تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ڀاشا ڊيم جو افتتاح، مخالفت ڇو ڪجي ؟

15 جولاءِ 2020ع تي وزيراعظم پاڪستان عمران خان ديا مير ڀاشا ڊيم جي تعميري ڪم جو افتتاح ڪيو جنهن جي خاص ڳالهه اها ٻڌائي وئي ته ان ذريعي 45000 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ 16000 نيون نوڪريون پيدا ٿينديون. هن اهو وڌيڪ به چيو ته هو درياهن تي ٻيا نوان ڊيم به ٺاهيندو ته جيئن سستي پن بجلي پيدا ٿي سگهي. ان کان اڳ ڀاشا ڊيم جو افتتاح نواز شريف 1998ع ۾ ڪيو هو جنهن جو تعلق نواز مسلم ليگ سان هو. تنهن کانپوءِ پ پ جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سال 2011ع ۾ ڀاشا ڊيم جو افتتاح ڪيو هو. انهيءَ ڊيم لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار به چندي مهم هلائي جنهن مان رڳو 9.29 ارب رپيا گڏ ٿيا. اهو وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته سال 2006ع ۾ جنرل پرويز مشرف ۽ شوڪت عزيز به هن ڊيم جو افتتاح ڪيو هو. معنيٰ هن ڊيم سان سڀني سياسي ۽ غير سياسي پارٽين جو واسطو رهيو آهي ۽ ان جي ٺاهڻ جو ڪريدٽ رڳو عمران خان تي نٿو وڃي.
جيئن ئي ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي خبر لڳي ته سنڌ جي ڊيمز مخالف پارٽين انهي ڏس ۾ بيان ڏيڻ شروع ڪيا. عوامي تحريڪ وارن چيو ته “ڀاشا ڊيم سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي” وري اياز لطيف پليجي چيو ته “سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو” اهي بيان ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي پس منظر ۾ هئا. پر ڇا ڀاشا ڊيم به ڪالاباغ ڊيم وانگر سنڌ کي نقصان ڏيندو. اچو ته جائزو وٺون. مان اهو وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته مان ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو سخت مخالف آهيان جو انهيءَ ڪري سنڌ وارن کي سخت نقصان رسندو.
تربيلا ڊيم 1975ع ۾ ٺهيو. اهو هوريان هوريان لٽجي پيو جنهن ڪري سنڌ وارو ربيع جو پاڻي گهٽجي پيو ۽ آڳاٽي خريف ۾ تربيلا ڊيم ٺهڻ کانپوءِ ڊيم ۾ جيڪو پاڻي بچي پوندو هو اهو سنڌ ۾ اپريل جي مهيني ۾ وونئڻن جي پوکي لاءِ ڪم ايندو هو. جيڪو هينئر صفا نٿو بچي. انهن ٻنهي ڳالهين ڪري اپريل ۾ وونئڻن جي پوکي گهٽ ٿئي ٿي ۽ ربيع ۾ به فضل گهٽ ٿين ٿا. انهيءَ گهٽتائي کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ وارن کي هڪ متبادل ڊيم Replacement کپي جيڪو ڀاشا ڊيم ٿي سگهي ٿو.
اهو ٻڌائيندو هلان ته سياستدان ڪڏهن به سڌيون ڳالهيون نه ڪندا آهن. هنن جا بيان سياسي پس منظر ۾ هوندا آهن. هنن جي نظر ۾ سنڌ جا هاري ۽ آبادگار نه هوندا آهن پر پنهنجي سياسي ساک هوندي آهي.
تربيلا جي لٽيل صلاحيت ڪيئن ٺيڪ ٿي سگهي ٿي؟
سال 2017ع ۾ تربيلا ڊيم جي سروي ڪرائي وئي ته ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت گهڻي گهٽي آهي. خبر پئي ته اها صلاحيت 37.5 سيڪڙو گهٽي آهي. سال 1975ع ۾ ٺهڻ وقت اها صلاحيت 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي. 37.5 سيڪڙو گهٽتائي معنيٰ 3.48 ملين ايڪڙ فوٽ. معنيٰ هاڻي اها 5.82 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ڪنهن زماني ۾ تربيلا ڊيم پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم هيو جو منگلا ڊيم جي گنجائش 5.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي. منگلا ڊيم رڳو 15 سيڪڙو لٽيو آهي. معنيٰ ان جي گنجائش رڳو 0.8 ملين ايڪڙ فوٽ گهٽي آهي پر ان کي 40 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ان جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت گهٽجڻ باوجود به 3 ملين ايڪڙ فوٽ وڌي آهي. يعنيٰ اها 7.5 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ان ڪري هاڻي منگلا ڊيم پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم آهي جڏهن ته 1975ع ۾ تربيلا ڊيم پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ڊيم هيو.
هڪڙو طريقو لٽ ڪڍڻ جو اهو آهي ته ڪنهن نموني ۾ اها لٽ مشينن ذريعي درياهه جي پيٽ مان ڪڍي وڃي. انهيءَ ڏس ۾ واپڊا وارن 1998ع ۾ آمريڪي فرم TAMS کان هڪ رپورٽ تيار ڪرائي. انهيءَ ڏس ۾ TAMS وارن ڪجهه صلاحون ڏنيون پر انهن تي تمام گهڻو خرچ اچي ٿو. ٻيو مسئلو اهو آهي ته ڪڍيل مٽي ڪٿي اڇلائجي. ماڻهن کي اهو اندازو ناهي ته اها لٽ ڪيتري آهي ۽ درياهه ۾ ڪيستائين مٿي وڃي ٿي. ڊيم جي سامهون اٽڪل 10 ڪلوميٽر مٿي مٽي جو هڪ دڙو ٺهيل آهي جنهن کي انگريزي ۾ ڊيلٽا چيو وڃي ٿو. جڏهن مان سنڌ جو آبپاشي وارو سيڪريٽري هوس ته مون کي انهيءَ ڊيلٽا بابت شڪ هو ته اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ انهيءَ بابت وڌائي ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون. مون واپڊا وارن کي چيو ته مون کي اهو ڊيلٽا ڏيکاريو. هڪڙي سال مون کي واپڊا وارا لانچ ۾ وٺي ويا. اهو وقت هو جڏهن ڊيم ذري گهٽ خالي هجي ٿو ۽ ڊيلٽا ڏسڻ ۾ اچي ٿو. دڙي سامهون لانچ ايترو لڏڻ لڳي ته لانچ واري چيو ته لانچ ٻڏي سگهي ٿي تنهن ڪري اسان موٽي آياسين. پر مان پنهنجي دڙي ڏسڻ واري ضد تان نه لٿس.
ٻئي سال منهنجي زور ڀرڻ تي هو مون کي هوور ڪرافٽ ۾ وٺي ويا. هوور ڪرافٽ پاڻي مٿان اڏري ٿو. اسان وڃي ڊيلٽا تي لٿاسين. درياهه جي پيٽ ۾، وچ درياهه ۾ اهو واري جو ميدان هو جنهن جي ويڪر ايتري هئي ته ڪرڪيٽ راند کيڏي پئي سگهجي. وري درياهه جي مٿين ڀر جيستائين نظر وئي اهو دڙو مٿي نظر آيو. مون کي ٻڌايو ويو ته اهو 50-60 ميلن تائين مٿي ويل هو. توهان سمجهو ته ايتري لٽ ڪڍڻ تي ڪيترو خرچ ايندو. جڏهن ته ٻنهي پاسي اٽڪل 400 فوٽ اوچا جبل هئا. جڏهن خرچ جي پرواهه نه به ڪجي ته ايتري مٽي ٻاهر ڪٿي اڇلائجي. منهنجي خيال ۾ تربيلا ڊيم جي ڊي سلٽنگ Desilting ممڪن ناهي.
پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ جا ٻيا آپشن:
تربيلا جي لٽجڻ ڪري هڪڙو آپشن ته اهو آهي ته ان جي لٽيل صلاحيت ڀاشا ڊيم ٺاهي پوري ڪجي جيڪو هڪ replacement ڊيم هوندو. انهيءُ کي ڀرڻ جو به ڪو مسئلو نه هوندو ڇو ته تربيلا ڊيم ٻه سال ڇڏي هر سال فل ڀربو هو. ڀاشا ڊيم به هر سال ڀرجي ويندو جو ان جي گنجائش رڳو 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ آهي جڏهن ته تربيلا جي ڀرجڻ جي گنجائش 9.3 ملين ايڪڙ فوٽ هئي. ٻيو آپشن آهي ته مٽي جي واهن کي پڪو ڪري اهو سيمو ٿيندڙ پاڻي بچائجي. پلاننگ ڪميشن جي هڪ رپورٽ مطابق وڏن واهن ۽ برانچ ڪئنالن ۾ اهو سيمو 15 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڊسٽري ۽ مائنرن ۾ اهو سيمو 8 سيڪڙو آهي. ٽيون آپشن آهي واٽرن کي پڪو ڪري انهن مان سيمي جي پاڻي جو زيان روڪجي. جيڪو 30 سيڪڙو هجي ٿو، چوٿون آپشن آهي زمينن کي ليول ڪري اسپرنڪل ۽ ڊرپ وارا پاڻي ڏيڻ جا طريقا اختيار ڪجن. ايئن ڪرڻ سان 30 سيڪڙو پاڻي بچائي سگهبو. مطلب ته واهن ۽ واٽرن کي پڪو ڪرڻ سان سيمي واري پاڻي جو ذيان روڪي سگهجي ٿو. ٻئي پاسي زمينون ليول ڪرڻ ۽ پاڻي ڏيڻ جي نون ذريعن جي استعمال سان به پاڻي بچائي سگهجي ٿو.
مختلف پاڻي بچائڻ وارن آپشنز جي ڀيٽ:
1.ڀاشا ڊيم: هي هڪ متبادل replacement ڊيم هوندو. جيڪو تربيلا ڊيم جي لٽيل صلاحيت کي پورو ڪندو. سنڌ کي انهيءُ جي 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ ذخيري مان 37 سيڪڙو پاڻي ملندو. جيڪو 2.36 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. جيڪو ربيع ۾ خاص طرح ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ڪم ايندو. سنڌو درياهه ۾ هجڻ ڪري اهو پاڻي ڪهڙي پاسي به ورائي سگهجي ٿو. اهو ڊيم هر سال ڀربو. ان تي خرچ وفاقي حڪومت ڪندي. انهيءَ کان مٿي ڪو به واهه نه نڪري سگهندو ۽ تربيلا کان مٿي هجڻ ڪري پختونخوا جي شهر نوشهرا ٻڏڻ جو خطرو نه هوندو ۽ سنڌ کي ڪابل درياهه ۽ ٻين ڪيترين نئين جو پاڻي بنا روڪ ٽوڪ جي ملندو رهندو.
2.واهن ۽ واٽرن کي پڪو ڪرڻ: اهو هڪ سٺو آپشن آهي پر اهو هڪ ڊگهي عرصي وارو ڪم آهي معنيٰ 50-60 سال لڳي ويندا. وري رڳو انهن ايراضين کي فائدو ڏيندو جتي اهي ڪم ٿيندا. مثال طور مان روهڙي ڪئنال کي پڪو ٿو ڪريان ته پاڻي روهڙي ڪئنال تي ئي بچندو. جيڪڏهن ڪو واٽر ٿو پڪو ڪريان ته پاڻي انهيءَ واٽر تي ئي بچندو. مان اهو پاڻي ٻئي هنڌ کڻي وڃي نٿو سگهان. وري انهيءَ تي سڄو خرچ سنڌ حڪومت کي ڀرڻو پوندو.
3.زمين ليول ڪرڻ ۽ ٻنين ۾ پاڻي بچائڻ: اهو به هڪ تمام سٺو ۽ ضروري آپشن آهي. پر اهو به تمام ڊگهي عرصي وارو آپشن آهي. اهو به انهيءَ ايراضي کي فائدو ڏيندو جتي ڪم ٿيندو. انهيءُ لاءِ ليزر مشين جو هجڻ ۽ اسپرنڪلر ۽ ڊرپ ذريعن جو هجڻ ۽ بجلي جو هجڻ ضروري آهي. وري انهيءَ تي سڄو خرچ سنڌ حڪومت کي ڀرڻو پوندو.
4.ننڍا ڊيم ٺاهڻ: اهو رڳو مقامي ايراضين کي فائدو پهچائي ٿو جو پاڻي ٻئي پاسي کڻي نٿو وڃي سگهجي. انهيءَ تي به سڄو خرچ سنڌ حڪومت کي ڀرڻو پوندو.
بهترين آپشن:
منهنجي خيال ۾ سڀني کان سٺو آپشن ڀاشا ڊيم ٺاهڻ آهي.
معاشي مسئلو:
پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار زراعت ۽ انهيءَ سان واسطو رکندڙ صنعتن سان آهي. پاڻي جي گهٽتائي سبب زراعت تي اثر ٿئي ٿو ۽ اها گهٽجي ٿي جنهن ڪري ماڻهن جي روزگار تي اثر پوي ٿو. آڳاٽي خريف ۾ پاڻي جي گهٽتائي ڪري وونئڻ گهٽ پوکيا وڃن ٿا جڏهن ته ربيع ۾ ڪڻڪ جي پوکي گهٽجي ٿي. اهي ٻئي ڳالهيون سنڌ سوڌو سڄي پاڪستان کي نقصان ڏين ٿيون ۽ ماڻهن جي روزگار تي اثر وجهن ٿيون، معنيٰ زرعي معيشت لاءِ پاڻي روزگار جو ذريعو آهي.
سياسي ڌريون ڇو ڀاشا ڊيم جي مخالفت ڪن ٿيون؟ انهن ڌرين جي پس منظر ۾ ڪالا باغ ڊيم آهي جيڪو سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي. اهو ڊيم پنجاب ۾ ٺهي ٿو جنهن ڪري پنجاب وارا ان جي هلائڻ ۾ گڙ ٻڙ ڪندا. ان جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو گنجائش رڳو 6.1 ملين ايڪڙ فوٽ آهي پر ان مان ٻه واهه 8 ملين ايڪڙ فوٽ جا ڪڍيا ويندا معنيٰ ٻه صوبا يعنيٰ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا پنهنجي جائز حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندا جنهن ڪري سنڌ کي نقصان ٿيندو. انهيءَ ۾ ڪابل درياهه ۽ ٻين نين جو به پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو جنهن ڪري سنڌ کي ڪابل درياهه جو پاڻي به روڪبو. انهيءَ ڊيم ڪري خيبرپختونخوا جو شهر نوشهرا ٻڏي ويندو. انهن سڀني ڳالهين ڪري سنڌ وارا ڪالاباغ ڊيم جا مخالف آهن ۽ مان به انهن مخالفن مان هڪ آهيان. پر ڀاشا ڊيم جي صورتحال مختلف آهي. هي ڊيم تربيلا ڊيم جي لٽيل صلاحيت کي برقرار رکندو. هوريان هوريان تربيلا ڊيم لٽجي ٿو پيو. هينئر تائين اهو 37.5 سيڪڙو لٽجي چڪو آهي اهو اڃان لٽبو ۽ سنڌ سوڌو سڀني صوبن جو پاڻي گهٽبو. انهيءَ گهٽيل پاڻي ڪري زراعت گهٽ ٿيندي ۽ ماڻهن جي روزگار تي اثر پوندو.
مخالف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اپيل: منهنجي هڪ ايڪڙ زرعي زمين ناهي نه وري ڀاشا ٺهڻ ڪري مون کي ڪو مالي فائدو ٿيندو پر پاڻي گهٽ اچڻ ڪري غريبن جي روزگار تي لت اچي ٿي ۽ غريب ماڻهو متاثر ٿين ٿا. سياسي پارٽيون ۽ انهن جا اڳواڻ پارٽي جي انا ۽ ساک کي وچ ۾ آڻڻ بدران غريب هارين ۽ آبادگارن جي روزگار کي بچائڻ لاءِ ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڇڏي ڏين ۽ رڳو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪن انهيءَ مخالفت ۾ مان به انهن سان گڏ آهيان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *