تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ڏنگي ڀنڊار ٻيٽ ۽ آئيني حق

گذريل ڪجھه ڏينهن کان سنڌ سراپا احتجاج آهي. هن ڀيري سنڌ جو شعور ٻيٽن جي دفاع ۾ احتجاج پيو ڪري. اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن سنڌ اندر ٻيٽن کي بچائڻ لاءِ احتجاج ٿيندا هجن پر ان کان پهريان به ساڳين ئي ٻيٽن يعني ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ کي بچائڻ لاءِ احتجاج ٿيندا رهيا آهن. 02 سيپٽمبر تي ٻيٽن تي ترقياتي منصوبن کي سنڀالڻ خاطر پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ صدارتي فرمان جاري ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ 10 سيپٽمبر تي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور ڀرسان راوي درياءَ جي ڪناري تي راوي سٽي نالي اسلام آباد جي طرز تي هڪ جديد شهر جي اڏاوت ۽ ڪراچيءَ ويجھو ڀنڊار نالي ٻيٽ تي ميامي فلوريڊا بيچ جي طرز جو شهر اڏڻ لاءِ منصوبابندي جي هدايت ڏني وئي آهي. نه رڳو اهو پر وزيراعظم پاران ڀنڊار ٻيٽ کي نئين پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ پڻ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ميڊيا جي هن تيز ترين دور ۾ اهڙيون خبرون هڪ مهيني تائين لڪيل رهيون ۽ آڪٽوبر جي پهرين ڏينهن ۾ ان صدارتي فرمان جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا جنهن کانپوءِ سنڌ اندر احتجاج شروع ٿيو ۽ سنڌ جي ماڻهن اهڙي صدارتي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو.
سنڌ ۾ ٻيٽن جي دفاع ۾ هلندڙ احتجاج ۽ وفاق جي فيصلن جي تناظر ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن مٿان ٿيل يلغار جي پسمنظر ۽ پيش منظرکي سمجهڻ بنهه ضروري آهي. اهي ٻئي جاڙا ٻيٽ ڪراچي کان لڳ ڀڳ اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهن جن مان ڏنگيءَ جي ايراضي لڳ ڀڳ 3170 ايڪڙ جڏهن ته ڀنڊار جي ايراضي لڳ ڀڳ 5070 ايڪڙن تي مشتمل آهي. 2006ع ۾ دبئيءَ جي هڪ اڏاوتي ڪمپني ڀنڊار ٻيٽ تي 43 ارب ڊالر جي لاڳت سان اڏاوت جو منصوبو تيار ڪيو هو جيڪو 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر سنڌ جي ماڻهن جي مسلسل احتجاج کانپوءِ ان ڪمپنيءَ ڀنڊار ٻيٽ تان هٿ کنيو هو جنهن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ واقع ڊفينس جي فيز 8 ڀرسان انهن سمنڊ ڪناري گهڻ ماڙ عمارتن سان گڏ هڪ تمام وڏي رهائشي رٿا تي ڪم شروع ڪيو هو جيڪا هاڻ حتمي مرحلي ۾ آهي.
2013ع ۾ ملڪ جي اڏاوتي صنعت جي ناليواري شخصيت ملڪ رياض پاران پڻ ڀنڊار ٻيٽ تي بحريا آئلينڊ سٽي جي اڏاوت لاءِ ڪوششون ورتيون ويون هيون جنهن تي تقريبن 20 ارب ڊالر جي لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو هو. ان منصوبي لاءِ ملڪ رياض پاران ٿومس ڪريمر نالي هڪ آمريڪي سرمائيدار سان پڻ معاهدو ڪيو ويو هو. ان رٿا ۾ ڀنڊار ٻيٽ تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عمارت ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ سينٽر پڻ ان ئي ٻيٽ تي اڏيو پئي ويو ۽ اهو منصوبو 2016ع تائين حتمي طرح تيار پئي ٿيو. بحريا آئلينڊ سٽي کي هڪ پل وسيلي ڪراچي جي تفريحي ماڳ دو درياءَ واري علائقي سان ڳنڍيو وڃي ها. ڀنڊار ٻيٽ تي سيڙپڪاري ڪري سنڌ جي زمين مٿان قبضي جي اها ڪوشش به ڪامياب نه ٿي سگهي.
هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم عمران خان ڀنڊاڙ ٻيٽ مٿان ترقياتي منصوبابندي لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج آهي. مهاڻن جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم فشر فوڪ فورم مطابق مهاڻا جڏهن اونهي سمنڊ اندر شڪار لاءِ وڃن ٿا ته اهي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جو سهارو وٺندي ان مٿان پنهنجا پکڙا اڏين ٿا جڏهن ته شڪار دوران اهي ئي ٻئي ٻيٽ مڇيءَ کي سڪائڻ لاءِ به ڪم اچن ٿا جن مٿان مهاڻن جون جهڳيون پڻ ٺهيل آهن. ان کانسواءِ انهن ئي ٻيٽن جي ڀرپاسي مينگروو جا وڻ پڻ آهن جن ۾ مڇي جا ڪيترائي نسل پلجن ٿا. ابراهيم حيدري نالي مهاڻن جي آباديءَ وٽان مهاڻن جي سمنڊ ۾ وڃڻ جو پڻ اهو ئي رستو آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي ٻيٽن تي ڪهڙو به اڏاوتي منصوبو منظور ٿئي ٿو ته ان صورت ۾ لکن جي تعداد ۾ مهاڻا متاثر ٿيندا ۽ مڇيءَ جي ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسندو جنهن جي نعم البدل لاءِ وفاقي حڪومت وٽ ڪو به ٻيو رستو موجود ناهي.
نه رڳو اهو پر وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ واقع ٻيٽن بابت فيصلا سازي آئين سان پڻ ٽڪراءَ ۾ آهي جنهن جي آرٽيڪل 172 ۾ ملڪيتن بابت واضح ڄاڻايل آهي ته “ ڪابه ملڪيت جنهن جو ڪو به قانوني حقدار ناهي جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي حدن ۾ آهي ته ان صوبي جي حڪومت جي ليکي ويندي ۽ ٻي هر صورت ۾ وفاقي حڪومت جي ليکبي” ۽ “ سموريون زمينون، معدنيات ۽ ٻيون قيمتي شيون جيڪي ڪانٽينيٽل شيلف اندر هجن يا سمنڊ جي اندر پاڪستان جي علاقائي پاڻي کان ٻاهر هجن ته اهي وفاقي حڪومت جي ملڪيت ليکبيون”.
زمين جي تري يا کنڊ جو اهو ٽڪرو جيڪو خشڪي سان ڳنڍيل هجي پر سمنڊ جي پاڻي هيٺ هجي ان کي ڪانٽينيٽل شيلف چئبو آهي جڏهن ته علاقائي پاڻي مان مراد ڪناري کان سمنڊ جي اندر تائين اها حد آهي جنهن تي ڪنهن به ملڪ جي خود مختياري جو اختيار آهي. گڏيل قومن جي سمنڊ بابت قانون جي ڪنويشن جي ڀاڱي ٻئي جي شق 2 جي آرٽيڪل 3 ۾ ڏنل آهي ته ڪنهن به ملڪ جي علاقائي پاڻي جي حد سمنڊ اندر 12 ناٽيڪل ميلن يعني لڳ ڀڳ 21 ڏهائي 6 ڪلوميٽرن تائين هوندي آهي. پاڪستان هن ڪنويشن تي 10 ڊسمبر 1982 ع تي صحيح ڪئي آهي جنهن ڪارڻ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند آهي.
سمنڊ اندر مالڪي وارا حق ٻه طرفا آهن. هڪ گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت اسان جي ملڪ جا دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ حق ۽ ٻيا ملڪي آئين تحت ملڪ جي مختلف ايڪائين ۽ وفاق جا پاڻ ۾ ورهايل حق. جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق 2 ڏانهن اچجي ته ان ۾ مٿيان ٻئي حق ٻڌايل آهن. پهرين حصي ۾ ٻڌايل آهي ته پاڪستان کي پنهنجي ڪانٽينينٽل شيلف ۾ سمورين قدرتي وسيلن تي حق آهي ۽ ٻئي حصي ۾ ملڪي آئين وفاقي حڪومت کي سمنڊ اندر صرف ان زمينن، معدنيات ۽ ٻين قيمتي شين تي حق ڏيئي ٿو جيڪي اسان جي علائقائي پاڻي يعني 12 ناٽيڪل ميلن کان اڳتي يا ٻاهر هجن جنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته علائقائي پاڻي جي اندر جيڪا به ملڪيت آهي اها آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق هڪ تحت صوبي جي ملڪيت آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *