تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪانه ۽ هيڻي تان لهي ڪانه

اسان وٽ سدائين ٿيندو اهو آيو آهي ته ڪندا هڪڙا آهن ۽ ڀوڳيندا ٻيا آهن،ڪجهه ماڻهن جي پنهنجي فرض ۾ غفلت يا ٿورن پئسن جي لالچ ماڻهن کان سڄي عمر جي ڪمائي ۽ اجهو کسي ڇڏيندي آهي پر انهن ذميوارن خلاف ڪڏهن به ڪا ڪارروائي نه ٿيندي آهي،سرڪاري زمينن تي قبضا به اهڙين ڪارگذارين جو مثال آهن، سرڪاري زمين جي حفاظت جا ذميوار پاڻ انهن قبضن ڪرائڻ يا ڪرڻ ۾ ملوث هوندا آهن پوءِ جڏهن حڪومتي ۽ عدالتي هدايتون ملنديون آهن ته ڪارروائي صرف انهن ڪمزورن خلاف ڪئي ويندي آهي جن وٽ نه گهڻو پئسو هوندو آهي نه ئي ڪا سرڪاري سرپرستي، ناجائز قبضن خلاف ڪارروائي جو نشانو اهي ئي بڻبا آهن جيڪي ٻن ويلن جي گذر لاءِ سڄي عمر جي ڪمائي لڳائي ڪٿي ڇپرو اڏي يا دڪو ٺاهي ويٺل هوندا آهن .ٻيلي کاتي کان وٺي سنڌ جي شهرن ۾ سرڪاري پلاٽن ۽ زمين تي ڪير ڪير ناجائز قبضو ڪيو ويٺو آهي ڪيتري زمين قبضي هيٺ آهي ،عدالتي حڪم هوندي سنڌ سرڪار سميت انتظاميا ڪڏهن انهن قبضن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪي ڪوششون نه ورتيون آهن باقي ڪي ريڙها، ڪي ڇپرا، ڪي دڪا ڊاهڻ ۾ انتظامي مشينري اهڙي ڦڙت نظر اينداي آهي ڄڻ ڪنهن به غير قانوني عمل تي عملدارن جي ننڊ ۽ سک چين ڦٽي ويندو آهي.
اهڙو ئي لقاءُ ڪجهه ڏينهن کان حدخليون هٽائڻ واري مهم ۾ نظر اچي رهيو آهي، حيدرآباد کان وٺي نوابشاهه ۽ ٻين شهرن مان غيرقانوني حددخليون هٽائڻ لاءِ انتظاميا سرگرم ٿي آهي جيڪي بظاهر ته عدالتي هدايتن تحت ڪارروايون شروع ڪيون پيون وڃن جيڪا بهتر ڳالهه آهي ته انتظاميا کي عدالتن جي هدايتن جي احترام جو خيال ٿيو آهي پر سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪانه ۽ هيڻي تان لهي ڪانه سو اسان واري انتظاميا جي حالت به انهي محاوري واري ئي آهي،ڪراچي سڄو قبضا ٿي ويو ايستائين جو ان جي ندي نالين تي به عمارتون ۽ اپارٽمينٽس ٺهي ويا پر اهي هٽائڻ لاءِ رڳو ڪميٽيون ٺاهڻ تي زور آهي اها ڦڙتي جيڪا انتظاميا عام ماڻهو جا گهر ڊاهڻ يا انهن جا ڇاپرا يا دڪا هٽائڻ لاءِ استعمال ڪري آهي اها ڦڙتي وڏن بااثر ماڻهن، ادارن سيڙپڪارن جي قبضي هيٺ آيل زمين لاءِ ڇو نه ٿي ڏيکاري جو سپريم ڪورٽ جي معزز ججن کي به اهڙا ريمارڪس ڏيڻا پون ٿا ته حڪومت فلاڻي هنڌ تان زمين ڇو نه ٿي خالي ڪرائي. حددخلين جي آڙ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري آفيس آڏو به احتجاج ڪيو ته هو بکئي پيٽ ويٺا آهن کين بي گهر نه ڪيو وڃي.انهي کان سواءِ نوابشاهه ۽ حيدرآباد مان به جيڪي حددخليون هٽائڻ جي آڙ ۾ ڪارروايون ڪيون ويون آهن انهن جو شڪار به اڪثر اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ٻن ويلن جي گذر لاءِ پريشان آهن،هتي انهن جي حوالي ڏيڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته ڪو غير قانوني طور ڪيل قبضا نه هٽايا وڃن پر اسان چئون ٿا ته انهن ڪردارن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جيڪي انهن قبضن جي اجازت ڏين ٿا، ڇا عدالتن جي هدايتن کان اڳ ۾ اتان جي شهرن جي اتظاميا ستي پئي هئي کين خبر نه هئي ته ڪٿي ڪٿي قبضا ٿي رهيا آهن بلڪل اهي باخبر هوندا آهن بلڪه قبضا ڪرائڻ ۾ شريڪ هوندا آهن.اسان سمجهون ٿا ته انتظاميا جي مدد کانسواءِ ڪٿي به قبضو ڪرڻ ممڪن ئي ناهي ان ڪري جتي جتي قبضا هٽايا وڃن ٿا اتي انهي ڳالهه جو به تعين ٿيڻ گهرجي ته ڪهڙا ڪردار انهن قبضن جي ڇوٽ ڏيڻ ۾ ملوث رهيا آهن ۽ انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ۽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ سرڪارکي متبادل بندوبست ڪري ڏيڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *