Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1mctrdrc1qrvj3meu9on2l0ej8, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڇا شگرمل مالڪن خلاف ڪارروائي ٿيندي ؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڇا شگرمل مالڪن خلاف ڪارروائي ٿيندي ؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

ڇا شگرمل مالڪن خلاف ڪارروائي ٿيندي ؟

هن ملڪ ۾ عوام جي کيسي تي اربين رپين جو ڌاڙو هڻندڙ مافياز کي نه ڪڏهن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي نه ئي انهن خلاف ڪارروائي ٿي آهي،هٿراڌو بحران پيدا ڪري مارڪيٽ مان ضرورت جون شيون غائب ڪري ٻيڻي ٽيڻي اگهه تي وڪرو ڪرڻ هن ملڪ ۾ ڏوهه ئي تصور نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري منافعي خور شيون بنا ڊپ جي ذخيرو ڪن ٿا جو کين خبر آهي ته ڪير به چوڻ آکڻ وارو ناهي،۽ شين جا اگهه ڪنٽرول رکڻ يا مارڪيٽ ۾ موجودگي کي يقيني بڻائڻ جا ذميوارا به انهن سان ٻٽ هوندا آهن باقي انهي سڄي راند ۾ پيڙجي اهو عوام ئي ٿو جيڪو پنهنجي ٻن ويلن جي گذر لاءِ اڳ ئي پريشان آهي ۽ اوچتو شين جا اگهه وڌڻ ڪري انهن جي کيسي تي اهڙو بار پوي ٿو جيڪي هو برداشت ئي نه ٿا ڪري سگهن.
ڪجهه وقت اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي پيدا ٿيل بحران ۽ ان جي اگهه ۾ واڌ بابت مسابقتي ڪميشن جاچ ڪري رپورٽ وزيراعظم کي ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان جو ذميوار شگر ملز مالڪن کي قرار ڏئي انهن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيئن ملز مالڪن کنڊ جي ذخيرن بابت حڪومت سان ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرايا،کنڊ جي قيمت طئه ٿيڻ کانوٺي سبسڊي تائين هر معاملي ۾ انهن شگرملز مالڪن کي فائدو پيو، کنڊ امپورٽ ڪرڻ تي به مال ٺاهيو ويو ،جيئن هاڻي ڪڻڪ جي بحران ۾ ٿيو آهي جنهن ۾ حڪومت چواڻي ته کين ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ وافر مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي جنهن ڪري حڪومت ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن اوچتو ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو ۽ اگهه وڌي ويا ته پوءِ خبر پئي ته جيڪي حڪومت کي انگ اکر ٻڌايا ويا هيا اوتري ته ملڪ ۾ ڪڻڪ موجود ئي نه هئي جنهن ڪري اٽي جو بحران پيدا ٿيو ۽ اگهه وڌي ويا جنهن ڪري حڪومت کي مجبور ٿي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي پئي ،کنڊ ۾ به اهو ئي طريقو استعمال ڪيو ويو ۽ هاڻي حڪومت کنڊ ٻاهران گهرائڻ تي مجبور ٿي آهي جڏهن ته عوام وڌيڪ اگهه تي اها ساڳئي کنڊ خريد ڪري رهيو آهي. انهي سڄي ڳٺجوڙ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا سان حڪومت جا اهي ادارا به ملوث آهن جيڪي حڪومت کي ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي مقدار جي موجودگي جا انگ اکر ڏيندا آهن .مسابقتي ڪميشن جي جاچ رپورٽ ۾ چيو وي آهي ته اهو ڳٺ جوڙ وارو ڌنڌو 2010ع کان جاري آهي جنهن سان هن وقت تائين غريب عوام جي کيسي تي اربين کربين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي ۽ سبسڊي جي مد ۾ به حڪومت کان اربين رپيا ورتا وياآهن.
اسان وٽ مافيائون حڪومتن کان به وڌيڪ طاقتور ٿي ويون آهن جنهن ڪري اڄ تائين انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي يا حڪومتون انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائينديون آهن، اها پيٽرول مافيا هجي ،ڪڻڪ مافيا هجي يا شگر ملز مافيا اڄ تائين رڳو اگهه ئي وڌيا آهن پر انهن جي ذميوارن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي،هي موجوده حڪومت لاءِ به امتحان آهي ته انهي جاچ ڪرائي معاملي کي ڇڏي ڏنو ته عوام جو مٿس اعتماد ختم ٿي ويندو. اسان سمجهون ٿا ته جڏهن مسابقتي ڪميشن پنهنجي جاچ رپورٽ ۾ انهي ڳٺجوڙ ۽ ان جي ڪردارن کي وائکو ڪري حڪومت آڏو پڌرو ڪيو آهي ته اها هاڻي حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن ڪردارن خلاف نه رڳو ڪارروائي ڪري پر عوام کي به ان جو رليف ملڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *