تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڇا ڪراچي به کنڀجي ويندي !؟

ملڪ جي سياسي صورتحال ڪٿي ٿي بيهي انهي جي خبر چار ته اسان کي ڪانهي پر اسان لاءِ تازو سنڌ جي سياسي صورتحال نهايت ئي خطرناڪ نظر اچي رهي آهي. گٽر، نالن، ڪچري جي کاتي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪري وفاق جي حوالي ڪرڻ جا خدشا ظاهر ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا ته ڪراچي لاءِ 2050ع تائين جو ويزن ظاهر ڪري چڪي آهي جنهن مطابق ڪراچي جلد ئي وفاق جي حوالي ڪئي ويندي. مرڪزي حڪومت اڳئي چئي چڪي آهي ته ڪراچي وفاق جي حوالي ٿيندي. انهن ڳالهين هلندي تازو سپريم ڪورٽ به سوال ڪري چڪي آهي ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي! ڇا ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪجي؟ ان سوال جي جواب ۾ جناب اٽارني جنرل صاحب جيڪو پيپلزپارٽي جو دادلو رهيو آهي ان چيو ته وفاقي حڪومت سنجيدگي سان سوچي رهي آهي، اٽارني جنرل حڪومت جو نمائندو هوندو آهي ان جي جواب کي حڪومت جي Statement سمجهيو ويندو آهي. انهي جو مطلب هاڻ پڪ ٿيڻ گهرجي. وڌيڪ ته وزير قانون به ته ڪراچي کي وفاق جي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ ڪيترائي دفعا اهڙا بيان ڏئي چڪو آهي. هن دفعي ته گٽر، نالا ۽ ڪچري جو سبب ڄاڻايو پيو وڃي ته سنڌ حڪومت نااهل آهي ۽ شهر کي سنڀالي نٿي پئي سگهي. سزا ڏيڻي آهي ته حڪومت کي قانون مطابق ختم ڪري گورنر راڄ قائم ڪريو پر ايئن نه ته ڪراچي کي (Missing City) گم ٿيل شهر ٺاهڻو آهي تي عمل ڪرڻو آهي. جيئن جولاءِ 1948ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو هو. اها تڏهن وري ان وقت ظاهر ٿي جڏهن ون يونٽ ٽٽو، ڪجهه سالن لاءِ ڀٽو حڪومت ۾ ڪراچي سنڌ وٽ رهي وري 1977ع کانپوءِ ضياءُ الحق، پرويز مشرف، ايم ڪيو ايم جي مائي باپن وٽ رهي پر ڪنهن به گٽر ۽ نالي ۽ ڪچري جي ڳالهه ڪو نه ڪئي. ڪراچي جو اڌ کان مٿي جو حصو ته سنڌ حڪومت جي حوالي آهي ئي ڪو نه. اهو ته اڳ ئي مرڪز جي حوالي يا ڪينٽونمينٽ بورڊ جي حوالي آهي. باقي حصو لوڪل گورنمينٽ ميونسپالٽين جي حوالي آهي يعني مقامي حڪومتن جي حوالي آهي. آخر باقي ڇا آهي جنهن کي حڪومت سنڌ نه پئي سنڀالي سگهي؟ قصو ڪجهه ٻيو آهي. ڪراچي جا ٻيٽ ڪياماڙي، بابا ڀٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ٻيٽ آهن جن تي قبضي جي ضرورت آهي. ڪراچي جا ڪجهه ماڻهو ته مقامي حڪومت جي خودمختياري چاهين ٿا. اهي سنڌ حڪومت جي انتظامي ڪنٽرول ۾ رهڻ نٿا چاهين. صوبائي خودمختياري کي پاڪستان دشمني سمجهن ٿا ۽ قوميتن کي اسلام دشمني ۽ پاڪستان دشمني سمجهن ٿا. ان ڪري مرڪز ۾ آمريت جا حامي جمهوريت جا دشمن ٿي بيٺا آهن جڏهن کين 1969ع ۾ خبر پئي ته ون يونٽ ٽٽڻ وارو آهي ته ان وقت به ڪراچي جي سنڌ کي واپس نه ملڻ جي تحريڪ هلائي ويئي هئي پر مجيب الرحمان کي منهن ڏيڻ لاءِ مجبورن ڪراچي سنڌ جي حوالي ڪئي وئي. خير گذري کي ياد ڪري موجوده صورتحال تي غور ٿو ڪجي جيڪا هن ريت آهي. 1 وفاقي حڪومت ڪراچي کي پنهنجي انتظامي ڪنٽرول ۾ وٺڻ لاءِ تياري ڪري چڪي آهي ان لاءِ قانوني ڍانچو به تيار ڪيو ويو آهي. بل پاس ڪرڻ جي ضرورت پئي ته اسيمبلي کان بل پاس ڪرائي وٺبو. مخالف ڌرين مان ٿوري گهڻي تڪليف ٿي ته پ پ پ کي ٿيندي پر اسان ڏٺو ته گذريل ڏينهن ۾ جيڪي بل پاس ٿيا آهن انهن تي نهايت ئي خاموشي سان سڀني پارٽين بنا چون چران جي هٿ مٿي کڻي بل پاس ڪرايا. حالانڪه ڪجهه ڪلاڪ سندن موقف ڪجهه ٻيو هو! ڏاڍي جي لٺ کي ڏهه مٿا، مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ! رهيو آئين ۾ ترميم جو معاملو، رڳو اهو آسرو رهيو ته سنڌ اسيمبلي شايد ان کي قبول نه ڪري. سنڌ اسيمبلي اڳ ۾ به ون يونٽ وقت اڪثريت سان سڄي سنڌ حوالي ڪئي. 1948ع ۾ ڪراچي کي جدا ڪرڻ وقت به خاموش رهيا ان وقت اسٽيبلشمينٽ ايڏي مضبوط ڪو نه هئي جيتري مضبوط هن وقت آهي! سو انهن ميمبرن ۾ آسرو رکبو پر ڀروسو گهٽ آهي. وڌ ۾ وڌ سنڌ حڪومت جيڪڏهن انهي وفاقي آرڊر يا بل کي چئلينج ڪندي آئين جي آرٽيڪل (3) 184 تحت سپريم ڪو کي رجوع ڪري سگهي ٿي. ٻيو ٿيو خير.
سپريم ڪورٽ کي غير ضروري طور تي ڪراچي متعلق آبزرويشن ڏيڻ کان محتاط رهڻ کپندو هو ڇو جو اهڙو Dispute وٽس اچي سگهي ٿو جو آرٽيڪل (3) 184 تحت وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف تي فيصلي جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ ئي آهي. وقت کان اڳ اهڙي آبزرويشن ڏيڻ نڪي سندس اختيار ۾ آهي نڪي ضروري آهي جنهن جي ڪري وقت کان اڳ ڌرين ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي سگهي ٿي. ڇا ڪجي سنڌ حڪومت ته رڳو نيب کي منهن ڏيڻ لاءِ ويٺي آهي. واندي ڪونهي جو ڪا قانوني ٽيم ٺاهي جيڪا سندس خودمختياري ۽ عوامي حقن جي ڳالهه ڪري سگهي. ايڊووڪيٽ جنرل صاحب ته هڪ لفظ به ڪو نه ڳالهايو ۽ نه ڪو قانوني موقف پيش ڪري سگهيو. جڏهن ڪو موقف پيش نه ڪري سگهندو ته عدالتن وٽ جيڪو موقف پيش ٿيندو ان مطابق ئي عدالت فيصلو ڪندي. ڌرين جا نمائندا هوندا ئي ڌرين جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ آهن ليڪن هتي صورتحال مختلف رهي. سنڌ حڪومت جو وڪيل صاحب شايد ان وقت هوش ۾ ڪو نه هو يا کيس ڪيس جي به خبر ڪانه هئي. موجوده عدالتي نظام تي اسان ڪو به تبصرو ڪو نه ٿا ڪري سگهون پر هن کان اڳ ۾ جيڪي عدالتي فيصلا ٿيا آهن انهن مان ڪجهه جو تفصيل هن ريت آهي.
“جج صاحبان لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي پاڻ ڪو نه ڳالهائيندا آهن پر سندن فيصلا ڳالهائيندا آهن.” ڪجهه جج صاحبان اهو ثابت به ڪيو. لاهور جي جسٽس عبدالرشيد جي اڳيان ڪو ڪيس آيو ته پاڻ ٻڌڻ کان انڪار ڪندي چيائين ته I Hate To Hear The Casses Of Friends آئون دوستن جي ڪيس ٻڌڻ کان نفرت ڪندو آهيان ۽ ايئن چئي ڪيس واپس ڪري ڇڏيائين.
1930ع ۾ ڀڳت سنگهه جي خلاف لاهور سازش ڪيس هلائڻ لاءِ اسيپشل آرڊيننس نافذ ڪيو ويو ته ڪيس بند ڪمري ۾ هلندو. شاهدن کي آڻڻ جي به ضرورت ڪانهي. هڪڙي مسلمان جج سجاد حسين احتجاجن استعيفيٰ ڏني ته انهن حالتن ۾ ڪيس هلائڻ ناانصافي ٿيندي. اهڙن سٺن مثالن هوندي به ڪجهه اهڙا مثال آهن جن عدالتي وقار ۾ ڪمي آندي آهي. جيئن ته جج صاحبان جو PCO تحت حلف کڻڻ. اٺين ترميم جي خلاف Suo moto قدم نه کڻڻ. ايتري قدر جو خواجه ناظم دين جي ڪيس ۾ جسٽس منير جي فيصلي عوامي بي اعتمادي پيدا ڪئي جو عام ماڻهو به ان جو مثال ڏيڻ لڳا. وري توهين عدالت جي ڪيس ۾ جنرل اسلم بيگ ڏوهاري ثابت ٿيو. فل بئنچ جسٽس افضل ظلحه (جيڪو چوندو هو ته مٿي الله هيٺ ظلحه) جي سربراهي ۾ کيس ڏوهاري هوندي به آزاد ڪري ڇڏيو. حوالو 1993-3-27 صفحو (1993 PSC 620) ساڳين ڪيس ۾ شاهد اورڪزئي کي فرنٽيئر پوسٽ جي نمائندي کي ڇهه مهينا سزا ۽ 5000 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي تنهن وقت جي صدر غلام اسحاق ڊسمس ڪيو ته سپريم ڪورٽ ضياءُ الدين ۽ شاهين صهبائي جي ٻن مضمونن (جيڪي ڊان ۾ شايع ٿيا) جو جواز بڻائي غلام اسحاق جي حڪومت کي ڊسمس ڪرڻ واري آرڊر کي جائز قرار ڏنو. ٻئي پاسي جڏهن نواز شريف جي حڪومت کي غلام اسحاق ڊسمس ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ساڳين ٻن ليکڪن ضياءُ الدين ۽ شاهين صهبائي جا ليکڪ (ڊان ۾ شايع ٿيا) پيش ڪيا ويا ته عدالت اخباري مضمونن کي قبول نه ڪيو ۽ غلام اسحاق جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.
اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن سنڌ صوبي ۽ وفاق ۾ جيڪڏهن ڪو Dispute پيدا ٿئي ٿو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ فيصلو وڃي ٿو جڏهن ته حڪومتي قانوني ٽيم خاموش رهي نڪاح قبول ڪري ۽ ميڊيا جيڪا انهي ميدان ۾ اڳئي تعصب سان ڀريل پروپئگنڊا ڪندي رهي آهي. ٽي وي هجي يا اخبارون سڀ حڪومت جي نااهلي جو رڪارڊ وڄائينديون رهنديون هجن. ٻه مضمون نه پر اخبارن جون ٻوريون ڀرجي ۽ وڊيوز جا بنڊل پيش ڪن. عدالتي ريمارڪس جا حوالا ڏنا وڃن ته پوءِ ڇا فيصلو ٿيندو؟ بس “GOD is great”.
اسان جي حالتن جي سڀني کي خبر آهي. پ پ پ حڪومت نااهلي ۾ دنگ ڪري ڇڏيو آهي. ميمبر صاحبان پنهنجي ڳوٺ جا مسئلا حل ڪو نه ٿا ڪري سگهن. نيب به پويان اٿن، ماڻهن ۾ وڃن ته ڪارو رنگ تيار آهي. Street Power مڙيئي خير آهي. جيڪو آهي اهو ملائن جي حوالي. انهن جو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان خير جو ڪو به واسطو ڪونهي. قومپرست پارٽين جا ورڪر کنڀجن پيا ۽ ڪسجن پيا. ويچارا بي وس آهن. ٻيا ڪارڪن وري قومي ڪمن ۾ حصو وٺي قومي خدمت ۾ رڌل آهن. سنڌ جي قومپرستن جو Street Power به وڃي ڪجهه بچيو آهي. سنڌ جو صحافي ويچارو پگهار لاءِ رلندو وتي. سنڌ جو وڪيل تاريخن وٺڻ ۾ پورو آهي ۽ انصاف لاءِ اصيلن کي آسرا ڏيندو وتي. ان هوندي به جيڪڏهن وڪيل، صحافي، اديب، قومي ڪم ڪندڙ ڪارڪن، سياسي ڪارڪن، سول سوسائٽي، شاگرد تنظيمون ۽ استادن وغيره جون تنظيمون گڏجي پيون ته شايد بچاءُ ٿي سگهي ٿو. ٻي حالت ۾ ڪراچي کنڀجي ويندي ۽ قومي ڪارڪن جيان “Missing City” يا وري مرڪز جي ڊپارٽمينٽ جي Cold Storage ۾ ڪنهن Dead Body وانگر سڃاڻپ لاءِ پيل هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *