تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڇا اسٽيبلشمينٽ کي پوئتي هٽڻو پوندو!؟

اهو ضد آهي ته وزيراعظم عمران خان ئي حڪومت ۾ رهي؟ يا حڪمرانن وٽ ٻيو ڪو آپشن ڪونهي؟ جيئن وزيراعظم عمران خان ڪجهه مهينا اڳ چيو هو. سياسي مارڪيٽ ۾ چوٻول آهي ته ملڪ جون سموريون مک پارٽيون هڪڙي پاسي آهن ته وري تحريڪ انصاف جي حڪومت يا حڪمران ٻئي پاسي آهي. اصل ڳالهه عمران خان جو وزيراعظم هجڻ يا نه هجڻ نٿو لڳي، جيئن گهڻ جماعتي ڪانفرنس به موقف اختيار ڪيو آهي، بلڪه داخلي توڙي پرڏيهي پاليسيون آهن ۽ خود دعويٰ به ته فيصلي سازي پارليامينٽ اندر پارلياماني ڌريون ڪن يا پارليامينٽ کان ٻاهر غير سياسي ڌريون ڪن. ان صورتحال کي هڪ طرح ايئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته خود حڪمران طبقن جي اندروني ويڙهه وڌي وئي آهي. اهي طبقا هڪ ٻئي کي ايڊجسٽ ڪرڻ يا جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ايڊجسٽمينٽ نه هجڻ جي نتيجي ۾ پارليامينٽ ۾ بحث نٿو ٿئي، مشاورت به نٿي ٿئي. اها ڳالهه گهڻو اڳتي وڌي وڃي اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳائڻ تائين هلي وڃي ٿي.
گهڻ جماعتي ڪانفرنس پارليامينٽ جي بالادستي، چونڊن بابت توڙي ملڪ جي اهم ادارن بابت سوال اٿاري جيڪو موقف رکيو اهو گهڻو سگهارو هو. ان ۾ ٽن ڳالهين وڏي سگهه پيدا ڪئي. پهرين اها ته ميزباني پيپلزپارٽي ڪئي، جيڪا ماضي جي حڪمران جماعت ۽ مزاحمتي سياست جو اهڃاڻ رهي آهي. ٻي ڳالهه اها ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي وڏي پارٽي ۽ اقتدار جي ساهمي ۾ وڏو وزن رکندڙ صوبي پنجاب جي مقبول جماعت نواز ليگ سڀني کان وڌيڪ چٽو ۽ سخت موقف رکيو. ٽئين اها ڳالهه ته مولانا فضل الرحمان جي ڀرپور شرڪت جنهن جو تعلق خيبرپختونخوا سان آهي ۽ وٽس احتجاج ۽ ڌرڻن لاءِ طاقت موجود آهي جنهن جو هو اظهار ڪري چڪو آهي. گهڻ پارٽي ڪانفرنس ايڏيون لهرون پيدا ڪيون جو ان جي ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ محمد زبير جي ملاقات کي سامهون آندو ويو. ملاقات جيڪا ٻه اڍائي هفتا اڳ ٿي هئي. ان جو باقاعده اظهار اي پي سي کانپوءِ ڪيو ويو. رڳو ايترو ئي نه پر ڪن وفاقي وزيرن طرفان نواز شريف جي تقرير ۽ اي پي سي جي موقف کي ملڪ دشمني سڏڻ شروع ڪيوويو. بظاهر لڳي ٿو ته ملاقاتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ اهو ٻڌائڻ ته اهم اداري جو سياسي معاملن ۾ ڪجهه نه وڃي. سياسي ٻولي ۾ جوابي حملو آهي. جيئن ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته تحريڪ هلائيندڙ هڪ پاسي تحريڪ هلائڻ ۽ ماڻهن کي روڊن تي آڻڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻئي پاسي پردي جي پويان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ انهن ساڳين ماڻهن سان گڏ ويٺا آهن جن جي خلاف تحريڪ هلائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. ڏٺو وڃي ته اهڙي سرگرمي ڪا نئين ڳالهه ناهي. جڏهن به ڪا تحريڪ هلائڻ جو اعلان ٿيندو آهي ته ان وقت حڪومت ٻه ڪم ڪندي آهي، هڪ اهو ته ڪنهن طرح سان تحريڪ هلائيندڙ اتحاد ۾ اختلاف ۽ غلط فهميون پيدا ڪري انهن ۾ ڏڦيڙ وجهي. ٻيو اهو ته خود ان تحريڪ ۽ ان جي محرڪن کي بدنام ڪري ته جيئن عوام وٽان کين مڃتا ۽ موٽ نه ملي سگهي. پاڪستان جي سياست تي نظر رکندڙن کي ياد هوندو ته 1981ع ۾ جڏهن ايم آر ڊي ٺهي ۽ مارچ ۾ ان تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته اوچتو پي آءِ اي جو جهاز اغوا ٿيڻ جو واقعو ٿيو. نتيجي ۾ ايم آر ڊي کي پوئتي هٽڻو پيو. گرفتاريون ٿيون ۽ هڪ ڏهڪاءَ واري صورتحال پيدا ٿي پر جيئن ته جنرل ضياءُالحق جمهوريت جي بحالي توڙي سياسي ڌرين کي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه هو ان پنهنجون پاليسيون ۽ڏاڍ جاري رکيو. نتيجي ۾ ٿيو ايئن جو تحريڪ ته هلي پر تحريڪ کي اٿڻ ۾ ٻه سال لڳي ويا ۽ اها آگسٽ 83ع ۾ شروع ٿي. ڪنهن حڪومت خلاف مهم هلائڻ ۽ تحريڪ هلائڻ ۾ فرق آهي. حڪومت خلاف مهم پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر لابنگ ذريعي هلائي ويندي آهي. تحريڪ جو مطلب آهي ته عام ماڻهن کي ان ۾ شامل ڪرڻ. ڪنهن حڪومت خلاف هلايل مهم جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڪا مخصوص پارٽي حڪومت ۾ اچي. جيئن 90ع واري ڏهاڪي ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جي حڪومتن خلاف ڪنديون رهيون. ان جي ڀيٽ ۾ ايوب خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جنرل ضياءَ جي خلاف هليل مهمون تحريڪون هيون جن جي پويان اهو مقصد نه هو ته ڪهڙي پارٽي يا ڪهڙو ماڻهو حڪومت ۾ اچي. ان ڳالهه جو فيصلو پوءِ ٿيندو آهي. ڀٽي جي حڪومت کي هٽائڻ وارو معاملو ڪجهه مختلف ٿي سگهي ٿو. پر ان ۾ به ٿيو ايئن جو تحريڪ هلائيندڙ جماعتون حڪومت ۾ نه اچي سگهيون. تحريڪ تڏهن هلائي ويندي آهي جڏهن ملڪ جي عام راءِ توڙي مک سياسي ڌريون يڪراءِ هونديون آهن ته هلندڙ حڪومت توڙي نظام تبديل ٿئي پوءِ کڻي حڪومت ۾ ڪير به اچي. موجوده حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي معاملي تي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي تيستائين سهمت ٿي هڪ حڪمت عملي تي نه اچي سگهيون جيستائين انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي اقتدار ۾ جڳهه ملڻ جي لالچ يا ان تي ٻي پارٽي جو شڪ هو. جڏهن اهو شڪ دور ٿيو ته اي پي سي ڪوٺائي وئي ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ٺاهي وئي. خيال آهي ته ان سڄي معاملي تي آخري فيصلو شهباز شريف جي ڪراچي ۾ اچي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي بابت شڪ دور ڪيا ۽ اي پي سي ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مشرف پنهنجي دور ۾ جڏهن آپيشاهي ڏي وڌڻ لڳو ۽ سياسي ڌرين کي پاسيرو ڪري حڪومت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تحريڪ نه هلي هئي. ان جي بدران بينظير ڀٽو لنڊن ۾ سياسي پارٽين سان ويهي چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون. جنهن جو مطلب هو ته حڪومت هلائڻ پارليامينٽ ۽ سياسي ڌرين جو ڪم آهي. ان چارٽر آف ڊيموڪريسي جي نتيجي ۾ مشرف آمريڪا جي ذريعي بينظير ڀٽو سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ٿيو. بعد ۾ ڇا ٿيو ان جا احوال ڪنهن ٻئي ڀيري ڪبو. پر هتي واسطيدار ڳالهه اها آهي ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ٿيل نه هجي ها ته مشرف ڳالهين لاءِ تيار نه ٿئي ها.
هاڻي اچون ٿا موجوده صورتحال تي. اڄوڪين حالتن ۾ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جو رول فيصلا ڪن ٿيندو. نواز ليگ جو رول ان ڪري اهم آهي جو هن جو تعلق پنجاب سان آهي جيڪو صوبو اقتدار جو بيس آهي. هو اتي سياسي مقبوليت رکي ٿو. جهڙي طرح سان سمورين ڪوششن ۽ غلطين جي باوجود پيپلزپارٽي کي سنڌ مان نيڪالي نه پئي ڏئي سگهجي، ساڳي صورتحال هاڻي نواز ليگ جي پنجاب ۾ آهي. سوال اهو آهي ته ڇا نواز ليگ پنهنجي اهڙي سخت موقف تي بيهندي يا ڊيل ڪندي؟ ان ڳالهه جو امڪان گهٽ آهي ته ڪا ڊيل ٿئي. نواز شريف کي سزا لڳل آهي. هو ملڪ کان ٻاهر آهي. ان ڳالهه جو تمام گهٽ امڪان آهي ته حڪومت ڪنهن طرح سان نواز شريف کي واپس ملڪ آڻي سگهي ۽ کيس سزا ڪاٽڻ لاءِ قيد ڪري سگهي. شهباز شريف، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي توڙي ملڪ اندر باقي ليڊرشپ تي ڪيس هلندا رهندا، گرميون سرديون اينديون رهنديون، ان ڳالهه بابت هاڻي اهي اڳواڻ عادي ٿي چڪا آهن. کين خبر آهي ته پنجاب م سياسي توڙي هر سياسي سطح تي انهن کي ايتري حمايت حاصل آهي جو مٿن ان کان وڌيڪ ڏکيو وقت نه ايندو. رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي، ته اها ته ڪيسن ۽ قيدين جي عادي ٿي چڪي آهي. ان سان به جيڪڏهن ڊيل ڪندا ته ڪهڙي ڪندا؟ وڌ ۾ وڌ اهو ته سنڌ حڪومت کانئس کسي وٺن ان جو اظهار بلاول ڀٽو ڪري چڪو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پر اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اهو سودو ڳرو ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ جو پيپلزپارٽي پنهنجو جيڪو قوم پرستانا رنگ بيهاريو آهي ان جي نتيجي ۾ اها سياسي طور وڌيڪ مضبوط ٿيندي. پيپلزپارٽي لاءِ جيڪا چمڪ ۽ ڊيل ٿي سگهي ٿي سا اها ته ان کي وفاق ۾ حڪومت ڏني وڃي. اهڙي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي پاليسين ۽ ڪجهه ٻين فيصلن کان پوئتي هٽڻو پوندو. ڇاڪاڻ جو اهو ان ڳالهه جو اقرار هوندو ته عمران خان کي حڪومت ۾ آڻڻ وارو فيصلو صحيح نه هو. ڇا اسٽيبلشمينٽ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويندي؟ ان سوال جي جواب ۾ ئي اصل ڳالهه سمايل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *