Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_e1h1s70r1g75r24657gi86r0sv, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڇا ڪراچي وفاق حوالي ٿي چڪي ؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڇا ڪراچي وفاق حوالي ٿي چڪي ؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

ڇا ڪراچي وفاق حوالي ٿي چڪي ؟

پاڪستان ۾ اقتدار ۾ ايندڙ ويندڙ سياسي پارٽين جي حرس جي انتها اها رهي آهي ته اهي اختيار، اقتدار جو هجي يا پارٽي جو هيٺ منتقل ڪرڻ لاءِ تيار نه هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اختيار هيٺ منتقل ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ته سندن هر معاملي ۾ سڌي ريت مداخلت جو رستو ختم ٿي وڃي ٿو ته ٻئي طرف هيٺئين سطح تي نئين ليڊر شپ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا انتظامي معاملا هلائڻ جا هنر سکي وٺي ٿي، نتيجي ۾ انهن سياسي جماعتن جي ليڊر شپ مٿان جيڪو ڪارڪنن جو اعتقاد ۽ لاڙو ۽ عوام جو انحصار هوندو آهي، اهو گهٽجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ سياسي جماعتن عملي طور تي ثابت ڪيو آهي ته جيڪو اختيار مڪاني ادارن کي ملڻ گهرجي اهو هو ڪڏهن به ڏيڻ لاءِ تيار نه هونديون آهن. ن ليگ پيپلزپارٽي ايئن ڪيو هو، تحريڪ انصاف به ان ئي رستي تي هلي رهي آهي.
اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف پاران ملڪ ۾ متعارف ڪرايل مڪاني ادارن جو نظام ملڪ اندر موجود ۽ ماضي جي نظامن کان گهڻو بهتر هو، پر جيئن ئي سياسي حڪومتون آيون، انهن مشرفي مڪاني نظام مان اوڻايون ڪڍي ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بدران هيٺئين سطح تائين جيڪو اختيار هو ان کي ئي مڪمل ختم ڪري، بيوروڪريسي ذريعي پنهنجي اجاراداري وارو نظام قائم ڪري ڇڏيو. گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ اندر جيڪو مڪاني نظام موجود رهيو آهي، ان نظام سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آهي، جيئن هاڻي بجلي وڃڻ تي سنڌ ۾ ماڻهو حيسڪو ۽ سيپڪو  آفيسن ۾ بجلي جي اچڻ بابت پڇا نٿا ڪن ايئن ئي مڪاني ادارن کي به دانهن نٿي ڏني وڃي ته سندن گهٽي ۾ نالين جو گندو پاڻي ڀرجي ويو آهي، اسٽريٽ لائيٽ ڪم نٿي ڪري، يا گهٽي ۽ رستي تي روزانو ٻهاري نٿي نڪري، ڇاڪاڻ ته جيڪو مڪاني نظام موجود هو ان جا چونڊيل نمائندا ۽ سياسي طور ڏوڪڙ ڏئي مقرريون وٺندڙ آفيسر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا، اڄ نتيجي ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت وٽ هڪ به اهڙو شهر مثال ڏيڻ لاءِ موجود ناهي، جنهن بابت هو ٻڌائي ته هن فلاڻو شهر ماڊل طور تيار ڪيو آهي.ساڳي صورتحال ڪراچي جي آهي، بظاهر ته هن شهر ۾ مختلف راڄ واڙا قائم آهن، پر انهن راڄواڙن  اندر عوام لاءِ ڪجھه به نه ٿيو آهي، هڪ ته تيزي سان وڌندڙ هن شهر جي آبادي کي روڪڻ جو ڪو طريقو موجود ناهي، جڏهن ته سڄي ملڪ مان ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين اندر بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري  سُکيا  ماڻهو تعليم ۽ روزگار لاءِ جڏهن ته بيروزگار ماڻهو روزگار لاءِ هن شهر جو رخ ڪن ٿا. گذريل چئن ڏهاڪن ۾ هن شهر جي بربادي جي سڀ کان وڌيڪ ذميواري ان ڪري به ايم ڪيو ايم مٿان لاڳو ٿئي ٿي ته هو هر حڪومت ۾ حصيدار رهي آهي. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم اڇي ڪاري جي مالڪ رهي. ان ئي دور ۾ ڪراچي اندر وڏي پئماني تي مختلف گٽر نالن مٿان قبضا ٿيا، پارڪ ختم ڪيا ويا، راندين جي ميدانن اندر عمارتون قائم ٿي ويون.  ڊي ايڇ ايز ۾ توسيع ٿيندي رهي ، ان بعد جڏهن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سمورن اختيارن سان صوبي جي حڪمران رهي ته باقي ڪم صوبائي حڪومت پورو ڪري ڇڏيو.
ان ڳالھه کان انڪار ناهي ته پيپلزپارٽي کي ڪراچي مان ايتريون قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون نٿيون ملن، پر ڇا ملڪ جي اقتصادي حب ۽ سنڌ جي سڃاڻپ واري هن شهر کي ڪمائي جو ذريعو بڻائجي ها يا ان کي بهتر به ڪجي ها؟ جڏهن ته ڊي ايڇ ايز جي تيزي سان ڦهلاءَ ۽ شهر اندر ڪي پي ٽي ، ريلوي، ملير ڪينٽ  ۽ ٻين علائقن تي ڪي ايم سي جو ڪنٽرول نه هجڻ ڪري انهن علائقن ۾ جيڪو ڪجھه ٿيو مڪاني ۽ صوبائي حڪومتون ان تي خاموش رهيون. تازي برساتن هن شهر تي اختيار رکندڙ سمورين ڌرين جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ جي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري شهر ۾ ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو جيڪو تازي برسات ۾ متاثر نه ٿيو هجي. ميڊيا جي شهر هجڻ ڪري هي شهر ميڊيا جو محور به رهيو، نتيجي ۾ عالمي ميڊيا ۾ به سخت تنقيد ٿي. جڏهن ته ڪراچي کان علاوه باقي سنڌ جي حالت برسات سبب ابتر ٿي چڪي آهي، پر هن وقت نه سنڌ جي حڪومت انهن ماڻهن جي سار لڌي آهي ۽ نه وفاقي حڪومت لکين برسات متاثرن لاءِ ڪنهن پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.
وزيراعظم پاران اعلانيل ڪراچي پيڪيج ڏانهن اچڻ کان پهرين ملڪ جي سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو تعلق سڌي ريت ڪراچي پيڪيج سان ڳنڊيل نظر اچي ٿو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميان نواز شريف کي هلندڙ هفتي عدالت آڏو پاڻ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته ن ليگ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته ميان نواز شريف کي ملڪ اچڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، هو پنهنجو علاج ڪرائي، جڏهن صحت ياب ٿئي ته پوءِ ملڪ واپس موٽي اچي ۽ پاڻ کي عدالت حوالي ڪري. هن ڪيس ۾ ميان شهباز شريف عدالت اندر ميان نواز شريف جي ڪيس ۾ ضامن ناهي، پر وفاقي ۽ پنجاب جي حڪومتن وٽ هو ان ڪيس ۾ ضامن آهي، ان ڪري ان ڳالھه جا امڪان آهن ته ميان نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏئي ان جا دائمي وارنٽ جاري ڪيا وڃن، جڏهن ته پنجاب ۽ وفاقي حڪومت عدالت ۾ ميان شهباز شريف جي گرفتاري لاءِ درخواست داخل ڪرائي سگهن ٿيون، ذريعا چون ٿا ته اهو ئي سبب آهي جو امڪاني گرفتاري جي خوف سبب ميان شهباز شريف هرطرف کان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
پهرين سيپٽمبر تي مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ته هن عاصم سليم باجوه جي اثاثن بابت غيرمبهم انداز ۾ اظهار ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان مٿان به سخت تنقيد ڪئي. هڪ ڊگهي خاموشي بعد مريم نواز جو ڳالهائڻ طئه ٿيل حڪمت عملي جو حصو هو. نتيجي ۾ شهباز شريف کي ڪراچي ۾ بلاول هائوس وڃڻو پيو جتي هن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي. 20 سيپٽمبر تي  اسلام آباد ۾ اي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. حيران ڪن طور تي ان اي پي سي جي متوقع ميزباني ن ليگ بدران پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي.
ملڪ اندر ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کانپوءِ مخالف ڌر جون ننڍيون جماعتون ٻنهي جماعتن مٿان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، خاص ڪري مولانا فضل الرحمان ٻنهي  وڏين پارٽين جي رويئي تي شديد ناراض آهي، ان ڪري هو چاهي ٿو ته هاڻي  20 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اي پي سي ۾ سموريون جماعتون  هن حڪومت جي خاتمي جي جدوجهد جي طريقي ڪار کي لکت جي شڪل ڏين ۽ ان کي عوام آڏو پيش ڪن. ان خواهش تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو ان باري ۾ اي پي سي جي انعقاد ۽ ان جي نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو. پر هاڻي پيپلزپارٽي جو به امتحان شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي لاءِ 1113 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج ۾  رڳو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت نه پر هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به سڌي ريت هڪ ڌر آهي، ۽ ان ئي هن پيڪيج کي حتمي شڪل ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ڪراچي جي ٻن ڏينهن جي دوري کان اڳ ۾ ئي تحريڪ انصاف جي هارڊ لائينر سنڌ جي اڳواڻن کي واضح پيغام ڏنو ويو هو ته هو پنهنجو وات بند رکن. ان ڪري هن پيڪيج تي جڏهن ڪم شروع ٿيندو ته خود ان جي مالڪي جو به سوال اٿندو، جيئن ايندڙ  عام چونڊن ۾ ان کي ڪيش ڪرائي سگهجي.
اهو ئي سبب آهي ته بلاول ڀٽو زرداري واضح چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو حصو 8 کرب رپين جو آهي. سنڌ وٽ هن وقت ايتري رقم ناهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته سپريم  ڪورٽ اندر ڪراچي ڪيس جي معاملي ۾ بحريه ٽائون جي جمع  ٿيندڙ  رقم کي پيپلزپارٽي جي قيادت پنهنجي حصي ۾ وڌو آهي ۽ ان تي وفاق به اتفاق ڪيو آهي
فني طور تي هڪ ڳالھه ته واضح آهي ته جيتري رقم جي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ايتري رقم ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي لاءِ به نه رکي وئي آهي ته پوءِ ايتري رقم ڪٿان ايندي. ان باري ۾ اڃان تائين ڪا به وضاحت جاري نه ڪئي وئي آهي. رڳو اهو ٻڌايو ويو آهي ته حد دخليون هٽائڻ جي نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو بي گهر ٿيندا ان جي بحالي جو ڪم سنڌ حڪومت ڪندي، يعني ايڏي وڏي انگ ۾ ماڻهن جي آباد ڪاري کي ممڪن بڻائڻ خود هڪ وڏو چيئلينج هوندو. ايئن سمجهو ته ماضي جي نااهلين جي نتيجي ۾ سنڌ حڪومت  ڪراچي پيڪيج تحت هن وقت  وفاق جي ماتحت اچي وئي آهي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي اجلاس ۾ ملڪ جي طاقتور ترين ادارن جي موجودگي اها ثابت ڪري ٿي ته سنڌ حڪومت خرچ به ڪندي، پر اهو ڪريڊٽ وفاق ۽ اسٽيبلشمينٽ جي کاتي ۾ ويندو. اطلاعن مطابق ٽن سالن جي ڪراچي پيڪيج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيندڙ بحريه ٽائون جي ڏنڊ واري رقم جي باري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت گڏجي سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪندا ته اها رقم ڪراچي جي بحالي لاءِ ڪراچي پيڪيج کي ڏني وڃي ۽ امڪان آهن ته اها 460 ارب رپين جي رقم ان پيڪيج کي ملي وڃي، جڏهن ته باقي رقم سي پيڪ ۽ عالمي بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي هوندي.
ڪراچي پيڪيج  جي تڪميل دوران وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ جي نگراني هيٺ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ته پوءِ ان صورتحال ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته پيپلزپارٽي، وفاقي حڪومت جي خاتمي ۽ نين چونڊن لاءِ تحريڪ هلائي سگهي، خاص ڪري اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پاڻ ڪراچي بحالي پيڪيج جي وڏي ڌر هجي. تنهن ڪري موجوده منظرنامي ۾ مخالف ڌر جي اي پي سي مان ان ڳالھه جي اميد گهٽ نظر اچي ٿي ته هو ڪا هن حڪومت خلاف فيصلائتي جدوجهد ڪري سگهي. هن وقت ملڪ جي اڌ آبادي برسات جي ڪري متاثر ٿي آهي، پر سياسي جماعتن جي اڪثريت رڳو خبر ٺاهڻ لاءِ به ٻوڏ متاثرن وٽ نه پهتي آهي، شهباز شريف کي ڪراچي جي برسات متاثرن جي پريشاني گهٽ پر اصل ۾ پنهنجي پريشاني هئي، جنهن کيس بلاول هائوس وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته سڀئي ڦاٿل آهن ۽ پاڻ کي بچائڻ جي چڪر ۾ آهن.    
هن سڄي منظرنامي جو جائزو وٺڻ بعد هڪ ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته جيڪڏهن سياسي جماعتون ذاتي انا جي تسڪين بدران سياسي اصولن تي هلندي سياست جي بنياد طور مڃي ويندڙ مڪاني نظام کي مستحڪم ڪن ها ۽ ماڻهن جي سياسي سوچ جو احترام ڪندي جنهن جو جيترو حصو آهي، ان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪن ها ته اڄ ڪراچي جي صورتحال  گهڻي بهتر هجي ها پر ڪنهن به سياسي جماعت ايئن نه ڪيو.
ايم ڪيو ايم بندوق ذريعي ڪراچي مٿان حڪمراني ڪئي، نتيجي ۾ جڏهن هن کان بندوق ڦري وئي ته اڄ ايم ڪيو ايم تيزي سان هيٺ هلي وئي آهي. ڪراچي جي سڄي شهر کي مڪمل طور تي جيستائين هڪ بهتر مڪاني نظام جي ماتحت نٿو آندو وڃي تيستائين هن شهر جا مسئلا حل نٿا ٿي سگهن. مڪاني نظام ۽ ان جي هلائيندڙن جي ناڪامي جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اڄ غير سياسي ڌريون هن شهر جي بحالي لاءِ سڀ کان وڏي ڌر بڻجي ويون آهن. ايئن سمجهڻ گهرجي ته اڻ سڌي ريت ڪراچي وفاق جي حوالي ٿي چڪي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *