تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڇا لڳاتار اسڪول بند رکڻ مسئلي جو حل آهي ؟

سنڌ حڪومت 28 سيپٽمبر تائين پرائمري کان وٺي اٺين درجي جا اسڪول نه کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ڪورونا ڪيس گهٽجڻ سبب اڳ ۾ 15 سيمپٽر کان نائين درجي کان مٿي جا تعليمي ادارا کوليا ويا هيا ۽ اعلان ڪيو ويو هو ته ٻئي مرحلي ۾ پرائمري کان مڊل اسڪول 21 سيپٽمبر کان کوليا ويندا پر ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڪالهه تعليم واري وزير پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي اهي اسڪول 28 سيپٽمبر تائين بند رهندا.
فيبروي جي آخر ۾ جڏهن سنڌ ۾ پهريون ڪورونا جو ڪيس ظاهر ٿيو هو ته سڀ کان پهرين تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هيا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ آن لائن ڪلاس هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو،پر جيئن ته اسان وٽ اڃان تائين خاص ڪري سرڪاري ادارن ۾ تعليمي نظام انهي روايتي طريقي سان هلي رهيو آهي تنهن ڪري انهي آن لائن ڪلاس هلائڻ جو ڪو فائدو نه پيو ۽ ڪيترائي مسئلا سامهون آيا .ڪجهه وڏن پرائيويٽ ادارن ۾ توڙي جو ڪنهن حد تائين آن لائين ڪلاس شروع ٿي سگهيا پر اهي به اهڙي انداز ۾ هليا جو مڪمل طور مطمئن ڪندڙ نه هيا .سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ته اهي سهولتون ئي نه هيون جيڪي آن لائين ڪلاس هلائڻ لاءِ گهربل هيون ۽ نه ئي اسٽاف ۽ استادن کي اهڙا ڪلاس وٺڻ جو تجربو، ان کان وڌيڪ مسئلو سهولتن جو هو،اسان وٽ سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي گهڻي تعداد جو تعلق غريب طبقي سان آهي جيڪي نه ليپ ٽاپ افورڊ ڪري سگهن ٿا نه ئي اهڙا موبائيل جنهن ذريعي هو آن لائين تعليم حاصل ڪري سگهن نه ئي وري انهن جا والدين انهي حيثيت ۾ هيا جو انهن کي انٽرنيٽ جا ڳرا پيڪيج وٺي ڏئي سگهن جنهن ذريعي هو ڪلاسن سان ڳنڍيل رهن نتيجو اهو نڪتو جو تقريبن ساڍن ڇهن مهينن تائين اهي شاگرد تعليم کان محروم رهيا. ايئن کڻي چئجي ته انهن جي تعليم جو اڌ سال پوئتي هليو ويو.جڏهن سنڌ وفاقي حڪومت سان گڏجي 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪيو ته ان وقت ئي حڪومتي تيارين کي نظر ۾ رکي اهو خدشو هو ته ڪو ايس او پيز تي عمل ٿي سگهندو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته جڏهن حڪومت اڳ ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان کانپوءِ جيڪي حڪومت ايس او پيز جاري ڪيون هيون انهن تي پوري طرح عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته رڳو اعلان ڪرڻ سان ان تي عمل ڪرڻ تقريبن ناممڪن هو جيڪو هاڻي جي صورتحال مان نظر اچي رهيو آهي.لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن شهر کلي ويا، هوٽل کلي ويا مالز ۽ ٽرانسپورٽ کلي وئي هر شيءَ روان دوان هئي ته پوءِ اسڪول ايس او پيز تحت کولڻ ۾ ڪهڙي قباحت آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته حڪومت انهن تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ گهربل شيون مهيا نه ڪري سگهي ۽ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري سگهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ ته اتان جي انتظاميا ايس او پيز تي عمل لاءِ گهربل وسيلا استعمال ڪري رهي هئي پر سرڪاري اسڪولن لاءِ ماسڪ ،سينيٽائيزر۽ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ جي ڪنهن جي ذميواري هئي ؟ ڇا سرڪار ۽ تعليم کاتو اها ذميواري پوري طرح ادا ڪري سگهيا يا جتي اڳ ۾ 50 ٻار ويهي هڪ ڪلاس ۾ پڙهندا هيا انهن جو تعداد گهٽائي شفٽن ۾ ڪلاس وٺڻ جا انتظام ڪيا ويا هيا ؟ جنهن سان ڪورونا تصي ڪنٽرول ڪري سگهجي ها.
اسان سمجهون ٿا ته شاگردن جو اڳ ئي تمام گهڻو تعليمي نقصان ٿي چڪو آهي سرڪار ۽ تعليم کاتو پنهنجي ذميواري نڀائڻ بدران اسڪول ئي لڳاتار بند رکڻ چاهي ٿو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ مسئلي جو حل ناهي ،جڏهن لاڪ ڊائون ئي ختم آهي شهرن ۾ هر شيءَ کليل آهي اچ وڃ جاري آهي ته ڇا رڳو اسڪول بند ڪرڻ سان ئي ڪورونا کي روڪي سگهجي ٿو؟ ڇا اهي ٻار شهرن ۾ اچ وڃ نه ٿا ڪن يا انهن جا والدين ٻاهر وڃي وري گهرن ۾ انهن سان نه ٿا ملن.تعليم کاتي ۽ سنڌ سرڪار کي انهي معاملي تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ته لڳاتار اسڪول بند رکڻ نه رڳو مسئلي جو حل ناهي پر سنڌ جي شاگردن جي تعليمي مستقبل سان ظلم آهي، تنهن ڪري مٿي ڄاڻايل مسئلن کي حل ڪري ايس او پيز تحت اسڪول کولڻ تي ويچار ڪرڻ گهرجي آخرڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ انتظاميا ۽ سرڪار جو ئي ڪم آهي سرڪار پنهنجي ذميواري مان جان ڇڏائڻ لاءِ شاگردن جي مستقبل سان نه کيڏي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *