستدان جو ڳٺجوڙ بي واجبي ۽ ظلم جو مرتڪب ٿيو آهي. اهي پٽيل هاڻ نه صرف ملازمت تي چنبا کوڙيو ويٺا آهن، پر شهرن ۾ ڪاروبار ۽ قبضاگيري به انهن جي خاص ڪرت آهي، ان پويان خاص مختلف ڪردارن جو خاص ٽيڪو آهي.
ٿر جو پٽيل هر دور ۾ اقتدار پرست سياست جو مهرا رهيو آهي. هن جي هر اقتداري ڌر سان وفاداري رهي آهي. هو بس پنهنجي مفادن ۾ واضح آهي. هن جو روز به روز ڪم ايم پي ايز، ايم اين ايز، ضلعي ۽ تعلقي چيئرمين، ۽ بيوروڪريٽس جي در در تي وڃي پنهنجو “حصو” گهرڻ آهي. هو هر اوطاق ۽ آفيس تي وڃي ڪا اسڪيم ۽ نوڪري وٺي وري ذاتي مطلب جو “هدف” کڻي پرگھٽ ٿيندو رهندو آهي. ڪرپٽ اقتداري ڌريون هن جي هر مطالبي جو پورائو ڪنديون آهن، ڇو ته هي ووٽر يرغمال ڪندو آهي.
ٿر ۾ ڇوڪرين جي اغوا ۾ گهڻو ڪري مقامي سياستدانن ۽ پٽيلن جو هٿ آهي. اهي ڪنهن به غريب جي عزت سان کيڏيندي دير نٿا ڪن. ماڻهن کي دربدر ڪرڻ جو آخري حربو ڇوڪرين جي اغوا جي واردات آهي. ٿر ۽ ناري تر ۾ وڏيرن ۽ پٽيلن جي ظلمن کان تنگ ٿي، ٻنيون وڪڻي، هيڻا ماڻهو شهرن ڏانهن لڏي رهيا آهن. ظلم ۽ زيادتين سبب سنڌ جون ٻهراڙيون غريب طبقي لاءِ خودڪشي جون آماجگاهه بڻجي پيون آهن. خاص ڪري ٿر ۾ روز به روز خودڪشين ۽ قتل جا واقعا ٿين ٿا. ان عمل پويان ڪنهن نه ڪنهن پٽيل يا اقتدار پرست سياست جو هٿ آهي. ڇو ته انهن پورهيتن جي مقامي وسيلن تي پٽيل ۽ ان جو سرپرست سياستدان قابض آهن، جيڪي غريب عوام جي جياپي اڳيان رڪاوٽ بڻجي وڃي ٿا. ايئن ٿر جي گڙنگ پٽيلن جي ڳوٺن کي اسڪول، اسپتال، آر او پلانٽ، روڊ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ملن ٿا. اهو ڪم سر زمين جي بجاءِ ڊاڪيومينٽس ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. اڪثر منصوبن ۾ سياسي ڪاٽڪو ۽ انهن جا ٺيڪيدار ڪرپشن جي صورت ۾ ڪمائين ٿا، ۽ سرمايي ۾ اضافو ڪن ٿا. پٽيل، چڱو مڙس ۽ وڏيرو ضلعي ڪائونسل سميت جيڪي به ترقياتي ڪم ۽ پروجيڪٽ اچن ٿا، اهي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا. ڪچيون آباديون ۽ غريبن جا ڳوٺ ان ترقياتي ڌارا کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. مثال طور امرڪوٽ ۾ ولھار ڳوٺ جي ڀيٽ ۾ اڪثر ترقياتي ڪم ڳوٺ وهرو جا ٿيا آهن، هر ترقياتي رٿا ۾ وهرو نوازيل آهي، ۽ ولھار نظر انداز ڇو؟ امرڪوٽ ۾ جيڪا وڏي تباهي ٿي، ان جو هڪ مثال پورهيتن جي وسندي ولھار آهي. امرڪوٽ ويجهو ان ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار کان وڌيڪ پورهيتن جا گهر آهن، پر انهن مزدورن کي زندگيءَ جي ڪابه سهوليت ڪونهي. واٽر سپلاءِ، سرڪاري اسڪول، اسپتال، ڊرينيج، روڊ ۽ بجلي جهڙين بنيادي ضرورتن کان به هي ڳوٺ وانجهيل آهي. اهڙو ظلم جو پورهيتن جا رستا به بااثر ماڻهو بند ڪريو ڇڏين. معاشي طور غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي ويو آهي! ٿري پٽيل اين جي اوز جي ڪم تي به اثرانداز ٿيندا آهن. اين جي اوز جا مالڪ بڻيل ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ بورڊ آف ڊاريڪٽرز، جيڪي هر فنڊيڊ پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن ڪندا آهن، انهن جو هڪ خاص حصو مقرر هوندو آهي. اين جي اوز جا چيف ايگزيڪٽوِ ڊائريڪٽرز ڪرپشن ذريعي ايتري ملڪيت ميڙين ٿا جو اهي ضلعي ڪائونسل ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر ٿيڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا آهن. اين جي اوز جا “مالڪ” پنهنجي پنهنجي اين جي او جو پراجيڪٽ مقامي سياستدانن ۽ پٽيلن جي منشا ۽ مشاورت سان عمل ۾ آڻيندا آهن. پٽيل کين چوندا آهن ته اسان جي حد ۾ ڪم ڪرڻو آهي. ٿر جي غريب طبقي ۾ وڃڻ تي اين جي او جي مالڪن جي حاضري اوطاقن تي طلب ڪئي ويندي آهي. اهي پڇا ڪندا آهن ته پٽيل جي ڳوٺ کان ٻاهر ڪٿي ٿا ڪم ڪريو؟ ايئن مقامي سياست جي آشيرواد سان ٿري پٽيل اين جي اوز کان به ڪم وٺندا آهن، ۽ اين جي اوز مقامي سياست جي آشيرواد سان واڌ ويجهه ڪنديون آهن. اهي ئي ڪجهه خاص سبب آهن، جو ٿر جي ٻهراڙين کان ماڻهو لڏي شهرن طرف اچي رهيا آهن. مٺي، ننگرپاڪر، ڇاڇرو، امرڪوٽ، سلام ڪوٽ، نئون ڪوٽ، ڇور، چيلهار، ڏيپلو ۽ ڪانٽيو ۾ آبادي وڌڻ جا ڪجهه خاص سبب اهي ئي آهن. شهرن ۾ وري سياستدانن، ڀوتارن ۽ پٽيلن هڪ نئون سلسلو شروع ڪيو آهي، دڪانن ۽ پلاٽن تي قبضو ڪرڻ جو. هي قبضاگير مافيا جو ڳٺجوڙ آهي، جنهن جي ساٿ ۾ ڪجهه صحافي ۽ پوليس آفيسر به آهن. انهن قبضن جا فيصلا وري به سياسي ڀوتارن جي اوطاقن تي ٿين ٿا، جتي پلاٽ “اڌو اڌ” جو فيصلو ٿئي ٿو، يعني حقيقتي مالڪ کي اڌ ته قبضاگير کي به اڌ پلاٽ مليو وڃي. قبضو ڪرڻ جي بڇ “سياسي ڪاٽڪو جهان خانن” جي هوندي آهي.
ٿر ۾ رائج طبقاتي ڇڪتاڻ ڪنهن به منظم سياسي تحريڪ کي جنم نه ڏئي سگهي آهي، پر ساڄي ڌر جي اقتدار پرست سياست ويتر مضبوط ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر گهڻ طرفي مسئلن جي منهن ۾ ڌڪجندو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *