تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

چيني گهرجن جو پاڪستاني زراعت مقابلو ڪري سگهندي ؟

ڪنهن زماني ۾ پورچوگيزين ۽ ڊچ واپارين جي گرم مصالحن جي ڪاروبار جي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ لاءِ انگريزن ايسٽ انڊيا ڪمپني جوڙي هندستان جو سفر شروع ڪيو. اها واپاري ڪمپني هندستان جي رياستن جي راجائن سان واپاري معاهدا ڪجهه اهڙي قسم جا ڪندي وئي جو آهستي آهستي واپاري ڪوٺين جي تحفظ لاءِ رکيل هٿياربندن جو نه رڳو تعداد وڌندو رهيو، پر انهن جا اختيار به وڌندا ويا. نيٺ معاملو وڃي اتي پهتو جو ننڍي کنڊ جي مڪمل حڪمراني برطانيا جي بادشاهي راڄ جو حصو بڻجي وئي . انهي سموري عمل ۾ وقت ڪيترو لڳوهوندو ڪي چند سال! پر ننڍي کنڊ مان انگريزن جي راڄ کي ختم ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ هڪ صدي لڳي وئي. تفصيل سان جي انهي ماضي تي غور ڪجي ٿو خبر پوي ٿي ته ڪجهه اسان جي راجائن جا اندروني هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ هئا ڪي عداوتون هيون ڪجهه لالچي هئا ڪي عياش هئا ڪي بزدل هئا مطلب ڪي نه ڪي سبب هئا جنهن جي ڪري سندن رياستن جو اختيار ايسٽ انڊيا ڪمپني جي معرفت برطانيا جي راڄ جو حصو بڻجي ويو. ڪي وڙهيا شهيد ٿيا وطن لاءِ جان جو نذرانو به ڏنائون پر پوءِ به وطن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
اهو ته دور پراڻو هو جنهن ۾ ننڍين ننڍين رياستن جي راجائن جي اعمالن ۽ افعالن سبب سندن راڄ ويا پر اڄ جي دور ۾ ته هر عام خاص اها سمجهه رکي ٿو ته ذاتي مفاد ڪهڙا آهن قومي مفاد ڪهڙا آهن. ڪنهن به قوم جا اجتماعي مفاد ڪهڙا آهن ته انهن جي هر فرد جا انفرادي مفاد ڪهڙا آهن. گروهي مفاد ڪهڙا آهن ته ڪاروباري مفاد ڪهڙا آهن. اهڙن ئي مفادن جي پيش نظر اسان جو دوست ملڪ جنهن سان هماليا کان مضبوط ۽ سمنڊ کان گهرا تعلقات هجڻ جي دعوا ڪئي ٿي وڃي جو جائزو وٺڻ لازمي آهي. چين دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ڏيڍ ارب جي آبادي جي کاڌ خوراڪ جي پورائي لاءِ چين 2017ع ۾ ٻاهرين ملڪن کان 105 ارب آمريڪي ڊالر جو اناج خريد ڪيو. کاڌ خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق چين جي 8.6 سيڪڙو آبادي کي صحتمند کاڌو ميسر ڪونهي. اهو ساڳيو انگ 2000ع ۾ 16 سيڪڙو کان مٿي هيو. مطلب ته چين پنهنجي ملڪ جي سموري آبادي کي صحتمند انساني ضرورت جي کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ تيزي سان رٿا بندي ڪري رهيو آهي. جيتري گهرج پوري ڪرڻ لاءِ رٿا بندي ڪئي وڃي ٿي اوتري آبادي جي واڌ سبب سندن گهرج پڻ وڌندي رهي ٿي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ چين جي اناج جي گهرج ٽيڻ تي وڌي چڪي آهي. انهي مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چين ۾ هر ڏهن سالن ۾ اناج جي گهرج ٻيڻي ٿيندي رهي ٿي. جنهن جي پورائي لاءِ چين کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان انهي جي پورت ڪرڻ لاءِ ڪا رٿا ڪرڻي پوي ٿي. نه رڳو اناج پر گوشت کير وغيره يعني لائيو اسٽاڪ جي گهرج به ايتري ئي تيزي سان وڌندي رهي ٿي. هڪ اندازي موجب چين جي في فرد 2018ع ۾ 84.9 ڪلو گرام گوشت جو استعمال ڪيو. جيئن جيئن چين جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي اوتري ئي تيزي سان اتي جي ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جي ضرورت ۾ واڌ ايندي ٿي رهي. هڪ آبادي جي واڌ ٻيو معيشت جو بهتر ٿيڻ اهو ٻڌائي رهيا آهن ته چين جي ايتري وڏي آبادي جي خوراڪ لاءِ لائيو اسٽاڪ جي پيداوار وڌائڻ يا انهي جو جوڳو بندوبست ڪرڻ به چين جي حڪمرانن جي اهم رٿا ۾ شامل هوندو.
چين جي انهي کاڌ خوراڪ جي تيزي سان وڌندڙ گهرج سبب چين جي سرڪار کي جيڪي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن انهن ۾ سڀ کان وڏو چئلينج آهي پئداوار يا اپت لائق زرعي زمين جو هجڻ. چين جي في ڪس آبادي جي لاءِ 0.21 ايڪڙ زمين صرف پوکي جي لائق آهي. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن چين پنهنجي ملڪ جي سموري پوکي لائق زمين کي زرعي اپت لائق بڻائي به وجهي ته به ان جي اناج جي ضرورت انهي زمين جي پيداوار مان ڪونه پوري ٿي سگهندي. صحتمند زرعي پيداواري ملڪن جي شرح ۾ چين 56 نمبر تي آهي جڏهن ته صحتمند خوراڪ جي عالمي شرح ۾ 24 نمبر تي آهي. انهي مان پڻ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته چين جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج صحتمند خوراڪ ۽ صحتمند زرعي پيداوار آهي 2019ع جي انگن اکرن موجب گلوبل فوڊ انڊيڪس ۾ چين 38 نمبر تي هيو. انهن سڀني انگن اکرن کي ڏسندي چائنا جي سرڪار پنهنجي ماڻهن کي صحتمند خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ جي لاءِ هڪ عالمي سطح جي رٿا بندي جوڙي جنهن کي نالو ڏنو ون بيلٽ ون روڊ. انهي رٿا جا ٻين ملڪن کي نظر ايندڙ ته منصوبا ڪي روڊ ۽ صنعتن جي ڄار وڇائڻ جا نظر ايندا هجن، پر چين جي سرڪار جي ڏور رس رٿا جي تحت انهي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جو اصل مقصد پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي صحتمند ۽ گهرج مطابق کاڌ خوراڪ جا وسيلا پيدا ڪري ڏيڻ آهي.
هڪڙي وڏي وقت کان وٺي چائنا پنهنجي صنعتي پيداوار کي وڌائيندو رهيو ۽ ڪيترين ئي صنعتن کي سستي مزدور جي هجڻ ڪري يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن مان چين ۾ کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو آهي پر انهي سموري واڌ ويجهه سان ملڪ جي ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جي گهرج پوري نه ڪري سگهيو، ويتر ملڪي ماڻهن ۾ خوشحالي اچڻ سبب انهي جي گهرج ۾ تيزي سان واڌ اچڻ لڳي آهي. هاڻي چين انهي رٿا تي عمل پيرا آهي ته ڪهڙن ملڪن مان ڪهڙي زرعي پيداوار ۽ لائيو اسٽاڪ جي گهرج پوري ڪري سگهي ٿو. پاڪستان به انهن ملڪن منجهان هڪ آهي جنهن تي چين جي نظر آهي ته ڪيئن هتي جي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ مان جديد طريقي سان فارمنگ ڪري پيداوار پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي صحتمند زندگي جي گهرج پوري ڪري سگهي. چين جي سستي مزدور ۽تيز ترين پيداوار سان گڏوگڏ سستي اگهه تي شيون دنيا جي مارڪيٽ ۾ مهيا ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ملڪن جي صنعت بند ٿي وئي. نه رڳو انڊيا ۽ پاڪستان جهڙا ملڪ پر ترقي يافتا ملڪ به مقامي صنعت کي چين جي پيداوار جي مقابلي ۾ زنده نه رکي سگهيا ۽ اهي صنعتون غير منافعي بخش هجڻ ڪري بند ٿي ويون، پاڪستان جي چمڙي جي صنعت انهيءَ جوهڪ اهم مثال آهي، ڪجهه سالن جو رڳو پاڪستان جي اندر هائبرڊ ٻجن جو جيڪڏهن جائزو وٺون ته انهن چين جي ٻجن مقامي ٻج جي پيداوار کي ويهاري ڇڏيو آهي. مٿان وري جيڪڏهن پاڪستان ۾ چائنا جديد طرز تي ميگا زرعي فارم لڳايا يا ميگا لائيو اسٽاڪ جا فارم لڳايا ته جيڪو چند سئو ايڪڙن جو زميندار يا ڏهن ٻارنهن ايڪڙن جو مالڪ هاري آهي اهو پنهنجي زرعي ڪرت مان هٿ کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو.
موجوده وقت ۾ ئي جڏهن زرعي دوائن ٻج ڀاڻ جي خرچن جو پورائو پيداوار جي اگهه نه ملڻ ڪري ممڪن نه پيو ٿئي ته جيڪڏهن روايتي زراعت ڪندڙ جي مقابلي ۾ جديد طرز سان چين ميدان ۾ لٿو ته اسان جو هاري يا زميندار انهي جو مقابلو ڪٿان ڪري سگهندو؟ نتيجي ۾ هي ملڪ جنهن جي معيشت زراعت تي بيٺل آهي ۽ هتي جو اڪثر زرعي اپت ڏيندڙ جڏهن پنهنجي ڪرت کان ايئن ئي فارغ ٿي ويندو جهڙي طرح ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اچڻ بعد مقامي ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت وارو فارغ ٿي ويو هو ته پوءِ هن دور ۾ اسانجي ماڻهن جي زندگي جو ڇا ٿيندو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *