تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڏوهه ۽ ڏوهاري پيدا ڪندڙ ٻاهريان پوليس آفيسر

سنڌ جا ماڻهو گذريل 40 سالن کان پ پ کي ووٽ ڏيندا ٿا اچن. جنهن ڪري خدا ئي مخلوق به مٿن سدائين ڏمريل ٿي رهي ته هي انهن جي انجنيئرڊ اليڪشن کي به ناڪام بڻائي ڇڏيندا رهيا آهن. پر سندن حالتن ۾ ڪو به ڦيرو يا سڌارو ڪونهي آيو. ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز منجهن گروهه بندي ڪري کين ذات پات ۾ الجهائيندا رهن ٿا. ڪڏهن به پنهنجي تڪ ۾ ڪائي ڍ نگ واري اسڪيم به نه ڏئي سگهيا آهن.
گذريل 15 سالن کان لڳاتار پ پ اقتدار ۾ هجڻ جي باوجود سنڌ جي ٻهراڙين جي ماڻهن کي بنيادي سهوليت کان به محروم رکيو ويو آهي . خيرپور جي سانوڻ گيس فيلڊ هجي يا قادرپور گيس فيلڊ، اتي چوڪيدار ۽ پٽيوالو به سنڌي يا مقامي باشندو ناهي. اهو ئي اوڀر پاڪستان وارو ورتاءُ جاري آهي. علائقي ۾ نه گيس جي سهوليت، نه روڊ نه رستا ،گيس فيلڊ وارا ڪو به ترقياتي ڪم نٿا ڪرائين. سنڌ حڪومت ڪمپني کان ايم او يو تي به عمل ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ حڪومت خبر ناهي ته ڪٿي ستل آهي ۽ اها ڪڏهن بيدار به ٿيندي الائي نه، ڪائي اهڙي اميد به نظر نٿي اچي.
ٻئي طرف پوليس جي راڪاس کي مڪمل طور تي بي لغام ڇڏيو ويو آهي، ٻاهران کان آيل پوليس آفيسر سنڌ کي فتح ٿيل علائقو سمجهي هر طرح جي ڦرمار ڪري رهيا آهن. سنڌ جا ايماندار پوليس آفيسر صوبا بدر ڪري سنڌ کي ٻين صوبن جي پوليس آفيسرن جي حوالي ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ڪمائي خاطر ڏوهن کي گهٽائڻ بدران ڌاڙن ڦرن ۽ اغوائن جي وارداتن ۾ واڌارو آڻائي ڇڏيو آهي. شڪارپور ،لاڙڪاڻو، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ چورن ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن کي ڇڙواڳ ڇڏيو ويوآهي . تمام ڏوهن جي جوابدارن کي به گرفتار نٿو ڪيو وڃي پوءِ جڏهن ڏٺو ٿو وڃي،ته مٿن ڪافي ڪيس ٿي چڪا آهن ۽ اهي هاڻي واپس نه ايندا ته ڳوٺ تي چڙهائي ڪري سمورو مال ٽرڪن ۾ وجهي عورتن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ٿو وڃي.
شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا ايس پي هر مهيني ٻٽي ٽرڪون، مينهن ، ڍورن، رڍن ۽ ٻڪرين جون ڀري ڪراچي موڪلي هر مهيني لکين رپين جو غريبن جو مال وڪرو ڪندا ٿا رهن، ان کانپوءِ عورتن جي آزادي لاءِ وري الڳ ڳري رقم ورتي ٿي وڃي. ڪچي جي علائقي جا ماڻهو ته مال متاع وڃائي لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، يا وري ڏوهاري بڻجڻ تي مجبورآهن. ڏوهه به نٿا گهٽجن، غريبن مٿان پوليس جون قهري ڪارروايون به بند نٿيون ٿين.
ٻئي طرف وري غريب غربو جيڪڏهن وڏيري ڀوتارجا جائز ناجائز مطالبا نٿو مڃي ته انهن کي گرفتار ڪري هاف ۽ فل فراءِ ڪيو ٿو وڃي. تازو اهڙو واقعو گهوٽڪي ۾ به ٿيو آهي جتي هڪ نوجوان شبير شر کي ٻنهي ڄنگهن جي گوڏن ۾ گوليون هڻي هاف فراءِ ڪيو ويو آهي. هاڻ جيڪڏهن پوليس مقابلو ٿئي ته ٻئي ڄنگهون زخمي ڪيئن ٿيون؟ زخم به پسٽل جا آهن، ڪلاشن ڪوف ته مڪمل ڇلڻي ڪري ڇڏيندي آهي. هن قسم جون ظالماڻيون ڪارروايون عام آهن. ڏهرڪي، اٻاوڙي جو هڪ وڏيرو جڏهن کان عام اليڪشن هارائي ويٺو آهي ته اهو حوصلي ۽ ماڻهپي مان ئي نڪري ويو آهي، کٽيندڙ اميدوار جي ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ڪيترن نوجوانن جا پوليس مٿان ڪوڙا مقابلا ڪرائي انهن کي اپاهج بڻائي چڪو آهي. لاڙڪاڻي جو ايس پي گذريل پنجن ڇهن سالن کان ديرو ڄمايون ويٺو آهي ۽ هر مهيني زبردستي ڪاهيل غريب جي مال متاع جون ٽرڪون ڀري ڪراچي مارڪيٽ ۾ وڪڻندو ٿو رهي.
ڇا پ پ جي قيادت کي سنڌي پوليس آفيسر نٿا نظر اچن، جاويد جسڪاڻي شڪارپور کي مڪمل طور تي امن وارو علائقو بڻايو. وري ڊاڪٽر ايس پي آيو ته اهو به ڏوهاري ذهنيت وارن وڏيرن کي ڀانءِ نه پيو. جنهن نشاندهي ڪئي ته ڪهڙا بااثر ماڻهو جيڪي پ پ جا چونڊيل نمائندا هوندي ڌاڙيل پالي رهيا آهن. ان ايس پي کي ئي هٽايو ويو. اتي به اهڙو ٻاهريون ايس پي آندو ويو آهي جنهن رڳو ڏوهن ۽ ڏوهارين ۾ واڌارو ڪيو آهي ۽ غريبن جا مال ميڙي ٽرڪن ۾ وجهي ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندو ٿو رهي. هن قسم جي صورتحال تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي وڏي وزير ۽ پ پ قيادت کي نظر رکڻ گهرجي ۽ ڏوهن ۾ واڌاري جو سبب بڻجندڙ پوليس آفيسرن مان سنڌ جي ماڻهن کي نجات ڏياري. آخر سنڌ جي ماڻهن لڳاتار پ پ تي اعتماد ڪندي پ پ کي مينڊيٽ ڏئي ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي جو پ پ جي حڪمرانن انهن جي زندگي زهر ۽ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *