Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_epcmhuks79bqgi75sveg0v5rro, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
چيني پنهنجي ملڪي نظام کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar چيني پنهنجي ملڪي نظام کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

چيني پنهنجي ملڪي نظام کي ڪيئن ٿا ڏسن؟

سئٽزرلينڊ جي گادي جي شهر برن ۾ منهنجي هاسٽل جي فلور تي رهندڙ چيني دوست رورز لي جا سندس ملڪ بابت قومپرست سياسي ويچار ڏاڍا پختا ۽ کليل آهن. مون کي هتي سئٽزرلينڊ ۾ رهندي چائنا جي ڪافي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو آهي پر هي دوست جيڪو پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي، سڀني مان تمام گهڻو کليل دماغ ۽ وسيع سياسي سوچ رکندڙ آهي. ڊاڪٽر هوندي هن جي دلچسپي ۽ پختگي سندس سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملن تي ڏاڍي گهري آهي. ڪالهه شام جو اسان جي هاسٽل جي فلور جي گڏيل ڪچن ۽ ميٽنگ روم ۾ رورزلي سان ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. هڪ اينٿراپالاجسٽ طور مون کي هميشه دنيا جي مختلف خطن، ڪلچر ۽ ملڪن جي سماجي، سياسي ۽ معاشي معاملن ۽ ڪاروهنوار بابت ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي اڻ تڻ رهندي آهي، ڇو ته اينٿراپالاجسٽ هميشه ان خيال جا هونداآهن ته ڪنهن به سماج، ڪلچر ۽ ملڪ جي ڄاڻ جو صحيح ۽ سڌو ذريعو اتان جي اندر جي ماڻهو جا ويچار ٿي سگهن ٿا. هي چائنيز دوست رورز لي ان ڪري به دلچسپ لڳو جو هڪ ته هن ۾ دوستاڻو رويو تمام گهڻو آهي ۽ ٻيو ته هي پاڻ به ڳالهين جو ڳهير مڙس آهي. هن ۾ ڄاڻ ونڊڻ جي شعوري قوت گهڻي آهي. اسان اڃان ڪچهري ڪري ئي رهيا هئاسون ته اسان سان گڏ ساڳي فلور تي رهندڙ آفريڪي ملڪ اريٽيريا جو دوست به اچي شامل ٿيو، هي دوست هتي برن يونيورسٽي ۾ علم ماحوليات ۽ موسميات جي موضوع تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ هو پنهنجي ملڪ اريٽيريا ۾ گذريل هڪ صدي دوران آيل برساتن جي تبديلي کي ڏسي رهيو آهي.
خير مان ۽ رورز لي گفتگو آمريڪا ۽ چائنا وچ ۾ واپاري ٽڪراءُ واري بحث کان شروع ڪئي. روزر لي پنهنجي چيني قومپرست ويچارن کي اهڙي ته دلچسپ انداز سان اظهاريو ته “هو بس ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏاڍو پسند ڪري ٿو”. مان سندس ان خيال تي حيراني سان کيس ڏسڻ لڳس ۽ پڇيم ته سو ڀلا ڪيئن؟ ته هن جواب ڏنو ته ٽرمپ جون چائنا مخالف آمريڪي پاليسيون چائنا کي هڪ عالمي طاقت طور اڀارڻ ۾ مدد ڪري رهيون آهن. ٻين لفظن ۾ هن جو مطلب هو ته ٽرمپ جي هوندي آمريڪا جي تباهي ۽ چائنا جو سياسي معاشي اڀار جو مقصد حل ٿي رهيو آهي. ڪچهري دوران رورز لي ايشيا ۾ مذهبن جي بحث طرف هليو ويو. ان حوالي سان هو ان پختي خيال جو آهي ته چيني سماج ۽ ماڻهو مذهب ۾ بلڪل به يقين نٿا رکن، بلڪه چيني ماڻهو زندگي جي حقيقت پسند رخ ۽ نظرئي ۾ يقين رکن ٿا ۽ مذهب هنن لاءِ حقيقت پسندي ناهي. رورز لي ٻڌايو ته چيني ماڻهن وٽ مذهب جي اهميت ايتري آهي ته جڏهن ڪنهن شاگرد کي امتحان ۾ وڌيڪ مارڪون کڻڻ يا پاس ٿيڻو هوندو آهي ته هو ڪنهن مندر وغيره ۾ وڃي سوال ۽ باس باسيندا آهن ۽ جڏهن باس پوري ٿيندي اٿن ته اتي پئسا وغيره رکي ايندا آهن. باقي دنيا جي منظم مذهبي عبادتن ۽ رسمن وارن خفن ۾ ناهن پوندا. چيني سماج جي تاريخي سماجي سياسي شعور، ڏاهپ ۽ ادارا سازي ۾ ڪنفيوشس جو تمام اهم ۽ اڻ مٽ نالو آهي. مون رورز لي کان ڪنفيوشس بابت ڄاڻڻ چاهيو. ڇا چيني سماج ۾ ڪنفيوشس کي هڪ مذهب جو رتبو حاصل آهي.؟ جنهن تي هن جو جواب هو ته بلڪل به نه، هن جو خيال آهي ته ڪنفيوشنزم کي جهڙي طرح مغرب ۾ ڪجهه ماڻهو مذهب ڪري پيش ڪن ٿا، اهو سراسر غلط آهي. بلڪه ڪنفيوشس چيني سماج جي تاريخ جو هڪ سماجي سياسي، ڏاهو، مفڪر هو. جنهن چيني سماج ۽ رياست کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . رورز لي جو خيال آهي ته ڪنفيوشس جا ويچار چيني سماج ۽ بادشاهت کي متحد ڪرڻ ۾ بنياد فراهم ڪندڙ رهيا آهن. مثال طور ڪنفيوشس جا اهي خيال ته والدين ۽ وڏن جي هر حال ۾ فرمانبرداري ۽ تحفظ ڪرڻ گهرجي، چين جي ان دور جي زرعي سماج کي استحڪام ڏيڻ ۽ خاص ڪري حڪمران بادشاهه طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ چين جي بادشاهتي نظام کي رياستي شڪل ڏني، جنهن بادشاهه کي رياست جي وڏي هجڻ جي حيثيت ۾ مضبوط ڪرڻ واسطي سياسي خيال کي پختو ڪيو ۽ چيني رياست کي متحد ڪيو پر رورز لي جو اهو به خيال آهي ته چين جي جديد سماجي ۽ رياست ۾ ڪنفيوشس جي ويچارن ۽ تعليمات کي مڪمل طور تي هاڻي نٿو کنيو وڃي. مثال طور ڪنفيوشس جي روايت پسند خيالن والدين ۽ وڏن جي فرمانبرداري جي هر حال ۾ تحفظ جي حوالي سان، خاندان/ سماج ۾ مردن طرفان عورتن تي غلبي ۽ حڪمراني جي تصور کي رد ڪيو وڃي ٿو ڇو ته اڄ اهو قابل قبول خيال ناهي رهيو. روزر لي پنهنجي چيني قومپرست سياسي خيالن ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي سسٽم جو وڏو محافظ آهي. هن جو خيال آهي ته آمريڪا ۾ جيئن هر شيءَ سرمائيداري نظام ۽ سرمائيدار ، سياستدان فرد ۽ ڪمپنيون هلائين ٿا. ان جي ابتڙ چين ۾ واپاري، معاشي ڪمپنيون ۽ فرد چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنٽرول ۾ آهن ۽ ڪو به ان کان مٿانهون ناهي. جيئن آمريڪا ۾ ڪا به سرمائيدار ڪمپني، ادارا ۽ فرد اڪيلي سر رياست کان مٿانهان ٿي ان تي اثرانداز ٿين ٿا. چين ۾ اقتصاديات، بزنس کي چيني قومي ادارا ۽ پارٽي مڪمل ڪنٽرول هيٺ رکن ٿا. پوءِ اها هٿيارن ٺاهڻ جي ڪمپني هجي. تماڪ ٺاهڻ جي ڪمپني يا اميزون طرز تي ٺهيل عالمي چيني سرمائيدار سيٺ جي ڪمپني علي بابا ڇو نه هجي سڀ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنٽرول هيٺ رهن ٿا ۽ الڳ سان انهن جا مالڪ سرمائيدار چائنا جي سياست ۽ رياست تي اثرانداز يا هائيجيڪ ڪرڻ جو سوچي به نٿا سگهن.
رورز لي کان مون چين ۾ انساني حقن جي پائمالي جي معاملي تي مغربي سياسي حلقن طرفان ٿيندڙ تنقيد بابت معلوم ڪرڻ چاهيو. جنهن تي هن مضبوط يعني قومپرستاڻو موقف ڏنو. لي ٻڌايو ته ان جو ثبوت توهان کي ڪورونا وبا کي جهڙي طرح چيني حڪومت انساني جانين کي بچائڻ جي اوليت کي سامهون رکي منهن ڏنو ان مان ملي ويندو. رورز لي جو خيال آهي ته آمريڪا جو سرمائيداراڻو نظام جنهن پنهنجي شهرين کي ڪورونا وبا ۾ بي يارومددگار ڇڏي ڏنو اهو چائنا لاءِ چئي رهيو آهي ته اتي انساني حقن جو خيال نٿو رکيو وڃي. جڏهن ته چائنا ۾ وبا دوران حڪومت ترجيحي بنيادن تي جيڪا انساني تحفظ لاءِ سيڙپڪاري ۽ سرگرمي ڪئي ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي جو صرف اتي چار هزار کان مٿي موت نه ٿيا. جڏهن ته آمريڪا ۾ هڪ لک کان مٿي ماڻهو مري چڪا آهن. آمريڪا وبا دوران پنهنجي شهرين کي ڌنڌو دڪان ۽ معاشي سرگرمي کولڻ لاءِ چئي رهي آهي ڇو ته آمريڪا جو سرمائيداراڻو مفاد وڌيڪ وقت لاءِ معاشي سرگرمي بند نٿو ڪري سگهي پوءِ ڀلي ان جي قيمت انساني جانين کي ڇو نه ڏيڻي پوي. پر جڏهن ته چائنا پنهنجي شهرين کي ڪڏهن به وبا جي موتمار حالت ۾ معاشي سرگرمي بحال ڪرڻ لاءِ مجبور ناهي ڪيو بلڪه لکين ماڻهن کي ووهان صوبي ۾ هر شيءَ ۽ سهولت مهيا ڪئي وئي. ان ڪري چيني حڪومت جي ذميواري انساني حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا جي سامهون آهي ته ڪيئن اتي انساني جانين کي بچائڻ سڀ کان وڏي ترجيح رهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته چين جي ڪميونسٽ سينٽرل پارٽي سسٽم ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جو ماڻهن جي جان بچائڻ لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.

One Response to چيني پنهنجي ملڪي نظام کي ڪيئن ٿا ڏسن؟

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *