تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ٿر برسات سبب هڪ ئي وقت خوشي ۽ تڪليف ۾

هونئن ته ٿر فطري حسناڪين جو خوبصورت گلدستو آھي. ڊگهين وارياسي ڀٽن ۽ قديمي آثارن کان وٺي مورن جي ٽھوڪن ۽ هرڻن جي ڇالن جهڙن منظرن جي عڪاسي ڪندڙ ٿر قدرت جو عاليشان نظارو آھي.
پر جڏھن ٿر مٿان ڪڪر وسڻ جا ويس ڪندا آھن ۽ ڀورين ڀٽن مٿان مينهن مهربان ٿيندو آھي ته اهو ساڳيو ٿر فطري حسناڪين جو انڊلٺي گلدستو بڻجي ويندو آھي.
هاڻوڪين برساتن جتي ٿر جي حسن کي نکار بخشيو آھي ۽ سڄو ٿر پڪنڪ پوائنٽ ۾ تبديل ٿي ويو آھي. اتي برساتن جي راتاهن عوام کي دردبدر ۽ بي گهر پڻ ڪيو آھي
گذريل ٻن ڏينهن کان مسلسل پوندڙ برسات هڪڙي پاسي شھري علائقن جي هيٺياهين وارين ڪالونين ۾ ويٺل آبادي کي پاڻي جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي،هڪ طرف مٺي ڏيپلو. اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو۽ چيلهار کان وٺي ڪلوئي ۽ نئون ڪوٽ تائين سمورن شھرن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو جوڳو بندوبست نه هئڻ ڪري هيٺياهين وارين ڪالونين ۾ ٻوڏ واري صورتحال جا منظر نظر اچن ٿا ته ٻئي پاسي مسلسل جهڙالي موسم ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات غريبن جا ڪيترائي ڪچا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آھن ڪچن گهرن جون ديوارون ڊھڻ ۽ پڪن گهرن جون ڇتون برساتي پاڻي سان ٽمڻ لڳيون آھن. جنهن ڪري ڪيترائي گهر برسات جي نذر ٿي ويا آھن ۽ متاثرن کي وڏو مالي نقصان ڀوڳڻو پئجي ويو آھي. جيتوڻيڪ ٿر ۾ جيتري به برسات پوندي آھي ته انجو پاڻي وارياسي زمين جذب ڪري وٺندي آھي پر هي پهريون ڀيرو آھي جو برسات بنا وقفي جي ٻن ڏينهن کان ڪڏھن وڌ ته ڪڏھن گهٽ مسلسل جاري آھي برسات جي راتاهن جتي غريبن جي گهرن کي پاڻي جي لپيٽ ۽ ٻوڏ هيٺ آڻي وڏو نقصان پهچايو آھي اتي ضلعي جا ڪيترائي مک روڊ برساتي پاڻي جي ندين وارن وهڪرن ۾ لڙھي ٽٽي ويا آھن. جنهن ڪري شھرن توڙي ڳوٺن جو هڪٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آھي، عوام پنهنجن گهرن تائين محدود بڻجي ويو آھي. جنهن ڪري ٿر اندر لاڳاپيل کاتن جي اربين روپين جي لاڳت سان ٺهيل روڊن ۾ ناقص مٽيريل هجڻ واري پت وائکي ٿي ويئي آھي. نئون ڪوٽ کان ڏيپلو وايا گرڙا ٻهه وارو روڊ ڳوٺ ڪنڊارو سومرا وٽ برساتي ندي جي وهڪري جي ور چڙھي ويو ۽ عمرڪوٽ ڪنري کان مٺي ۽ نئون ڪوٽ وايا ٿر نبي سر وارو مک روڊ ڳوٺ جنهاڻ جوڻيجا وٽ برساتي ندين ۾ لڙھي ويو آھي اهڙي طرح ڏيپلو کان مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ڏانهن ويندڙ ڌار ڌار روڊ ۽ مٺي کان ايئرپورٽ وايا ٻگهار وارا روڊ هنڌان هنڌان اکڙي چڪا آھن جنهن ڪري ڄاڻايل روڊن تي ٽرئفڪ جي آمدرفت بند پيل آھي. پر انهن روڊن کي هيستائين بحال ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي ساڳي طرح ڏيپلو شھر ٻن ڏينهن کان ٻوڏ واري صورتحال ۾ آھي جتي جي تعلقي اسپتال کانوٺي مختلف ڪالونيون برساتي پاڻي ۾ ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳيون آھن. ڏيپلو سميت مٺي جي سراڻ ڪالوني، مسلم ڪالوني، سومرا ڪالوني ۽ ٻين محلن مان 2 ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آھي جتان جي آبادي گهر خالي ڪري محفوظ ھنڌن تي وڃي پناهون ورتيون آھن پر سندن گهرن ۾ پيل سامان پاڻي جي نذر ٿي ويو آھي ساڳي صورتحال ضلعي جي باقي شھرن جي هيٺياهين وارين ڪالونين سان پڻ آھي. ضلعي انتظاميا هيٺياهين ۾ رهندڙ انساني آبادين کي گهر خالي ڪري وڃڻ جو الرٽ جاري ڪري اهڙا لائوڊ اسپيڪرس تي اعلان ڪرڻ کان علاوه هيستائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي. مٺي ۾ وري به ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمن جي ذاتي ڪوششن وڏي ٻوڏ واري خطري کي ٽاريو آھي جنهن بجلي نه هئڻ باوجود جنريٽرس ذريعي شھر جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون باقي ضلعي جي سمورن شھرن جا ٽائون چيئرمنز منظر تان غائب نظر اچن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ ٿري ماروئڙا دربدر ۽ بي يارو مددگار بڻيل آھن.
اهڙي طرح برسات کانپوءِ ٿر ٻن ڌار ڌار ڪيفيتن مان گذري رهيو آھي هڪڙي پاسي برسات جي تباهڪارين جا منظر آھن ته ٻئي پاسي برساتن جي پوڻ سان ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪن جا گلاب ٽڙيل آھن. برساتن کانپوءِ سڄي ملڪ جي سياحن جو رخ ٿر ڏانهن آھي. مٺي شھر کي گود ۾ سمهاري لوليون ڏيندڙ گڍي ڀٽ، روپلو ڪولهي جي بهادري تي اوچو ڳاٽ ڪري بيٺل ڪارونجهر جبل، ڪاسبو، ڪجلاسر، ڀالوا ۾ مارئي جو کوهه، گوڙي ۽ ڀوڏيسر سميت ننگرپارڪر ۾ جين ڌرم جا مندر، ڀوڏيسر جي قديمي مسجد، چوڙيو مندر، نئون ڪوٽ قلعو، راڻا سر جي ترائي ۽ ٻيا تفريحي ماڳ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ سياحن جي دلچسپي ۽ ڌيان جا مرڪز بڻيل آھن. جتي لکين سياحن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آھي. جتي ٿر جون ڀٽون ۽ پارڪر جو ڪارونجهر جبل ايندڙ سياحن جو اوچي ڳاٽ آڌر ڀاءُ ڪندي محسوس ٿيندو آھي ٿر ۽ پارڪر جي تفريحي ماڳن تي سياحن جا ميلا متل آھن ۽ وڏي جشن جو سماع نظر اچي ٿو.
مٺي جي گڍي ڀٽ کانوٺي ڪارونجهر ،ڪاسبي ۽ ڀوڏيسر تائين وچ ۾ ايندڙ سمورن تفريحي ماڳن تي ايندڙ سياح جتي ٿر جي فطري نظارن مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ جهڙالي موسم مان مزو وٺي خوشي جو اظهار ڪن ٿا اتي تفريحي ماڳن تي پاڻي، واش رومز ،رهائش ، هوٽلنگ سميت بنيادي سهوليتون نه هجڻ جون پڻ شڪايتون ڪن ٿا.
تفريحي ماڳ گڍي ڀٽ جي چوٽي تي بيهي جڏھن مٺي شھر طرف نظر ڦيرائجي ٿي ته شھر جون عاليشان عمارتون ايئن محسوس ٿينديون آھن ڄڻ سمنڊ ڪناري ٻارڙن ڪي ڪوڏيون گڏ ڪري رکيون هجن يا وري جڏھن ساوڪ سان ڍڪجي ويل ڀٽن ڏانهن ڏسبو آھي ته ايئن محسوس ٿيندو ڄڻ ڪا اپسرا سائي ساڙي هوا ۾ اڏاري ڪو سانوڻ جو گيت آلاپي رهي هجي. ساڳي طرح ڪارونجهر ۽ ڪاسبي جا منظر پڻ محبوب جي مرڪن جهڙا محسوس ٿين ٿا. برساتن کان پوءِ جتي انساني آبادي خوشين مان جهمريون پائي رهي آھي اتي جهنگلي جيوت ۽ خاص طور مور پکي پڻ کنڀ کولي خوشي وچان رقص ڪندي نظر اچن ٿا.ٿر ۾ برساتون پوڻ کانپوءِ جتي سمورو ٿر تفريح جو مرڪز بڻجي ويو آھي اتي مقامي آبادي جي روزگار جو پڻ وسيلو کليو آھي هڪڙي پاسي ٿري ماروئڙن جو ڏڪارن دوران بئراجي علائقن ڏانهن ويل چوپايو مال واپس پنهنجن ماڳن تي پهچي ويو آھي ۽ ٿري ماروئڙن اپت جي اميد سان کيت کيڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آھن ته ٻئي طرف ٿر جي تفريحي ماڳن تي مقامي فنڪارن جون ٽوليون ايندڙ سياحن کي راڳ رنگ ذريعي ريجهائڻ ۾ مصروف آھن ۽ سياح مقامي فنڪارن جي ٿري لوڪ گيتن تي نه رڳو رقص ڪندي نظر اچن ٿا پر کين داد ۽ انعام سان به نوازين ٿا
اهڙي طرح ٿر خوشين ۽ پريشانين جي ٻن ڌار ڌار ڪيفيتن مان گذري رهيو آھي. هڪڙي پاسي گهرن جون ديوارون ڪرڻ ۽ ڇتون ٽمڻ ڪري پنهنجن معصوم ٻچن کي برسات کان بچائڻ جي جستجو سندن لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آھي ته ٻئي پاسي وڏ ڦڙو وسڻ جا منظر سندن دل کي باغ بهار ڪري رهيا آھن پر وري به ماروئڙا وسندڙ مينهن مان مايوس نظر نٿا اچن. اهائي سندن درياءَ دلي جو مثال آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *