Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_n6icsvlci4t7ns3i2i6a4dh8df, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڇا سنڌ حڪومت داءُ تي آ؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڇا سنڌ حڪومت داءُ تي آ؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڇا سنڌ حڪومت داءُ تي آ؟

پي ڊي ايم جي تحريڪ جيئن جيئن قدم وڌائيندي اڳتي ٿي وڌي ته اوتري ئي عمران خان ۽ سندس حڪومت جو پارو چڙهندو ٿو وڃي نه رڳو هو غصي ۾ اچي پيو پر ان جي ڪيفيت اهڙي نظر ٿي اچي جو وس پڃيس ته پي ڊي ايم جي پوري قيادت کي چيڀاٽي ۽ نپوڙي ڇڏي. هو غصي جي ان حد تائين پهتو جو پي ڊي ايم جي پهرين جلسي کان پوءِ پنهنجي ٺاهيل ٽائيگر فورس کي خطاب ڪندي 95 سيڪڙو تقرير اپوزيشن جي خلاف ڪئي، انهيءَ ۾ هن اهو به خيال نه رکيو ته هو جن کي بچائڻ جي لاءِ باربار دليل ڏيندو آهي انهن جي خلاف ئي 164 ڪري رهيو آهي ، يعني خواجه آصف تي تنقيد ڪندي انتهائي ڪروڌ مان چئي ڏنو ته 2018ع جي اليڪشن واري رات خواجه آصف روئيندي جنرل باوجوا کي ٽيليفون تي منٿون ڪيون ۽ چياسين ته جنرل صاحب مان هارائي رهيو آهيان خدا جي واسطي منهنجي مدد ڪيو….. هن اهوبه نه سوچيو ته ملڪ جو وزير اعظم ڪهڙي تنقيد ڪندي ڪهڙي شاهدي ڏئي رهيو آهي ، يعني هن اهو صاف لفظن ۾ چيو ته جنرل صاحب اليڪشن ۾ سڌيءَ طرح سان اثر انداز ٿي رهيو هو تڏهن ته ڪراچيءَ جي جلسي ۾ مولانا فضل الرحمٰن طنزيه جملو ڳالهائيندي چيو هو ته “ انهن کي اهو ضرور سوچڻ گھرجي ته نادان دوست ڪيترو نقصان پهچائي سگھي ٿو اسان جيڪڏهن شڪايت ڪيون ٿا ته اسان اپوزيشن ۾ آهيون پر ملڪ جو وزير اعظم اعتراف ڪري ۽جنرل صاحب تي مداخلت جي شاهدي ڏي ته پوءِ ان کي ڪهڙو نالو ڏجي” عمران خان رڳو اهو نه چيو هو پر ان تقرير ۾ هو کاڏيءَ تي هٿ ڦيريندي ڌمڪي به ڏيندو رهيو ته هاڻي هو ٻيو عمران خان ڏسندا، يعني اهڙو عمران خان جيڪو هنن پهريان ڪڏهن نه ڏٺو هو، ممڪن آهي ته عمران خان جي ذهن ۾ مخالف تحريڪ کي ۽ مخالف ڌر کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ جو ڪو اهڙو پلان يا منصوبو هجي جنهن جو ڏيک پهريان آمريتن جي دور ۾ به نظر نه آيو هجي پر اسان جي وزير اعظم جي ڌمڪي جيل جي سختين کان اڳتي وڌي نه سگھي ليڪن پاڻ سڀئي امڪان آڏو رکي سگھون ٿا. دنيا جي اندر جيئن خدمت ۽ فلاحي ڪمن ۾ نواڻ ۽ واڌارا ايندا ٿا رهن جهڙيءَ طرح سائنس جي دنيا ۾ روز به روز ترقي ۽ ايجادات جو سلسلو جاري آهي ڪيتريون ئي ايجادون اهڙيون اڳيان اچن ٿيون جو ڏسندي ماڻهو دنگ رهجيو وڃي، بلڪل اهڙيءَ طرح سازشن ۽ تشدد ۾ به واڌارا ۽ نواڻ ايندي رهي آهي تشدد جي تاريخ انساني جسم جي اذيتن کان قتل تائين نون نون خوفناڪ طريقن سان ڀري پئي آهي نه رڳو جسماني اذيت ۽ قتل پر نفسياتي حرڪتون .اذيتون ۽ ٽارچر آمريت جي ناخدائن اهڙا ايجاد ڪيا آهن جو ماهر نفسيات به پريشان ٿي وڃي ٿا گھڻو وقت اڳ هڪ انگريزي فلم “ برين واش ” هالي ووڊ وارن تيار ڪئي جنهن ۾ اليڪشن ٿيندي ڏيکاري وئي آهي.
ان اليڪشن ۾ سازش ۽ ڌانڌلي ڪري فاشست سوچ رکندڙ پارٽي اليڪشن کٽي ٿي وڃي، هارائيندڙ ڊيموڪريٽ پارٽيءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سندس پوري قيادت کي گرفتار ڪري هڪڙي ٻيٽ ۾ قيد ۾ رکندي ۽ انهن تي ٽارچر ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي پارٽيءَ جو ليڊر ڪيتري ئي عرصي کان ٽارچر ۾ رهندي پنهنجو ذهني توازن وڃائي ٿو ويهي هن کي ڪجھه به ياد نٿو رهي ته هو ڪير آهي هن جو ڪنهن سان ڪهڙو تعلق آهي هن جو ماضي ڇا هيو هو سڀ ڪجھه وساري خاموشيءَ سان رهي ٿو. ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ سندس زال کي ملاقات جي اجازت ملي ٿي، هو تحفي ۾ پنهنجي ڪپڙن جون ٽڪريون ڪٽي مڙس لاءِ هڪ ڪمبل پاڻ سبي تيار ڪري کڻي ٿي اچيس ملاقات دوران هن کي ڪجھه به ياد ناهي، هو ڪمبل ڏئي ٿي ۽ هڪ هڪ ڪپڙي جي ٽڪريءَ تي آڱر رکي کيس ٻڌائي ٿي ته هيءَ ڊريس تون ڪڏهن وٺي آئي هيئين ۽ هيءَ ڊريس مون ڪڏهن پاتي هئي، ملاقات جو وقت جڏهن ختم ٿو ٿئي کيس جدا ٿيڻ لاءِ چيو ٿو وڃي تڏهن هٿ وڌائي ٿي ته هو ان جي هٿ کي وٺي ٿو پوءِ هوءَ پنهنجي مٺ ڀڪوڙي ٿي ته هو ان جي مٺ کولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري زال کيس روڪيندي چئي ٿي ته ايئن نه کول پر هڪ هڪ آڱر کوليندي مٺ کول جيئن تون منهنجي سالگرھه جي لاءِ منڊي وٺي آيو هئين هو اهڙيءَ طرح جيئن جيئن هڪ هڪ آڱر کولي ٿو ته کيس ماضيءَ جا لمحا ياد اچي وڃن ٿا ۽ پوءِ رڙ ڪري ان جو نالو وٺي کيس ڀاڪر پائي ٿو ٻنهي جي اکين مان ڳوڙها وهندي چپن تي مرڪ ٿي اچي سپاهي کين ڇني ڌار ڪن ٿا هو روئيندي جدا ٿا ٿين پر ان هيرو جي ياد واپس اچي ٿي وڃي هو ڪمبل کي چمي ٿو پوءِ ڪمبل ويڙهي پنهنجي ساٿين کي سڏ ٿو ڪري جيڪي عورتاڻي لباسن مان ٺهيل ڪمبل کي چنبڙي چيهون چيهون ٿا ڪري ڇڏين هو ٺيلهي تي چڙهي تقرير ٿو ڪري ۽ کين ٻڌائي ٿو ته پاڻ سياسي ڪارڪن آهيون جھموريت جي لاءِ وڙهندي اسان کي اليڪشن ۾ فاشي ٽولي هارائي پوءِ هتي قيد ڪيو آهي. جڏهن آفيسر هن جي تقرير ٻڌن ٿا ته هن جي يادگيري واپس اچي وئي آهي ته پوءِ کيس پڪڙي وچ ميدان ۾ ابتو ٽنگي هن تي ايترو تشدد ٿا ڪن جو هو مري ٿو وڃي ۽ هن جي وات ۽ نڪ مان رت ٿو وهي، رت جا ٽيپا ڳڙندي ڌرتي کي ڳاڙهو ڪندا ٿا وڃن ۽ اها سرخي هڪ ڌارا ٿي اڳتي وڌي ٿي، بيڪ گرائونڊ ۾ هڪ آزاد ۽ مستيءَ سان اڏامندڙ ڪبوتر ڏيکاريو ٿو وڃي جيڪو اڏام کي انجواءِ ڪري رهيو آ پر اوچتو هڪ واچوڙو کيس کنڀي اچي کيس کاردار تارن ۾ ڦاسائي ٿو ۽ هو اتي ڦٿڪندي ڦٿڪندي پنهنجو ساھه ڏئي ٿو هن جي مرڻ تي پوري فضا غم آلود ٿيندي نظر اچي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ سياسي ۽ انقلاب ڪارڪنن سان ڪهڙا ڪهڙا تشدد ٿيا آهن انهيءَ تي هڪ وڏي ناول لکڻ جي ضرورت آهي ۽ انهي سان گڏوگڏ هڪ پوري تاريخ لکڻ گھرجي ته ڪنهن تي ڪيترو تشدد ٿيو ڪير ڪيئن کنڀجي گم ڪيو ويو، ڇڙوڇڙ لکيل تاريخ ته آهي پر انهيءَ کي پوري ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي يقينن اسان کان وڌيڪ هن رياست تي قابض ۽ سياست ڪندڙ ٽولا پوري طرح سان واقف آهن، عمران خان کي اسان کان وڌيڪ خبر آهي ته جھموريت جي راھه ۾ ۽ عوام جي حقن لاءِ ڪير ڪٿي ۽ ڪيئن ماريو ويو پر هن کي بادشاهي ڊراما سلطانن ۽ شهزادين سان جڳ مڳائيندڙ محل وڌيڪ وڻن ٿا يقينن هو پاڻ کي هڪ سياسي ڪارڪن جي ابتڙ سلطان ئي تصور ڪري ٿو ۽ هر سلطان پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ تاريخ جو خوفناڪ کان خوفناڪ آمر بڻجندي دير ناهي ڪندو. جھموريت جي دور ۾ ڪنهن تحريڪ تي چڙڻڻ مخالفن کي گھٽ وڌ ڳالهائيندي گارين جي حد تائين پهچڻ ٻڌائي ٿو ته اڳتي جي حڪمت عملي ڇا هوندي. اسان کي حڪومت جي اسلام آبادي قلعي مان جيڪي سگنل ملي رهيا آهن اهي مستقبل جي خوفناڪين متعلق اشارو ڪن پيا جو پهريون ايڪشن سنڌ ۾ شروع ڪندي سنڌ حڪومت کي بي خبري رکندي ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر ۽ سندس زال مريم نواز ۽ ن ليگ جي 200 ڪارڪنن تي نه رڳو ايف آءِ آر ڪٽي وئي پر ٻڌايو ٿو وڃي ته آءِ جي پوليس ۽ ڊي آءِ جي پوليس کي دٻاءُ ۾ آڻيندي کين مبينه اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ آرڊر تي صحيح ڪرائي جيڪا ڪارروائي ڪيپٽن صفدر جي خلاف ٿي اها اسان جي آڏو آهي وفاقي وزير جيڪا بيان بازي ڪري رهيا آهن، اها ٻڌائي ٿي ته هنن جا ارادا ڪهڙا آهن يقينن خوف ۾ مبتلا ٿيندڙ جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي ۽ وري خاص ڪري انهن جي ڪيفيت جنهن جو مزاج فاشيت جي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل هجي هو ڇا ڪري سگھي ٿو اهو سمجھڻ ڏکيو ناهي. بيشڪ هو اها ئي ڪوشش ڪندا ته پي ڊي ايم مان پ پ پ الڳ ٿئي جيڪڏهن الڳ نٿي ٿئي ته انتهائي گھڻي کان گھڻا انهن ۾ شڪ شبها پيدا ڪيا وڃن پر جيڪڏهن هو انهي ڪرڻ ۾ به ناڪام وڃن ٿا ته پوءِ ٻي حڪمت عملي اها ئي ٿي سگھي ٿي ته پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سندس سنڌ مان حڪومت ختم ڪجي. سنڌ حڪومت تي ٻن سالن کان جيتري تنقيد وفاق جي طرفان ڪندي ٻڌي وئي آهي ايتري تنقيد وفاقي حڪومت ۽ سندس وزير هندستان تي به ناهن ڪندا. پنهنجي سياسي ايجنڊا کي پوري ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين جيڪو ڪجھه ڪيو ويو آهي انهيءَ کي تفصيل سان ورجاءُ ڪرڻ ايترو ضروري ناهي پر پاڻ رڳو ايترو چئون ٿا ته گذريل دور ۾ جڏهن وزير اعظم نواز شريف هو ن ليگ جي وفاقي حڪومت هئي تڏهن ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت وفاقي حڪومت سان ٻنهي صوبائي حڪومتن جا ڪيترا ئي اختلاف هئا پر وفاقي حڪومت ڪڏهن به ايتري تنقيد يا اهڙي بيان بازي نه ڪئي جنهن ۾ ساڙ ۽ تعصب واضع نظر اچي. هن وقت وفاقي حڪومت هڪ صوبائي حڪومت يعني سنڌ حڪومت کي برداشت نٿي ڪري نه رڳو ان تي تنقيد ٿي ڪري پر ايم ڪيو ايم پاڪستان جو تعصبي حملو پنهنجي سرپرستيءَ ۾ ڪرائي رهي آهي اسان کي پ پ پ ۽ سنڌ حڪومت سان ڪا به سياسي ۽ وڏي همدردي ناهي اسان جا اختلاف وفاقي حڪومت کان به وڌيڪ سنڌ حڪومت سان آهن پر جھموريت جي روايتن کي آڏو رکندي جڏهن ڏسون ٿا ته هاڻي جيڪو ڪجھه ٿئي پيو اهو انتهائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ ٿئي پيو. پي ٽي آءِ جيڪا پارٽيءَ کان وڌيڪ هڪ گروھه بڻجي وئي آهي ۽ اهو گروھه پنهنجي اقتداري طاقت کي بچائڻ لاءِ جنهن طريقي سان پنهنجو اظهار ڪري ٿو ۽ عمل ڪري ٿو اهو ڪنهن به صورت ۾ هن ملڪ ، عوام ۽ جھموريت لاءِ ٺيڪ نه رهندو ۽ نه رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو ملڪ انتهائي غير يقيني جي حالت مان گذرندي پوري جو پورو معاشي بحران ۾ ڦاسندو وڃي ٿو. مارڪيٽ جي اندر ڪاروباري انارڪي عروج تي آهي ۽ جڏهن وفاقي سرڪار مخالف تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي حملو ڪيو ته صورتحال وڌيڪ خوفناڪ حد تائين بگڙجي ويندي. يقينن ان صورتحال کي محسوس ڪندي پ پ پ پنهنجي سنڌ حڪومت کي داءُ تي رکيو آهي ۽ وفاقي حڪومت پ پ پ جي ان سياسي ۽ جمھوري حق کي رعايت سمجھي پئي جڏهن هو جمھوريت جو اصول ئي نٿي سمجھي ته رعايت ئي سمجھندي هاڻي محسوس اهو پيو ٿئي ته سنڌ حڪومت سياسي جوا جو اهو داءُ آهي جيڪو وفاق يعني وزير اعظم عمران خان کيڏي پيو ۽ پ پ پ به پنهنجي سنڌ حڪومت کي داءُ تي رکي پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ اڳتي وڌي پئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *