تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ڀارت ۾ فوت ٿيل سنڌ واسين جي ڪهاڻي

ڀارتي صوبي راجسٿان جي ضلعي جوڌپور ۾ زمين کيڙي پنهنجو گذر سفر ڪندڙ ضلعي سانگهڙ جي شهر مقصودورند لڳ ڳوٺ تاج محمد ڏاهري جي رهواسي ٻڍوڀيل جي خاندان سان ڀيانڪ واقعو پيش آهي. انهي واقعي ۾ ٻڍي ڀيل جي گهرواري سميت سندن ڌيئرن ۽ پٽن سميت گهر جا 11 گهرڀاتي شامل آهن جن کي رات جي اونداهي ۾ موت جي ننڊ سمهاريو ويو آهي. انهن گهر ڀاتين ۾ ٻڍو ڀيل سندس گهرواري شريمتي عطري سندس نياڻي لڇمي ڀيل پريا عرف پياري ڀيل شمع عرف سمعن سندس نوجوان ڳڀرو پٽ ريومل عرف پپو ريو عرف پپو جا ٻه معصوم فررند دانش ۽ ديال جڏھن ته ٻڍي ڀيل جي ڏوهٽي مقدس ۽ ٻيو ڏوهٽو جوڌپور ۾ فوت ٿيا آهن. ٻڍي ڀيل جي 11 گهر ڀاتين جي فوت ٿيڻ واري واقعي کي ڀارتي ميڊيا خودڪشي قرار ڏئي رهي آهي پر هي واقعو آهي اها خبر ته پوسٽ مارٽم يا هندستاني حساس ادارن جي مڪمل تحقيقات بعد ئي پوندي. ٻڍي ڀيل جي فوت ٿيل خاندان جون آخري رسمون به ٿي ويون آخري رسمن ۾ اتان جي پاڪستاني هندن شرڪت ڪئي آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڪستاني کان ويندڙ اتي رهندڙ ھندن ته آخري رسمن ۾ متاثر خاندان سان سهڪار ڪيو پر اتان جي يعني هندستان جي قديمي اصلوڪن رهواسين جي آخري رسمن ۾ نه هجڻ خود اتان جي پاڪستاني هندو برادري لاءِ سواليه نشان آهي. پاڪستان اندر هندن جي هڪ تنظيم ان واقعي جي ڪنهن غير جانبدار ايجنسي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي اتي وري بي بي سي مطابق راجسٿان جي رياست اندر مخالف ڌر جي تنظيم ڀارت جي اقتداري جماعت بي جي پي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
2012 ع ۾ ڀارٿ ڏانهن وقفي وقفي سان سفر ڪندڙ مقصودورند جي قديمي ڳوٺ تاج محمد ڏاهري جي رهواسي پيرسن پنهون ڀيل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻڍو ڀيل وارا پاڻ ۾ ٻه ڀائر هئا ٻڍو ڀيل بابت معلوم ٿيو آهي ته ننڍپڻ ۾ هارپو محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو. هن جي اولاد ۾ وڏي ڌي مکڻي پنهنجي ور ڀوئنريو ڀيل وٽ مقصودورند شهداپور روڊ تي رهي، ٻين ڌيئرن ۾ لڇمي ڀيل ، پٺاڻي، نذيران، منڊم ملوڪي، شمعون عرف شمعن، پريا جنهن کي پيار مان پياري چوندا هئا مطلب 8 ڌيئرون ٻه پٽ جن ۾ هڪ ڪيول عرف دلير ٻيو پٽ ريول عرف پپو سميت 10 ڄڻن جو اولاد هو جن ۾ ٻه پٽ۽ 8 نياڻيون شامل آهن. نياڻين جي اولاد مان پٺاڻي ۽ منڊم سنڌ ۾ ئي بيماري سبب فوت ٿي ويون. جڏھن ته ٻي ڌي نذيران ڀارت جي جوڌپور ۾ فوت ٿي وئي هئي. جڏهن ٻيون ڌيئرون جن ۾ لڇمي ڀيل، پريا عرف پياري ملوڪي، شمعون عرف شمعن تازي واقعي ۾ فوت ٿي ويون آهن. جڏهن ته ٻين فوتين ۾ خود ٻڍو ڀيل سندس پٽ ريول عرف پپو ۽ ان جا ٻارڙا ديال ۽ دانش، ٻڍو ڀيل جي ڀارت ۾ رهندڙ نياڻي ملوڪي جي 15 سالن جي نينگري مقدس، سندس 12 سالن جو معصوم نينگر زهن شامل آهن.
ٻڍي جي بچي ويل ٻن نياڻين ۾ مکڻي ڀيل سنڌ ۾ رهي ٿي، ٻي ملوڪي شامل آهي جيڪا ڀارت ۾ پنهنجي مڙس سورجو ڀيل سان رهي ٿي. جڏھن ته سندس ٻارڙا مقدس ۽ زهن پنهجي ناناڻن وٽ رهندا هئا جيڪي فوت ٿي ويا. ٻڍو ڀيل بابت معلوم ٿيو آهي ته هو سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي پنهنجي برادري ۽ پنهنجي چاچن مامن کان الڳ مزاج جو هو، اهو ئي سبب هو هن پنهنجي برادري پنهنجي سماج کان ابتڙ ٿي پنهنجون نياڻيون ۽ پٽن کي پڙهايو، پنهنجي نياڻين ۾ جن ۾ ڀارت ۾ فوت ٿيل لڇمي ڀيل پريا عرف پياري کي تمام گهڻي تعليم ڏياري. سندس نياڻي لڇمي ڀيل ميڊيڪل شعبي ۾ نوڪري ڪئي جڏهن ته ٻي نياڻي پريا عرف پياري پڻ نرسنگ جي ميڊيڪل شعبي ۾ ڊگري هئي اهو ئي سبب هو جو پياري اتي نجي اسپتال ۾ نوڪري پڻ ڪندي هئي. انکان علاوه هن پنهنجي ٻين نياڻين ۽ ٻنهي پٽن کي سنڌ ۾ تعليم ڏياري نه صرف ان پنهجي خاندان کي تعليم ڏياري پر هن سياسي لحاظ کان شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو جي نظرياتي پارٽي عوامي تحريڪ جو ساٿ ڏيندي ان پارٽي۾ ٻارين ٻچين سرگرمي ڪئي. اهوئي سبب هو جو هن جي نياڻي لڇمي ۽ پياري سنڌياڻي تحريڪ ۾ اهم عهدن تي رهيون.
جڏهن ته سندس خاندان سدائين سرگرم رهيو پر 2012ع کان هي ڪٽنب اوچتو منظر عام تان غائب ٿي ويو. آهستي آهستي مرحلن ۾ ڀارت منتقل ٿي ويو. جتي جوڌپور ۾ هن خاندان جي پراسرار نموني فوت ٿيڻجو اطلاع آيو. ڀارتي ميڊيا مطابق ان خاندان خودڪشي ڪئي پڙهيل لکيل خاندان خود ڪشي ڪيئن ٿو ڪري سگهي اهو به هڪ سوال آهي جنهن جو جواب وقت سر ضرور ايندو. جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته ٻڍو ڀيل جا پنهنجي ويجهي عزيز بنجاريو ڀيل سان تڪرارهلندڙ هئا بنجاريو ٻڍي ڀيل جي بچي ويل پٽ ڪيول جو سهرو هو. بنجاريو پنهنجي ڌي جنهن جو نالو دادي هو جنهن کي هن پاڻ روڪيو هو جڏهن ته ڪيول ۽ دادي معصوم ٻارڙا وري پنهنجي ڏاڏي ٻڍي وٽ هئا. ٻڍي ۽ بنجاريو جا پاڻ ۾ اختلاف تيز هئا معاملا ڪورٽن ۾ هلندڙ ھئا ٻئي جوڌپور ۾رهندڙ آهن ٻڍي جي وڏي ڌي مکڻي جو چوڻ آهي ته سندس فوت ٿيل ڀيڻ لڇمي جوڌپورجي ٿاڻن تي درخواستون ڏنيون هيون پر موٽ ۾ کيس ڪوبه انصاف نه مليو.ٻڍي ڀيل جي نياڻي لڇمي ڀيل جي هڪ حيرتناڪ وڊيو هندستاني ميڊيا وسيلي وائرل ٿي آهي
جنهن ۾ لڇمي ڀيل اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ظلمن بعد اسان هندستان آياسين پر هندستان اندر پاڪستان کان به وڌيڪ ظلم جا شڪار ٿياسين، اسان کان اڳ ۾ پاڪستان مان آيل هندن اسان سان ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي هنن اسان کي اغوا ڪرڻ ۽ خاندان کي قتل ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا. 2018ع کان مسلسل ظلم ڪندا رهيا ۽ اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ذهني ٽارچر ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مون هنن ظلمن جون شڪايتون ننڍن آفيسرن کان وٺي ڪورٽن، ڪمشنر ۽ حد جي پوليس ٿاڻي تي شڪايتون ڪيون پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. نيٺ آخر ڪار هنن جي ظلمن مان تنگ ٿي جوڌ پور جي ٻئي علائقي ۾ آياسين پر ظالمن اتي به نه ڇڏيو . لڇمي ڀيل پنهجي وڊيو ۾ نالا وٺندي چيو ته ڪانجي رام، مٺو جي، لکو جي، ڀانو جي ۽ ٻين جي ظلمن کان تنگ ٿي پيا آهيون. هندستاني ٽيوي مطابق لڇمي ڀيل تي الزام آهي ته هن پنهجي 10 گهر ڀاتين کان علاوه پاڻ کي زهريلي سئي هڻي خودڪشي ڪئي. جڏهن ته ٻڍي ڀيل جي سنڌ ۾ موجود وڏي نياڻي مکڻي ڀيل هن وڊيو کي ڪوڙو چئي اهو به چئي رهي آهي ته پوليس اسان جا خون ٻوڙڻ چاهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *