تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڏوهن کي هٿي ڏيندڙ سماج

هن ملڪ ۾ ڪنهن به اداري جي نوڪري عياشي آهي، ذميواري ڪونهي! هتي اڪثر سرڪاري عملدار پنهنجي ذميواري ۽ فرض نڀائيندي به اهو محسوس ضرور ڪرائيندا آهن ته هو احسان ڪري رهيا آهن. جنهن ملڪ جي ڪميشنڊ آفيسرس جي تربيت جي دوران کين آقا جي انداز ۾ اٿڻ ويهڻ سيکاريو ويندو هجي، جن کي اهو سمجهايو ويندو هجي ته گاڏي جي دروازي کولڻ کان وٺي آفيس جي در کولڻ تائين وارو ڪم هيٺين ملازم جو آهي ۽ ڳالهائڻ دوران وڏا ڏند ڏيکاري ۽ وات ڦاڙي کلڻ عيب آهي. يا سندن آفيسن جي اندر ڪرسي ٽيبل جو سائيز ۽ آفيس جو سائيز سندن شان ۽ حيثيت کي بيان ڪرڻ لاءِ هوندو آهي ته اهي آفيسر ڪنهن به اداري ۾ پاڻ کي عوام جي ٽئڪس تي پلجندڙ ملازم سمجهڻ بجاءِ ماڻهن مٿان حاڪميت ڪندڙ آقا ڇو ته محسوس نه ڪن؟ گجر پورا رنگ روڊ لاهور تي گجرانوالا جي گجري سان جيڪو ٿيو انهي تي ملڪ جي حڪمرانن کان وٺي واسطيدار عملدارن کي جيڪا شرمندگي هجڻ گهرجندي هئي اها ته ڪٿي به نظر ڪونه آئي، پر انهي جي بجاءِ لارا لپا بيان ڪندڙ لاهوري سي سي پي او جو موقف سڀني جي سامهون اچي ويو.
هڪ ذميوار اعليٰ آفيسر پنهنجي فرض ۽ ذميواري جي ڪوتاهي جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ ان عورت کي ڏوهي قرار ڏئي رهيو آهي جنهن سان اها واردات ٿي. حيرت اها آهي ته شهزاد اڪبر ۽ اسد عمر کي به انهي عملدار جي ان بيان ۾ سندس ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا پنهنجي ذميواري کان آجو ڪرڻ جو رخ نظر ڪونه ٿو اچي اهي به انهي عمر شيخ جي وڪالت ڪندي نظر اچن ٿا ته ”هن جو اهو مطلب نه هيو“ يا ”هن ڪهڙي قانوني ڪوتاهي ڪئي آهي جو کيس هٽايو وڃي.“ لڳي ايئن ٿو ته هي عمر شيخ پنجاب پوليس جو ڪو ايترو ته سگهارو شخص آهي جو انهي جي خلاف هڪ لفظ به ڪنهن وزير مشير کان نڪتو ڪونه ٿو ٿئي.
مٿان وري ڪليم امام صاحب موٽر وي جو آءِ جي به انهي قسم جي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو ته “موٽر وي جي ذميواري ڪونهي. هنن کي ڪال ملي، پر ڇاڪاڻ ته گجرپورا رنگ روڊ موٽر وي جي حد ۾ ناهي انهي ڪري ڪو به ايمرجنسي ريسپانس هو نه ڏئي سگهيا، پر هنن ايف ڊبليو او کي ڪال منتقل ڪئي.” سيالڪوٽ موٽروي مارچ کان شروع ٿيو آهي، پر هن وقت تائين موٽر وي انهي تي نه پنهنجي پيٽرولنگ شروع ڪري سگهيو آهي نه ئي ايمرجنسي ريسپانس يونٽ! انهي لاءِ اهو چوڻ ته لاڳاپيل ادارن کي لکيو ويو آهي منظوري ملي آهي پر انهي تي اڃان عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي ته انهي ۾ ڪنهنجي ڪوتاهي چئجي يا لاپرواهي؟ هن ملڪ جا سڀ عملدار جنهن به اداري ۾ ويٺا هجن انهن کان سندن ذميواري ۽ فرض جي ادائگي جي باري ۾ سوال نه پڇو! انهي جي جواب ۾ هنن وٽ لکين دليل هوندا انهن کي صرف سڻڀين پوسٽن ۽ سندن ذاتي زندگي جي وي وي آپي ڪلچر جون لوازمات مهيا ڪيو هو ملڪ جا آقا ٿي حڪمراني ڪندا رهندا باقي نوڪري جي فرض شناسي ڪاغذن جي اندر هوندي آهي جنهن کي به هر سال بعد ردي ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي.
ڪورٽن جا جج صاحبان اخباري بيانن وسيلي اهڙي عملدارن جي فرض ۾ ڪوتاهي تي صرف ڇوهه ڇنڊيندي نظر ايندا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اهڙي عملدار کي نوڪري تان هٽائي ڪجهه مهينن لاءِ بنا پگهار جي گهر ويهڻ جو حڪم نامو جاري ڪونه ڪيو آهي جو جنهن سان هر نوڪري ڪندڙ کي اهو ڊپ ٿئي ته هو عوامي نوڪر آهي جي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندو ته کيس عدالت ۾ ڪو گهلڻ وارو به هوندو! هن ملڪ جي سياستدانن کي وي وي آپي پروٽوڪول ۽ ڪرپشن لاءِ بجيٽ گهرجي سرڪاري عملدار سندن گهر جا نوڪر ٿي هلندا ڦرندا وتن پوءِ انهي سان سندن ڇا ته ڪير فرض شناسي ۾ ڪا ڪوتاهي ڪري رهيو آهي يا ادائگي!
هي سمورو سماج هڪ کوکلو ڍانچو وڃي بچيو آهي جنهن جي سماجي قدرن ۽ فرض شناسي وارين ذميوارين کي ڪرپٽ، نااهل ۽ بيمان سياستدان توڙي ڪامورا ڳجهن جيئن رهنڊي کائي ويا آهن. اهڙي سماج ۾ عام ماڻهو به وحشي ئي بڻجي ويندا آهن، هي ڪرمنل جيڪي رستي تي ڪنهن عورت سان يا ٻار سان اها جنسي ڏاڍائي يا ڦر قتل جي جڏهن واردات ڪن ٿا ته انهي جي لاءِ اڪيلا اهي ڏوهي نه ٿا هجن، پر اصل ذميوار رياست، انهي جي مشينري ۽ عدليا پڻ هجي ٿي. جتي ادارا پنهنجي فرض جي ادائگي نه ڪن آفيسر رڳو عياشين ۾ پورا هجن ته هر ڪرمنل کي اها کلي ڇوٽ ملي ٿي وڃي ته هو جهنگلي جانور ٿي انسانيت جو ۽ انسانن جو ماس نوچيندو رهي.
هي رياست مدينا جو راڳ آلاپيندڙ حڪمران ڪنهن هڪ به عمل ۾ اهو نه ثابت ڪري سگهيا آهن ته سندن طرز حڪمراني عدل انصاف ۽ ذميواري تي مشتمل آهي. هر ڏينهن ڪو نه ڪو اهڙو عمل ٿي رهيو آهي جنهن سان نظر اچي رهيو آهي اقتدار جي نشي ۾ چور هي حڪمران رڳو ماضي جي حڪمرانن جي ڪيل ڪوتاهين ۽ ڪرپشن تي روزانو رينگٽ ته ڪندا رهن ٿا، پر نه ته کانئن اهو ٿو پڄي جو انهن خلاف ڪو قدم کڻي سگهن نه ئي اهو ٿو پڄي ته پنهنجي ڪارڪردگي سڌاري سگهن. هنن کي نه حڪومت هلائڻ جو فن آهي نه تجربو، ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ ڪا اسپتال يا ڪو ڪارخانو هلائي هنن سمجهيو ته ملڪ به ايئن هلندو ۽ هو تبديلي جون تاريخون لکڻ شروع ڪندا. تاريخ ۾ جهڙو انهن جو حشر نشر لکيو ويندو شايد ڪنهن کي ڪو اندازو هجي.
هي ڪو پهريو ڪيس يا واردات ڪونهي هر آئي ڏينهن اهڙا ڪيترا واقعا ٿيندا رهن ٿا ۽ انهي گجرپورا رنگ روڊ تي ڪجهه مهينا پهرين هڪ نجي اسپتال جي نرس سان به اهڙو واقعو پيش آيو، پر انهي تي ڪو ايڪشن نه کڄيو ڪا واويلا نه ٿي. انهي واقعي بعد وري مختلف پنجاب جي شهرن مان اهڙا واقعا پڻ رپورٽ ٿيڻ شروع ٿيا آهن انهي مان لڳي ٿو ته پنجاب جي اندر انهي قسم جا واقعا لاتعداد ٿين ٿا پر انهن کي هر هنڌ سرڪاري توڙي نجي سطح تي دٻايو وڃي ٿو. جنهن سماج جي جرئت اها هجي جو انهي قسم جي وارداتن کي لڪائي دٻائي رکيو ويندو هجي ۽ سرڪاري عملدار به جڏهن جنهن سان زيادتي ٿئي انهي کي قصوروار ٺهرائيندا هجن ته انهي سماج مان اها برائي ختم ڪٿان ٿيندي؟ انهي کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ ڏوهي جو من وڌندو ويندو ته اهڙي عمل جو ڪو نه پڇاڻو آهي نه ڪا ڪارروائي ته پوءِ هو ڇو نه بار بار اهڙو عمل ڪندو رهي.
اڪثر طور ڏٺو اهو ويو آهي ته جن علائقن ۾ ڏوهه وڌيڪ ٿيندو آهي ته انهي حد جو پوليس عملدار ڪنهن نه ڪنهن طرح سان انهي ۾ حصيدار ضرور هوندو آهي! انهي گجرپورا رنگ روڊ جي حدن ۾ موٽر وي ٺهڻ کان پهرين چيو وڃي ٿو ته انهي قسم جون وارداتون ٿينديون رهنديو هيون، علائقو ڪرمنل بيلٽ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، ته پو ڪٿي اهو ممڪن ناهي ته انهي حد جو پوليس عملدار انهي ڪاررواين جي پٺيان مددگار رهندو آيو هجي؟ ڪجهه به هجي پر سرڪار کي شرمندگي کان منهن هيٺ ڪري سرعام اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته رياست مدينا جون ڳالهيون ڪندڙ حڪمران ملڪ جي عوام کي نه تحفظ ڏئي سگهيا آهن نه چور لٽيرن کان نجات، هي به انهن عام حڪمرانن جهڙا ئي سياستدان آهن جن کي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي ڪجهه وقت لاءِ حڪومت جو مزو وٺڻو هو اهو هو وٺي رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *