تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

چيلهار جي نينگري جو آپگهات ۽ قانون جي ڪمزوري

اسان وٽ قانون جي ڪمزوري ۽ پوليس جي ڪردار سدائين جوابدارن کي ئي فائدو پهچايو آهي، جڏهن ته فريادي سڄي عمر انصاف لاءِ پنڌ ڪندي گذاري ٿا ڇڏين يا وري پنهنجي حياتي تان ئي هٿ کڻي ٿا ڇڏين.پوليس جي جوابدارن سان ڳٺجوڙ ماڻهن لاءِ ڪا واهه ئي نه ڇڏي آهي.جنهن ڪري ڏينهون ڏينهن ماڻهن جو قانون ۽ پوليس تان اعتماد ئي کڄندو ٿو وڃي. ڪيترا ڪيس ٿيڻ باوجود پوليس جي رويئي سبب اڪثر ماڻهو ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ ٿاڻي تي نه ٿا وڃن،گهڻا ماڻهو پنهنجو نقصان برداشت ڪري ٿا وڃن پر پوليس جو رويو انهن کان برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهي.جيڪڏهن ڪنهن همت ڪري ڪيس داخل ڪرايو ته پوليس جوابدارن سان ملي انهي فريادي کي ايترو ته تنگ ڪرڻ شروع ڪندي آهي جو آخرڪار اهو فريادي فرياد تان ئي هٿ کڻڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهندو آهي.
مٿي بيان ڪيل ڳالهين کي چيلهار ڀرسان ٿيل واقعو سو سيڪڙو درست ثابت ڪري رهيو آهي.14 مهينا اڳ اجتمائي لڄالٽ جو شڪار ٿيل نينگري ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جوابدارن جي مسلسل دٻاءُ کان تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي،ڳوٺ دلن جي تڙ ۾ 14 مهينا اڳ ٽن جوابدارن نينگري سان اجتمائي لڄالٽ ڪئي جنهن جو ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل هيا.نينگري جي والد موجب جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رهيا اسان غريب هجڻ ڪري جوابدارن جي ڏمر کان ڊنل هياسين دٻاءُ کان تنگ ٿي منهنجي ڌي کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
اسان جي نظام ۾ قانون هيڻن ۽ ڪمزورن لاءِ ڏڍ ٿيڻ بدران سدائين انهن جي بيوسي بڻجي ويندو آهي جتي بااثر جوابدار پوليس سان گڏجي قانون کي پنهنجي هٿن ۾ ايئن استعمال ڪندا آهن ڄڻ قانون انهن لاءِ رانديڪو بڻيل هجي.مهذب معاشرا اجتمائي لڄالٽ جهڙن وارادتن ۽ واقعن تي دهلجي ويندا آهن پر هتي ته اهڙا واقعا ڄڻ روز جو معمول آهن پوليس جي انهن وارداتن بابت ذهنيت موٽر وي واري سانحي کانپوءِ سي سي پي او جو اهو بيان ظاهر ڪري ٿو جنهن ۾ هو جوابدار بدران متاثر عورت کي ئي ڏوهي سمجهي رهيو هو، اهو ته ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ متو تڏهن هن پنهنجي بيان تي معافي ورتي يا وضاحت ڪئي نه ته اڪثر آفيسر ايئن ئي سوچينداآهن جيئن سي سي پي او ڳالهائي رهيو هو.موٽر وي ڪيس جو مکيه جوابدار اڳ به اهڙي واردات ۾ ملوث هيو پر پوءِ به ڪاٺ ۾ هجڻ بدران آزاد گهمي رهيو هو جنهن ڪري هن کي اهڙي ٻي واردات ڪرڻ جو موقعو مليو جڏهن ته چيلهار واقعي جا جوابدار به ضمانت تي آزاد هيا جنهن ڪري متاثر نينگري ۽ انهن جي وارثن تي دٻاءُ وجهندا رهيا ۽ معصوم متاثر نينگري کي پنهنجي حياتي تان ئي هٿ کڻڻو پيو .ڇا اهي ٻئي واقعا اهو ظاهر نه ٿا ڪن ته اسان وٽ پراسيڪيوشن ڪيڏي ڪمزور آهي جو اهڙن ڏوهن جا جوابدار به آزاد ٿي ٿا وڃن جو وري وڃي ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٿين ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته چيلهار واقعو معمولي نه آهي انهي واقعي مان پوليس جي جوابدارن سان ڳٺجوڙ،پراسيڪيوشن جي ڪمزوري ظاهر ٿي رهي آهي ۽ ماڻهن کي انصاف ملڻ جي اميد ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي جنهن ڪري اهي پنهنجي حياتي ختم ڪرڻ جهڙو انتهائي قدم کڻڻ کان به ٿا نه گهٻرائين .اها پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته نه رڳو ان آپگهات لاءِ مجبور ڪندڙ ماڻهن جي جاچ ڪري انهن کي سزا ڏياري پر اها به جاچ ڪرڻ گهرجي ته اجتمائي لڄالٽ جهڙي ڏوهه جا جوابدار ڪيئن ضمانت تي آزاد ٿي ويا پراسيڪيوشن ۾ ڪٿي ڪمزوري رهجي وئي، پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وقت ڪا راند ته نه کيڏي وئي يا جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري انهن کي فائدو پهچايو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *