Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9m46rlvrha4dta555j0046s9ro, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي!؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي!؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي!؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن جي اڇلايل چچريل لاشن جي خلاف لاڙڪاڻي جي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي بک هڙتال تان اٿي آئون اڪيلو ڪار ڊرائيو ڪري انڊس هاءِ وي تي نڪري پيو هئس منهنجي اڳئين منزل حيدر آباد هئي.
جناح پارڪ جي چوراهي کان نڪري لاڙڪاڻي جي ٽٽل ڦٽل رستن تي ڪار هلائيندي مونکي انڊس هاءِ وي تي پهچندي لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ لڳي ويو هو. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جنهن جي ورهاڱي کان اڳ به دنيا ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي شهر طور سڃاڻپ ٿيندي هئي، گهڻو پوءِ لاڙڪاڻو ڀٽن جي شهادتن جي ڪري دنيا ۾ وڌيڪ مشهور ٿيو ان کان اڳ ته لاڙڪاڻو بيهه، زيتونن، سارين جي مڇيءَ، موهن جي دڙي ۽ عورتاڻي فيشن ۾ جدت جي ڪري مشهور هو. لاڙڪاڻو ئي هو جتي نياڻين جي تعليم عام هئي، لاڙڪاڻو جنهن جي رات لاءِ مشهور آهي ته لاڙڪاڻي جي رات ننڊ نه ڪندي آهي لاڙڪاڻو راتين جو جاڳي ٿو، رات ٿيندي ئي لاڙڪاڻي جا چوراها ڪچهرين جي مگرن سان مرڪي پون ٿا. لاڙڪاڻي جي علمي، سياسي ۽ شعوري جاڳ ئي هئي جيڪا پاڪستان ۾ جمهوري تحريڪ جي اڳواڻي واري ڪردار ۾ ڪيتري وقت تائين جيئري رهي هاڻي ته لاڙڪاڻي جي ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي ڏيئو به نٿو ٻري. سڃائي جو اهو عالم آهي ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي تاج محل جهڙي مقبري ۾ دفن شهيدن جي گنج تي جڏهن به آئون دعا گهرڻ ويو آهيان ته شام لڙندي ئي مقبري ۾ ڪاري اونداهه جو راڄ هوندو آهي.
سري محل کان بلاول هائوس تائين کربين روپين جي ملڪيت شهيد ڀٽو جي مزار مٿان لوڊشيڊنگ دوران جنريٽر ۾ ليٽر تيل به وجهڻ جي ڪم نٿي اچي جو مقبرن جي اندر روشنيءَ جي لڪير به داخل ٿي سگهي پاڻ ان عالم تي افسوس ڪريون يا ماتم يا سبق سکون ته اسان جيڪي ڇڏي وڃون ٿا ان مان ڌن دولت اسان کي قطئي ڪم نٿي اچي بس اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي اجتماعي مفادن جي سوچ جو سفر مري نٿو، جيڏي اسان جي سوچ اجري هوندي اوتري وقت گذرڻ سان گڏ اها ججھو سوجھرو ڪندي .آئون انهن ڏينهن ۾ ڪار ڊرائيو ڪندي اڪثر جگجيت کي ٻڌندو هئس اڪيلائي هجي لانگ ڊرائيو هجي ۽ شام جو لڙندڙ وقت هجي ان وقت جگجيت جو آواز ۽ گلزار جي شاعري اوهان جي ساٿ ۾ ھجي ته اوهان ايئن سمجهو ڄڻ فضائن ۾ اڏامڻ شروع ڪريو ٿا.
روح کي ڪٽ لڳي وڃي ته ڪٽ لاهڻ جا ٻه طريقا آهن يا ويراڳ جي واٽ وٺو يا راڳ جي رستي تي نڪري وڃو. جهڪي ٿيندڙ جوانيءَ جي وقت جڏهن سقراط پاڻ کي پوڙهو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو هوته هن سازن وڄائڻ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي هئي هڪ نوجوان سقراط کي ٽوڪ هڻي چيو هو ته استاد پيري ۾ ساز وڄائڻ ۽ راڳ سکڻ مان لڳي ٿو هاڻي فلسفي جا پاٺ ختم ٿي ويا آهن سقراط مرڪي چيو هو ته “موسيقار تخليق جو ڪم ڪري ٿو، تخليقڪار ڪڏهن به پوڙهو نه ٿيندو آهي آئون ساز وڄائڻ ۽ راڳ ڳائڻ جو فن سکي نيون تخليقي سفر ڏانهن ويندس.” پر جلدي سقراط مرڪي زهر جو پيالو پئي موسيقي جي تخليق جي ڪم کي اڌورو ڇڏي ويو سقراط جي آواز مان ڪو ڀلي گيت نه سرجي سگهيو يا سقراط جي آڱرين مان ڪا موسيقيءَ جي ڌن نه نڪري سگهي پر سقراط جي هٿ ۾ جهليل زهر جو پيالو صدين گذرڻ باوجود اڄ به پنهنجي دل لڀائيندڙ سرڪيءَ جي آواز جي موسيقي سان نه صرف زنده آهي پر ڪيترائي زنده ضمير ماڻهو ان زهر جي ڍڪ کي پيئڻ لاءِ هر دور ۾ آتا ملن ٿا.آئون سفر ڪندو دادو جي باءِ پاس وٽان پئي گذريس ان وقت ڪاري رات دادو تي اونداهه جا پر پکيڙي چڪي هئي ماضيءَ جو سياسي مزاحمت ۽ جدوجهد جو ويٽنام دادو، هاڻي نبن خان لنڊ جي سياست جي پيروي ڪندي ساهه کڻي رهيو آهي ڀنگ لاءِ اغوا،لائق چانڊيو جي ياري، سرڪاري ملڪيتن تي قبضو، گهٽين کي سوڙهو ڪري سيمنيٽ جي ڪنڪريٽ سان جوڙيل شاپنگ سينٽرن جي ور چڙهيل دادو مان هاڻي جادو هليو ويو آهي استاد بخاري جي شاعري ۾ جيئري دادو ۾ نه محمد مشڪري جو مزاح رهيو آهي نه ئي هاڻي استاد بخاري جي عوامي ٻولي جي لهجي جهڙي شاعريءَ جو رس چس بچيو آهي خبر ناهي شوڪت سنڌي جي مٺائي جي مٺاس جهڙي دادو کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي آهي جو هاڻي دادو نه سياسي تحريڪ جو مهندار آهي نه ادبي دنيا ۾ دادو جو نالو بچيو آهي. خودغرضي، سياسي ڏاڍ مڙسي، ڪرپشن، پنهنجا نوازي سماج جي ڪنهن هڪ پرت کي متاثر نٿا ڪن پر سڄي سماج کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي وڃن ٿا، سماج پيلي پن جيان خزان جي موسم جو سٽيل ٿي وڃي ٿو جنهن ۾ هر هٿ ٻئي جي گريبان ۾ آهي هر اک ٻئي جي عيبن جي تلاش ڪري ٿي.
سيوهڻ کان گذرندي اندر مان قلندرم، مستيم حيدريم جي بي خودي مان صدا نڪتي گڏوگڏ قلندر جو سونو دروازو يادن جون تاڪيون کولي ذهن مان نروار ٿي نڪري آيو ، سوني دروازي جي سامھون اها هوٽل ياد آئي جتي 1983ع ۾ رات جي وقت مون پنهنجي هڪ جيڏن دوستن سان گڏ هوٽل تي ويهي ماني پئي کاڌي اوچتو ڪهاڙين جي چلڪندڙ ڦرن سان چئن ماڻهن جو ٽولو نروار ٿيو ۽ هڪلون ڪري اعلان ڪيائون ته سڀ پري ٿي بيهو هي اسان جو ڪارو آهي ۽ پوءِ هنن چئن ڄڻن وچ هوٽل ۾ هڪ نوجوان کي گول دائري ۾ سوڙهو ڪري ڪهاڙين جا وارو وار ڪري ڏنا نوجوان جي مٿي مان نڪتل رت جو ڦوهارو منهنجي سامهون دٻڪي تي پيل تندور جي پڪل ڪڻڪ جي اڇي ماني کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو، مان ان بي وس ڪهاڙين سان ڪسندڙ ان نوجوان کي اڃان تائين ناهيان وساري سگھيو.جنهن جون اکيون آخر تائين کليل هيون.مان لڪيءَ جا جبل ٽپي رهيو هئس سوچيم، الائي ڇو ڀڳو ٺوڙهو جبل سدائين مونکي ڀاءُ جيان لڳندو آهي جيئن شيخ اياز کي سمنڊ ڀاءُ لڳندو هو.شيخ اياز ئي لکيو هو ته
تون هونئن به مرندي ڪاڇي ۾
اڄ آءُ پهاڙي پاڇي ۾….!!
مونکي شيخ اياز جي شاعريءَ جو بي نام پهاڙ ڀڳو ٺوڙهو ئي لڳندو آهي جنهن جي اوڀر ۾ سنڌ جي قديم تهذيب جو شاهد آمري ۽ سنڌو درياهه آهي. مون سوچيو ان نوجوان جون اکيون ان ڪري کليل هونديون ته هن جي شايد آخري اميد هجي ته هو پنهنجي محبوب کي ڏسي سگهي. منھنجي ذهن تي ان ويل هيٺيون شعر تري آيو.
ڪانگا سڀ تن کائيو چن چن کائيو ماس
دونينا مت کائيو انهي پيا ملڻ دي آس….!!
مان هاڻي لڪيءَ جا لڪ ٽپي سڌو ٿيس ته مون محسوس ڪيو ته ڪا ڪاري رنگ جي ويگو دادو کان منهنجي ڪار جو پيڇو ڪري رهي آهي، مون سوچيو اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته دادو کان پويان هلندڙ ويگو اڃان مونکي ڪراس نٿي ڪري مون پنهنجي ڪار جي اسپيڊ وڌائڻ جو سوچيو آئون 120 جي اسپيڊ کان مٿي ته هلي نٿو سگهان مان هن سنسان روڊ تي ڪيترو هنن راڪاسن کان ڀڄي سگهان ٿو، مون ڪار جي اسپيڊ کي جھڪو ڪيو ۽ جگجيت جي آواز جي واليوم کي وڌايو مون پنهنجي پرس مان شناختي ڪارڊ ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ ڪڍي ڊسڪ بورڊ جي خاني ۾ رکيو جيئن منهنجي جبري گم ٿي وڃڻ جي شاهدي هي شناختي ڪارڊ ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ ڏيئي سگهن. ڪار جي اسپيڊ گهٽجڻ جي باوجود به بليڪ ويگو منهنجي ويجهو اچڻ يا مونکي ڪراس ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي هئي.اوچتو وڏو ڌماڪو ٿيو منهنجي ڪار روڊ جي ٻنهي پاسن تي زگ زگ جي شڪل ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ طرف آئوٽ آف ڪنٽرول ٿي هلڻ لڳي اوچتو جڏهن اوهان جي ڪار اوهان جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي ته اوهان يقينن تڪڙا فيصلا ڪرڻ شروع ڪندا جيڪي غلط به ٿي سگهن ٿا مون هينڊ بريڪ ڇڪيو ڪار روڊ جي شولڊر تي حيدرآباد ڏانهن ويندي اوچتو سيوهڻ جي طرف منهن ڪري بيهي رهي اهو منهنجي زندگيءَ جو پهريون تجربو هو ته اوچتو هينڊ بريڪ ڇڪڻ سان ڏکڻ طرف ويندڙ ڪار ڦيرو کائي اتر طرف هلي ويندي. مون ٿڌو ساهه ڀريو بيلٽ کوليم ڪار جو در کولي وڏا وڏا ساهه کڻڻ شروع ڪيم ايتري ۾ بليڪ ويگو زرڙاٽ ڏيئي منهنجي پاسي مان گذري ويئي. مون ڏٺو ته منهنجي ڪار جو اڳيون ٽائر برسٽ ٿيو هو، وڏي حادثي کان بچي، موت سان مکا ميل ٿي آئون زندگيءَ جا نوان ساهه کڻي رهيو هئس،
سانس لينا بهي ڪيسي عادت هي
جيئي جانا بهي ڪيا روايت هي (گلزار)
ڪاري رنگ جي ويگو ته هلي ويئي پر ڪارو روڊ مارچ جي بهار جي مھيني ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ جون جي گرميءَ جو احساس ڏياري رهيو هو. مون ڪار جي ڊگي کولي اسپيئر ٽائر ڪڍيو جيڪ تي ڪار بيهاري ۽ ٽائر چئنج ڪري منزل ڏانهن روانو ٿيس. مون سوچيو هنن سنڌ سنڌ ڪندڙ ماڻهن جي پٺيان اڻ ڏٺو خوف ڪيترو نه بڇي ڇڏيو آهي هي پنهنجي حڪمت عملي ۾ ڪامياب ويا آهن ان خوف جي ڪري ئي سنڌ پاڪستان ۾ سياسي امامت واري سند وڃائي چڪي آهي،سنڌ جي سنڌ پرست سياست ۽ اجتماعي شعور کي ٻيا سڀ ڪم ڇڏي خوف کي مات ڏيڻ جي لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *