تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڇا سنڌ ۾ سياست ۽ جدوجهد ايئن ئي رهندي؟

سنڌ جي سماجي ۽ سياسي سطح جن حدن تي بيٺي آهي انهيءَ تي اڳتي سنڌ جي ارتقا ۽ سنڌ جو مستقبل خاص ڪري سنڌي عوام جو مستقبل ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي انهيءَ مستقبل جي نقشي ۾ سنڌي عوام ڪهڙي حالت ۾ هوندو ، سنڌي ٻولي جي حيثيت هوندي به ته ڪهڙي گھڻي ڀاڱي مستقبل جي ارتقائي ان نقشي ۾ سنڌي ٻولي پنهنجي علمي لکت جي حيثيت ۾ نظر اچڻ مشڪل آهي ها صرف زباني ڳالهھ ٻولھه جي حد تائين يعني ڳالهائڻ جي حد تائين ٻولي جو هجڻ نالي ماتر سمجهھ ۾ اچي ٿوسنڌي جاگرافي جي حالت ان چيرڦاڙ ٿيل لاش جي ٽڪرن جهڙي هوندي جنهن کي جانور ٽڪر ٽڪر ڪوت بڻائيندا آهن اهو ورجاءٌ ناهي پر مستقبل جي خوفن ۾ ورتل ڪيفيت جو اظهار آهي ” مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي “ ڪجهھ دوستن جي ذهنن ۾ ارتقا جو قانون اهڙي مفروضي تي بيٺل آهي جنهن مطابق کين اهو يقين آهي ته ارتقا فطرت جي بنيادي اصولن ۾ هجڻ ڪري ڪڏهن به ناانصافي ناهي ڪندي ارتقا جو قانون مظلوم کي انصاف ڏياريندي ظلم کي تباھه ۽ برباد ڪندو آهي ۽ ظالم کي شڪستِ فاش ڏئي ٿو انهن کي هي ٺيڪ طرح سان پنهنجي ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته ارتقا پنهنجي سطح کان اڳتي وڌڻ جو فطرتي اصول ۽ انڌو قانون آهي انهيءَ ۾ انصاف جي اميد اهائي رکڻ گھرجي ته شيون پنهنجي ساخت ۾ يعني پنهنجي طاقت ۾ ۽ پنهنجي جدوجهد ۾ بقائي اصول جي بنيادن تي ڪيتريون طاقتور آهن ارتقا انهن اصولن تي اڳتي وڌندي آهي ارتقا کي مابعدل طبياتي فڪري مغالطن جي اصولن تي نه سمجھڻ گھرجي نه ان مان معجزاتي اميد رکڻ گھرجي جيڪو آهي ۽ پنهنجي رهڻ ، هجڻ جي طاقت رکي ٿو اهوئي ايندڙ وقت ۾ پنهنجي بقا جي حيثيت مڃرائيندو ڌرتيءَ تي موجود تمام زندگي ۽ غير زندگي بي جان مادي شيون ڪروڙن سالن جي ارتقائي سفر جي گواهي ڏيندي پنهنجو داستان ٻڌائي رهيو آهن اسان کي هي به سمجھڻ گهرجي ته هزارين سالن جي بقا کان پوءِ جي بقايت جا اصول ڪا قوم ڪمزور ٿي ڪري ته اها اڳتي جو سفر نه ڪري سگھندي انهيءَ کي ڀلي ڪيترو به گھمنڊ هجي ته هو هزارن سالن جي تاريخ ٿي رکي تنهن ڪري اها طاقتور آهي ارتقا جو قانون ان جي تاريخي حيثيت کي بقا جي موجود اصولن ۽ ڪسوٽين جي بنيادن تي ڏسي ٿو اهڙي طرح ڀلي سنڌ هزارين سالن جي تاريخ رکندي هجي عظيم تهذيب جي وارث هجي پنج هزار سال جي اڳ جي تهذيب موهن جي دڙي جون شهادتون ۽ ڀرپاسي جون ٻيون تهذيبون سنڌي قوم جي عظمت جي گواھ هجن دنيا کي ڏندي آڱريون اچي وڃن تهذيب جي رقصِِ زندگي ڪيتري به وجداني نظر اچي پر مستقبل ۾ انهن جو سفر موجود طاقت سان جڙيل آهي جي طاقت موجود ناهي ته پوءِ سڀ ارتقائي تاريخ جو باب بڻندي پڙهيا ويندا يا ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي ويندا.سنڌ ۽ سنڌي عوام کي اڄ جي حالتن جو جائزو وٺندي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي قومي سفر جي ٻيڙي کي پنهنجي ڏورن جي طاقت سان منزل تي پهچائي ٿو يا فطرت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ خاموشيءَ سان يا هلڪن ڦلڪن احتجاجن ۽ اظهار سان سفر ڪري ٿو. اڄ سنڌ وقت جي اهڙي سفر مان گذري رهي آهي جتي سنڌي عوام جي يا خود سنڌ جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جي بجاءِ صرف ان جي خوبصورت جاگرافي يعني زميني ٽڪرن ، ٻيٽن تي هن ملڪ جي روولنگ ڪلاس جي جنهن ۾ بشمول تمام گروھ شامل آهن جيڪي وفاقي حڪومتن جي طاقت قانون جا لپا جهپا استعمال ڪندي سنڌ حڪومت جي روولنگ ڪلاس کي ڪنهن نه ڪنهن مفاد جي رشتي ۾ ڳنڍي سنڌ جي پوري سماجي ۽ ٽوپوگرافي يعني انساني آبادي جي توازن کي بگاڙي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ بگڙن جي ٽولن وانگر حملا آور ٿيڻ جي سانڀائن ۾ سرگرم نظر اچن پيا ٻئي طرف سنڌ جي اندر هڪ مخصوص گروھ جنهن کي” نسل پرست “ سڏيو ٿو وڃي.(منهنجي خيال ۾ هو نسل پرستيءَ جي تشريح ۾ نٿو اچي ڇو ته نه ان گروھ جو هڪ نسل آهي ۽ نه انهن جي هڪ ٻولي ها مجموعي طور تي اردو ڳالهائن ٿا پر انهن جون پنهنجون الڳ الڳ زبانون آهن مثال ڪي ماڙوائي، ڪي گجراتي ، ڪي بهاري ته ڪي بنگالي وغيره شامل آهن انهن کي هڪ نسل ۽ ڪڏهن به هڪ زبان جو هڪ گروھ نٿو چئي سگھجي ها هو لڏي آيلين جو ”سيٽلر ٽولو“ سڏي سگھجي ٿو) اهو غريب مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي مفادن جي بچاءُ جي ابتڙ انهن ۾ تعصبي وٿيون پيدا ڪري هميشه ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کي گڏوگڏ سنڌ جي ٻين شهرن تائين ان پوري آباديءَ کي پنهنجي ڪريل مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي جو انهن جي انهن حرڪتن ڪراچيءَ جي ترقيءَ جو ارتقا روڪي ڇڏيو اڄ اها پوري آبادي هڪ نفسياتي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندي مستقبل جي خوف ۾ وڪوڙيل نظر پئي اچي جنهن کي الڳ صوبي جو ڏٽو ڏئي وڌيڪ بحرانن ڏانهن ۽ بربادين ڏانهن کين ڌڪيو وڃي ٿو ساڳئي طرح سنڌي عوام جيڪو سحرا ۾ ڀٽڪندڙ هرڻ جيان پريشان آهي انهيءَ جا حوصلا مجهائي ساڳئي ٽڪرائن واري حڪمتِ عمليءَ سان کين ڀٽڪايو وڃي ٿو سنڌ ۾ ٿيندڙ سياست کي پاڻ ٽن حصن ۾ ورهائي سگھون ٿا هڪ ڀوتار سردار ۽ پير گڏجي ڪري الڳ الڳ جماعتن ۾ هجڻ جي باوجود بري طرح مفادي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي جنهن جو سنڌ جي عوام سان سنڌ جي ٻوليءَ سان سنڌ جي جاگرافي بچاءُ سان سنڌ جي معاشي ترقيءَ سان سنڌ جي تعليم ۽ صحت سان سنڌ جي امن سان ڪو به تعلق ناهي پر انهيءَ جي ابتڙ هو ان مد ۾ ملندڙ رقم تي ڳجھن وارا لمارا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن ٻئي طرف قوم پرست سياست ڪندڙ حصو هن وقت تائين پنهنجي داخلي مونجھارن ۾ ايترو اڙجي ويو آهي جو کين اهو سمجهھ ۾ ئي نٿو اچي ته انهن کي مستقبل ۾ ڇا ڪرڻو آهي. هڪڙا آزاد سنڌ جو نعرو هڻندي ان سحر ۾ مبتلا آهن کين اهو خمار يقين جي حد تائين ويٺل اٿن ته اهو ئي رستو آخري نجات جو رستو آهي ٻئي ڪنهن به سياسي حڪمت عملي تي هلڻ تي گناھ برابر سمجھن ٿا.( قوم پرستن جو اهو گروھ جيڪڏهن جھموري جدوجهد ۾ مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي اڳتي وڌائي ها ته اڄ سنڌ ۾ ڀوتارن ۽ پيرن جو اهڙو قبضو نظر نه اچي ها ) ٽئين گروھ ۾ پروگروسو قوم پرست جنهن کي کاٻي ڌر جا قوم پرست سڏيو ٿا اچي ٿا وڃن اهي ورسين ۽ سرگرھ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪو ڪم ڪن ٿا ته اهو هيءُ جو جڏهن ڪي تضاد يا اشوز پيدا ٿا ٿين ته اها سيزنل جدوجهد ننڍڙن ننڍڙن گروھن ۾ ڪن ٿا ۽ انهيءَ کان سواءِ نه ڪنهن مضبوط تحريڪ آرگنائز ڪرڻ جي ڳڻتي اٿن نه وري پنهنجي سياسي تنظمين کي عوامي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪا حڪمتِ عملي اختيار ڪئي اٿن.
سنڌ ۾ مذهبي جماعتون جيڪي وفاقي سياسي ڍانچي ۾ جڪڙيل آهن انهن لاءِ سنڌ جو قوم سوال ايترو سنجيده ۽ فڪري منديءَ جو ڪارڻ ناهي رهيو ها ڪجهھ اشوز تي مثال ڪالا باغ ڊيم يا ڪنهن ٻين مسئلن تي هو سرگرم ٿين ٿا پر انهن جي نظريي جو فوڪس رڳو سنڌ ناهي تنهن ڪري انهن مان وڌيڪ ٻئي ڪا به اميد رکڻ غلط ٿيندو، ها ايترو ٿي سگھي ٿو جڏهن سنڌ جي حقن جي ڪا مظبوط تحريڪ هلندي ته يقينن ڪجھ جماعتون انهن جو ساٿ ڏينديون. هاڻي سوال هيءُ ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي ان پوري منظر نامي ۾ ۽ مستقبل جي امڪاني نقشي ۽ خوف ۾ ڪهڙي حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ گھرجي ڇا سنڌ کي فيس بڪ يعني سوشل ميڊيا جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏجي ڇا جيڪي ذڪر ڪيل گروھ موجود آهن ۽ ان وقت تائين ڪو نتيجو ناهن ڏئي سگھيا انهن مان اميد رکجي؟ ڇا اسان پ پ پ جي موقعي پرست ۽ وڏيرڪي پيري يا سرداري مفادن جي سياست ڪندڙ جماعت جي حوالي ڪيون؟ يا ارتقا جي جاهلاڻن تصورن جي مفروضن ۾ رهندي بي عمل ٿي نتيجن جو انتظار ڪريون جواب صرف ۽ صرف هڪڙوئي آهي ته نه ڪڏهن به نه.سنڌ کي ان پوري ڀنورن ۽ دٻائن کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي بقاءَ جي هڪ مضبوط تحريڪ جي ضرورت آهي جيڪا ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين پوري اعتماد سان اڳتي وڌي ۽ سنڌ جي پوري مستقل رهندڙ آباديءَ کي پاڻ سان جوڙي.کڻي سنڌ جي ننڍن ننڍن شهري ۽ ٻهراڙي جي مسئلن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي وفاق جي بي رحم روين ۽ غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلن جي مخالفت ڪري سنڌ حڪومت جي ڪرپشن اقربا پروري ۽ بيڊ گورننس تي ڀرپور تنقيد ڪندي مزاهمت ڪندي سنڌ جي بقا جي تحريڪ عملي بنيادن تي اڳتي وڌائي عوام جي سڀني پرتن کي جوڙڻ کي جديد کان جديد حڪمتِ عملي ترتيب ڏئي تڏهن سنڌ جي بقا ٿي سگھندي ۽ سنڌ جي سياست ، جدوجهد پنهنجا نوان رخ ۽ رستا ڪڍي اڳتي وڌيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *