تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ڌوڙ مفت م !!

جوھي سميت دادو ضلعي ۾ ٿڌ شروع ٿيندي ئي پرديسي پکين جو اچڻ شروع ٿي ويو آھي، اڳ ۾ پکين کي شڪاري سڌا فائر ڪري قتل ڪندا ھئا، ھاڻ ڄار جي استعمال سان پکين جو شڪار ٿي رھيو آھي. جوھي ۾ تلور پکي جي آمد تي عرب شڪارين سان گڏ گھڻي قسم جا شڪار به جوھي ۾ ٿي رھيا آھن، خير شڪار ۽ شڪارين جي موضوع کان ھٽي سياسي شڪار بـه عجيب آھن جتي ڪير ڪنھن جو دشمن ويري ناھي پوءِ بـه ھڪ ٻئي کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار جو استعمال ٿيندي نظر اچي ٿو. ڪجھه ڏينھن اڳ لياقت جتوئي جو دادلو ساٿي سردار گل محمد رودناڻي لياقت جتوئي جي ڪئمپ کي الوداع ڪري پ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ڪئمپ م شامل ٿي ويو آھي. ھي وڪيٽ لياقت جتوئي لاءِ سياسي لحاظ کان ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿي آھي جمالي ڪئمپ ۾ وري ھڪ وڌيڪ نئين سردار جي انٽري ٿي چڪي آھي. ھن اعلان کان ھڪ سال اڳ سيد غلام شاھه جيلاني جي وفات تي ضمني چونڊن ۾ سردار گل محمد پ پ م شامل ٿيو جتي ڊرامائي تبديلي ان وقت آئي جڏھن لياقت جتوئي وٽس ھلي ويو تـه ھن پ پ ۾ شموليت وارو اعلان واپس وٺي جتوئي ڪئمپ ۾ ئي رهيو. جتي ھن اعلان ڪيو تـه ھاڻي سدائين جتوئي سان گڏ رھندو سال بعد ھاڻ وري پ پ ۾ شامل ٿيڻ عام ماڻھن لاءِ حيران ڪندڙ ڳالھه ناھي. ڳوٺ گولو فقير جي ھن فقيري صفت شخص 20 سال سياسي وفاداري جو ثبوت ڏنو، سندس ووٽ بئنڪ جوھي ۾ آھي مخالفت ۾ ھجڻ ڪري صفا ننڌڻڪا ۽ ترقي جي لحاظ کان گھڻو پري رھجي ويا ۽ ھاڻ جمالي صاحب جي قيادت م پ پ پ ۾ اچي ويو آھي تـه سندن اميد تـه مسئلا حل ٿيندا ! جوھي ۾ ھن کان اڳ سردار بنده علي لغاري بـه پ پ پ ۾ شامل ٿيو ھو جڏھن تـه دادو جوھي ۾ پنھور برادري جو وڏو انگ سردار مير منظور معرفت پ پ م شامل آھي جنھن ڪري دادو ضلعي جي سياست ۾ رفيق احمد جمالي جو ستارو چمڪي رھيو آھي. ھاڻ ڪير مخالف ڌر ۾ ڄڻ آھي ئي ڪونه ليڪن پ پ جي سينئر ڪامريڊ جو وزنائتو جملو تـه عام ووٽر ڪارڪنن کي ڇڏي سردار گڏ ڪري ڏيکاءُ لاءِ تـه بھتر آھي ليڪن اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جو عمل انتھائي نازڪ ھجي ٿو. ھن ڪامريڊ موجب اھڙن حالتن ۾ ڪيترائي اھم سوال اڀري سامھون آيا آھن جن ۾ پ پ پ ايم پي اي سيد صالح شاھه ۽ ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري جي الڳ ڪئمپ لڳندي محسوس ٿي رھي آھي. پ پ پ مخالف ووٽ لاءِ ھر اليڪشن ۾ سامھون ايندڙ لياقت جتوئي خاندان وڏي امتحان ۾ اچي ويو آهي. عام ورڪر سادي طبعيت جي مالڪ عاشق زنئور چيف سرداري جي پڳ ٻڌي سرداري لسٽ ۾ اچي ويو آھي جتي ميرپوربٺورو واسي رميز الحق زنئور به دادو پھچي عاشق جي سردار ھجڻ واري دعوا کي رد ڪيو آھي ۽ پٽ گل محمد جا لغاري بـه سردار ٿيڻ لاءِ وٺ وٺان ۾ آھن ٻنھي نون سردارن کي سادگي نياز نوڙت جي ڪري ووٽ مليا ھئا ھاڻ سردار ٿيڻ سان ووٽ وڌي ويندا يا اڳ جي رزلٽ جي ڀيٽ ۾ پوئتي ساڳي يوسيز واري پوزيشن تي وڃي بيھندا؟ انهي سوال جو جواب ايندڙ اليڪشن ۾ ملي ويندو ۽ لياقت جتوئي جي ڪئمپ ۾ عاشق زنئور ۽ امداد خان اڃان تائين بچت ۾ آھن. ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته مخالف ڌر جي ڪئمپ ۾ ھڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ جي اندروني ڪھاڻي ھاڻ کليل داستان آھي جنھن ڪري ھڪ ته حڪومت کان ٻاھر ٻيو وري کيچل ته نتيجا اھڙا نڪرڻ جا اڃان بـه چٽا امڪان موجود آھن . پ پ قيادت ھاڻ ڪامريڊ ڪارڪنن جي جاءِ تي نوان چھرا پارٽي عھديدار مقرر ڪري ڇڏيا آھن، جوھي ۾ پ پ مخالف ووٽ کان وڌيڪ اميدوار مخالف ووٽ موجود آھي ۽ امڪان غالب آ ته ايندڙ وقت ۾ به رھندو. پ پ جو عام ورڪر لڏو منظر تان مايوسي ۾ گم آھي پارٽي ۾ جيڪا اڳ عھديدار ورڪر جي عزت مقام ھو اڄ انھن سيٽن تي سيٺ ۽ سردار ويٺل آھن ڪو وقت ھو جو ڪامريڊ حسين رند، بشير ٿھيم جو لفظ حرف آخر تصور ٿيندو رھو اڄ اصغر، اڪبر رند، خميسو بروھي سميت نوان توڙي پراڻا جيالا انھي پريشاني ۾ آھن ته جتي سڀ سردار اچي گڏ ٿيا آھن انھن خلاف سخت نعرا ھنيا اڄ اتي ويھڻ لاءِ ڪرسي ملندي ؟
خير ھي ايندڙ وقت جي صف بندي آھي جتي جمالي ڪئمپ ضلعي تي حاوي آھي 1988ع کان پ پ اميدوار جمالي ڪامياب ٿيندو رھيو آھي عجيبب منظر ھي آھي ته پ پ پ ۽ مخالف ڌر ٻئي پنھنجا يا مخالف ووٽ ۽ ووٽر جي سڃاڻپ ڪري ناھن سگھيا ڇاڪاڻ ته پ پ مخالف اميدوار تبديل ٿيندا رھيا آھن ۽ ووٽر ساڳيا ئي رھيا، ڊگھي مدت لاءِ ڪير ڪيترو روزو رکي سگھي ٿو انھي جي اندازو موجوده حالتن ۾ پڪ سان پتو لڳي ٿو ته پ پ ۾ سڀ سردار وڏيرا گڏجي ويا آھن، اتي سوشل ميڊيا تي به جوھي جو بحث چوٽي تي چڙھيلآهي ۽ سوال مٿان سوال جو سلسلو به جاري آھي جنھن ۾ ٻوڏ بعد ٽٽل روڊ رستا اڃان تائين نه ٺهيا آهن ۽ ڌوڙ جا طوفان نظر اچن ٿا. ڪاڇي ۾ سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل يوسين مان ساوڙو جو نمبر پھريون ھوندو جتي ماڻھن جو خيال آھي تـه سردار گل محمد رودناڻي جي شموليت سان پ پ پ حڪومت سندن دردن جي درمان ڪندي. جيڪڏھن روايتي ويساھه گھاتي جو ورجاءَ ٿيو ته ايندڙ وقت ۾ ووٽر ۽ سياستدانن جا رستا جداجدا ھجڻ جا امڪان آھن. ھونئن به دادو ضلعي ۾ وڏي عرصي کان شوق سان حڪومتي ڪئمپ ۾ شامل ٿيڻ وارا ڪجھه عرصي بعد دانھون ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته جيڪي وعدا ڪيا ويا اھي وفا ناھن ٿي سگھيا.
ھن وقت جوھي شھر سميت ٻھراڙي جي علائقن ۾ صرف عوام جي منھن ۾ مٽي ۽ ڌوڙ آھي، سياسي ماڻھن جا چھرا مايوسي واري آئيني آڏو آھن صرف سردار لڏو گھڻي عرصي تائين ھڪ ٻئي تي سنگين الزام بعد وڍي جي واري ونڊي وٺو پوءِ موقعو ملي يا نه جنھن ڪري عوام جي لاءِ ڌوڙ عام جام آھي جتي ترقي ڪڏھن ٿيندي وارو سوال ھر زبان تي اچي ويو آھي ته انھن حالتن ۾ حڪومت چونڊيل نمائندن جي ڪئمپ ۾ اڃان خاموشي ڇانيل آھي. سوالن بعد لاجواب بڻيل عوامي نمائندن کي نيٺ جواب ڏيڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *