تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڊپريشن ۽ ان جا زندگي تي اثر

جيئن ته ڪورونا وبا سبب پوري دنيا ڄڻ لاڪ ڊائون ۾ آهي جنهن سبب عام  توڙي خاص ماڻهو پريشاني واري صورتحال ۾ آهن. هن وبا خاندانن جا خاندان اجاڙي ڇڏيا ۽ ماڻهن کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي ان ڪري ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ به ساڳي صورتحال آهي  ڪورونا وبا سبب علاج ڪندڙ مسيحا تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن ان سان گڏوگڏ عام ماڻهو جي صحت مٿان هن وبا جا انتهائي خطرناڪ اثر پيا آهن جنهن ڪري ماڻهو ذهني توڙي جسماني بيمارن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.جنهن جو وڏو سبب ڊپريشن پڻ آهي.آئون هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ ڄاڻان ٿي ته ڊپريشن جا اسانجي زندگي تي تمام منفي  خطرناڪ اثر  پون ٿا جنهن  ڪري اسانجي جسم ۾ انيڪ بيمارين جي وڌي وڃڻ جو خدشو ٿي پوي ٿو.
جنهن کانپوءِ اسان توڙي اسانجو پورو ڪٽنب ان بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو . هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڊپريشن ٿيڻ جا سائنسي سبب ڪهڙا آهن؟ڊپريشن جو مکيه سبب اسانجي جسم مان نيروٽارنسميٽر جي گهٽتائي ٿيڻ هڪ اهم سبب آهي جنهن ڪري انسان پريشاني ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ، اداسي کي پنهنجي جيئڻ جو سهارو ٿو سمجهي ۽ مزاج ۾ چيڙاڪ بڻجي وڃي ٿو . ڊپريشن جي مريض سان خاص طور تي ايئن به ٿئي ٿو جو هو پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ يعني پنهنجي جان وٺڻ لاءِ هروقت تيار رهندو آهي.
توهان کي خبر هوندي ته جيڪي ماڻهو خودڪشي (Suicide ) ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اهي پڻ ڊپريشن جا مريض ئي هوندا آهن.
نيروٽارنسميٽرز جي گهٽتائي کي اسان ٽن طريقن سان پوري ڪري سگهون ٿا ۽ ڊپريشن مان جان ڇڏائي سگهون ٿا.
1. ميڊيڪيشن هر ميڊيڪل ٽريٽمينٽ جو ٽرم آهي جيڪو 1950ع ۾ متعارف ڪرايو ويو جنهن جي معنيٰ آهي دوائن ذريعي هن بيماري جو علاج ،جيڪي دوائون توهان کي ڊاڪٽر ڏئي اهي  سختي سان ۽ وقت تي واپرائڻ گهرجن.
2. Psycho therapy سائڪو ٿراپي اسان ذهني طور تي رهنمائي ڪرڻ کي چوندا آهيون. ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهو جي سوالن جا جواب ڏيڻ ان کي مطمئن ڪرڻ ان جي هر سوال جو جواب پازيٽو ۾ ڏيڻ آهي سائڪو ٿراپي سائڪو ڪائونسلنگ وارو ڪم ڪندي آهي.
3. اليڪٽرو ڪنولزو ٿراپي(Electro Convulsive Therapy) يعني اليڪٽرانڪ شاڪس ڏيڻ ؛ هن ٽرم کي ڊپريشن جي ان مريض لاءِ  استعمال ڪري سگهبو آهي جيڪو مٿئين ٻنهي ٻڌايل سائنسي طريقن مان ٺيڪ ناهي ٿيندو پوءِ آخري آپشن ڊاڪٽر وٽ اهو هوندو آهي جيڪو مريض تي استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن سان اليڪٽرانڪ ويوز جي ذريعي نيروٽانسميٽر جو پورائو ڪيو ويندو آهي. بحيثيت هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ مان سڀني کي عرض ڪنديس ته پنهنجي ٻارن جو سڀني کان وڌيڪ خيال رکو ۽ انهن جي هر ڳالهه خوش مزاجي سان ٻڌو ۽ انهن جي ڪائونسلنگ هڪ دوست هجڻ جي روپ ۾ ڪندا ڪيو. هڪ اهم ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت هر هڪ ماڻهو هن ڪورونا وبا جي ڪري پريشاني واري صورتحال مان گذري رهيو آهي ان ڪري پنهنجو ۽ پاڙي وارن جو گهڻي کان گهڻو خيال رکڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *