Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_manv722p3l3l3veb18m57c8nr7, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڊي ايڇ او جي بدلي، سياسي ملاقات جو نتيجو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڊي ايڇ او جي بدلي، سياسي ملاقات جو نتيجو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڊي ايڇ او جي بدلي، سياسي ملاقات جو نتيجو

ھن وقت جڏھن ملڪ ۾ وفاقي سرڪار بابت مائنس پلس جا بحث ٿي رھيا آھن تڏھن اوچتو ميڊيا ۾ اھي خبرون به اچي ويون ته سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل جو امڪان پيدا ٿي پيو آھي جنھن موجب ڪجھه وزارتن جي قلمدانن جي تبديلي جو ذڪر به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته وري ڪجھه نون ماڻھن کي ڪابينا ۾ شامل ڪري وزارتون ڏيڻ جا پڻ امڪان ظاھر ڪيا پيا وڃن، اھڙيون خبرون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ بعد سجاول ضلعي ۾ ڪيترن ئي ماڻھن سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي خوشي جي اظھار ڪرڻ ۽ مبارڪن ڏيڻ جي ڀرمار لائي ڏني آھي، خوشي جو اظھار ۽ مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو ان ڪري شروع ڪيو ويو آھي جو ڪافي ماڻھن جو خيال آھي ته پيپلز پارٽي ضلعي سجاول جي صدر ۽ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي کي وزارت ڏني پئي وڃي، جنھن بعد ملڪاڻي جي حامين پاران سوشل ميڊيا تي ھڪ وڏي خوشي جو اظھار ڪري ھڪٻئي کي واڌايون ڏنيون پيون وڃن. محمد علي ملڪاڻي ھن کان اڳ ۾ به وزارتي مسند تي ويھي چڪو آھي ۽ سندس سئوٽ عثمان ملڪاڻي پڻ معدنيات جو وزير رھي چڪو آھي، ملڪاڻين لاءِ وزارت ته ڪا نئين شيءَ ناھي پر کين ٻيھر وزارت ملڻ تي ضلعي جي عوام کي خوشي تڏھن ٿئي ھا جو سندن وزارت جي دور ۾ ھن ضلعي اندر ڪو اھڙو غير معمولي ڪم ٿيو ھجي ھا. ھن وقت خوشي جو اظھار ڪري مبارڪون ڏيندڙن مان ڪجهه ماڻھن کان پڇيم ته ملڪاڻي کي وزارت ملڻ سان عام ماڻھن کي ڪھڙو فائدو ٿيندو ۽ ضلعي کي ڪھڙو فائدو ٿيڻ جي اميد آھي؟ تڏھن ھنن کان اھو روايتي جواب ئي مليو ته ملڪاڻين بھترين ڪم ڪيا آھن، کين وزارتي قلمدان ملڻ سان ضلعي جي عوام کي گھڻا فائدا ٿيندا ۽ ڪيترائي ترقياتي ڪم پڻ ٿيندا، ۽ ڪجھه ماڻھن صرف اھو جواب ڏنو ته اسان ملڪاڻي جا ووٽر آھيون ھو اسان کي ھر وقت ڪم ايندو آھي ان ڪري اسان کي خوشي آھي.
ڪجھه ڏينھن اڳ جي ڳالھه آھي جو پ پ جي اندروني ذريعن ٻڌايو ته محمد علي ملڪاڻي، ريحانا لغاري ۽ سندن حامي اڳواڻن جي وڏي وزير ۽ فريال ٽالپر سان ضلعي جي سياسي صورتحال بابت ڳالھه ٻولھه ٿي ھئي جنھن بعد ترت ئي فريال ٽالپر سان شيرازي گروپ جي چونڊيل ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ۽ ايم پي اي شاھ حسين شيرازي جي پڻ ملاقات ٿي ۽ ڪجھه ڳالھين تي غور ويچار ڪيو ويو ھو، سوچيم شايد ملڪاڻي ۽ ٻين اڳواڻن پاران وڏي وزير ۽ فريال سان ملاقات ڪري سياسي ڳالھه ٻولھه ڪرڻ جو ئي نتيجو آھي جو ملڪاڻي کي وزارت ملڻ جون سرگوشيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون، اڃان اھو سوچي ئي رھيو ھيس جو ھڪ دوست جو فون آيو، دعا سلام ڪرڻ بعد ھمراھه چيو ته ڏي خبر فريال سان ملاقات جو اھو پھريون نتيجو نظر آيئي؟ چيم: اڃان ڪجھه ٿيو ئي ناھي ته ڇا نظر اچڻ گھرجي؟
چيائين: بادشاھ ماڻھو آھين ڏسين نه ٿو ته شيرازين پاران فريال سان ملاقات ڪرڻ جي فوري بعد ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽر جاويد ڀٽو جي بدلي ٿي وئي آھي ۽ سندس جاءِ تي ڊاڪٽر شھناز خواجا ڊي ايڇ او سجاول مقرر ٿي وئي آھي،
دوست جي ڳالھه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، سوچيم ڇا واقعي ئي اھو شيرازين پاران فريال سان ڪيل سياسي ملاقات جو پھريون نتيجو آھي؟ جو ڊي ايڇ او جي بدلي ٿي وئي آھي؟ ڇو ته ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته جاويد ڀٽو کي پھرين به شيرازين بدلي ڪرايو ھو پر ھو واپس آرڊر ڪرائي آيو ھو.
فون ڪندڙ دوست وري چيو ته ڪجھه وقت اندر ئي سجاول ضلعي ۾ ڪامورن جي مقررين ۽ بدلين ۾ گھڻيون تبديليون اچڻ واريون آھن، پر سوچڻ جي ڳالھه اھا آھي ته ھڪ پاسي 3 ايم پي ايز محمد علي ملڪاڻي، ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو اتحاد ۾ آھن ۽ ھو شيرازين جي مقرر ڪرايل آفيسرز کي بدلي ڪرائڻ چاھين ٿا پر ٻئي پاسي شيرازي گروپ جو صرف ھڪ ايم پي اي شاھه حسين شيرازي آھي پر سنڌ حڪومت ۽ پ پ قيادت وري به ھر ڀيري 3 ايم پي ايز جي ڀيٽ ۾ شيرازي گروپ جي ھڪ ايم پي اي کي ئي وڌيڪ اھميت ڏيندي آھي، اھا آخر ڪھڙي حڪمت عملي آھي؟ ان جو پتو بلدياتي چونڊن دوران پئجي ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *