تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ڊاڪٽرن جي برطرفي ۽ صحت جو نظام…!!

سنڌ جي صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن جي غير حاضري، اسٽاف جو اسپتالن ۾ نه هجڻ ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون نه ملڻ ڪا نئين ڳالهه ته ناهي پر تازو “عادي غير حاضر” ڊاڪٽرن جو سامهون آيل اسڪينڊل حڪومتي ڌرين لاءِ سواليا نشان آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي اختيارين پاران جيڪو تازو 1132 ڊاڪٽرن کي برطرف ڪيو ويو آهي انهن ڊاڪٽرن مان اڪثريت اهڙن ڊاڪٽرن جي آهي جيڪي “عادي گوسڙو” ڊاڪٽر آهن ۽ مختلف وقتن تي 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا. جيتوڻيڪ ڪيئي سالن تائين ڄاڻايل ڊاڪٽرن پاران اسپتالن ۽ صحت کاتي جي آفيسن جو منهن ئي نه ڏٺو ويو هو سندن بائيوميٽرڪ رڪارڊ به صحت کاتي جي اختيارين وٽ موجود نه هو پر ان باوجود کين پگھارون جيئن جو تيئن ملنديون رهيون. مجموعي طور غيرحاضر ڊاڪٽرن جو انگ 1500 هو، جن کي مختلف وقتن تي صحت کاتي جي اختيارين پاران شوڪاز نوٽيس به جاري ڪيا ويا هئا پر ڊاڪٽرن پاران اختيارين کي هڪ شوڪاز نوٽيس جو به جواب نه ڏنو ويو جنهن بعد صحت کاتي پاران اعليٰ اختيارين جي منظوري بعد قانوني گھرجون پوريون ڪندي کين گھر ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان صحت کاتي جون اختياريون به اهو ئي ٻڌائين پيون ته ڄاڻايل ڊاڪٽرن ڪڏهن اسپتالن جو منهن ئي نه ڏٺو هو! جيڪڏهن اهڙي ئي صورتحال هئي ته پوءِ ڄاڻايل ڊاڪٽرن کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو قانوني قدم ڇو ناهي کنيو ويو؟ ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ڊاڪٽرن پاران غيرحاضري باوجود پگھارون کڻي سرڪاري خزاني کي جيڪو نقصان رسايو آهي ان جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو؟ شايد صحت کاتي جي اختيارين جو ان پاسي ڌيان ئي ناهي ويو، ڇو ته اڃان تائين ان بابت ڪا به حڪمت عملي ناهي جوڙي وئي.
صحت کاتي وٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ جو مسئلو سالن کان هلندو پيو اچي، صحت کاتي ۾ جيڪي حاضر رهندڙ ڊاڪٽر آهن انهن جو به حال اهو آهي ته هو اسپتالن ۾ موجود ناهن هوندا، سرڪاري ڊاڪٽرن جي جن تعلقن ۽ ضلعن ۾ مقرريون ٿيل آهن انهن ئي شهرن ۾ سندن خانگي اسپتالون به قائم ٿيل آهن، جتي هو سرڪاري اسپتالن کان وڌيڪ اتي وقت ڏين ٿا، جنهن ڪري عوام کي سرڪاري اسپتالن مان ڪو اثرائتو لاڀ نه پيو ملي، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي پابندي سان حاضري چانچڻ لاءِ به صحت کاتي وٽ ڪو نظام موجود ناهي، ان ڪري خاص طور تي ته رات جي وقت سرڪاري اسپتالون “نرسن” ۽ ٻئي پيراميڊيڪل اسٽاف جي حوالي ئي هجن ٿيون، رات جي وقت حادثن ۽ واقعن توڙي ايمرجنسي جي بنيادن تي جيڪي به مريض سرڪاري اسپتالن وڃن ٿا ته کين ڪا به سهوليت نه ٿي ملي، ان ڪري عوام جو سرڪاري اسپتالن تان ويساھ ئي کڄندو پيو وڃي ۽ ماڻهو سرڪاري اسپتالن بجاءِ خانگي اسپتالن جو ئي رخ ڪن ٿا جتي به اهي ئي سرڪاري ڊاڪٽر ملن ٿا جن جون مقرريون سرڪاري اسپتالن ۾ ٿيل هجن ٿيون!
هڪ پاسي صحت کاتي جو ڪو ڊاڪٽر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ٻئي پاسي وري صحت کاتي جي اختيارين پاران “کاتي” کي وسيع ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ ڏانهن سفارشون اماڻيون ويون آهن. جن ۾ گھر ڪئي وئي آهي ته صحت کاتي جي انتظامي ڍانچي کي وڌائي گريڊ 19 جي 3 ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ گريڊ 18 جي وڌيڪ 3 ڊپٽي سيڪريٽرين جون پوسٽون وڌايون وڃن. اهڙين سفارشن مان سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته صحت کاتو آخر چاهي ڇا ٿو؟ ڇاڪاڻ ته صحت کاتي ۾ اسپتالن جو حال ڪنهن کان به ڳجھو ناهي، بيسڪ هيلٿ يونٽس جي حالت به سڀني جي سامهون آهي، پر ان باوجود کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ سائيڊ کي مضبوط بڻائڻ بجاءِ انتظامي پوسٽون ڇو وڌايون پيون وڃن؟ صحت کاتي ۾ جيڪي به خرچ ٿين پيا انهي خرچن جو مقصد ته رڳو اهو ئي آهي ته عوام کي صحت جون سهوليتون فراهم ڪرڻيون آهن. جيڪڏهن مقصد به اهو ئي هجي ۽ اهو بنيادي مقصد پورو ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن رڳو صحت کاتي جي سيڪريٽريٽ سائيڊ کي ئي وسيع ڪيو ويندو ته ان مان عوام کي سڌي ريت ڪهڙو فائدو رسندو؟ ڇو ته جيڪڏهن ڪو ڊي ايم جي گروپ جو ڪامورو اچي کاتي جي مکيه ڪرسين تي ويهندو ۽ کيس ڪنهن بيماري کي منهن ڏيڻ جو تجربو به نه هوندو ته اهو عوام کي رليف ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صحت کاتي کي هاڻي سجاڳ ٿيڻ گھرجي، اسپتالن جي حالت تي رحم کائي هاڻي تجربا ڪرڻ بجاءِ ڊاڪٽرن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪا مستقل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل واري پاسي کي مضبوط بڻايو وڃي. جيئن عوام به ڪجهه سرڪاري اسپتالن مان فائدو حاصل ڪري سگھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *