تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪارونجهر جي حفاظت ڇو ضروري آهي

وقت بوقت اهي شوشا ڇڏيا ويندا آهن ته ٿرپارڪرجي سونهن ڪارونجهر جبل مان سنگ مرمر ڪڍڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي جيتوڻيڪ حڪومت ان جي ترديد ڪندي رهي آهي پر اهڙن شوشن سان ٿر واسين ۾ خاص طور تي ۽ سنڌ واسين ۾ عام طور تي ڳڻتي جي لهر ڇائنجي ويندي آهي. هي سڄي سنڌ جو مسئلو آهي ان ڪري ضروري آهي ته ڪارونجهر جي کوٽائي سان ٿيندڙ نقصان جي نشاندهي ڪريون. ڪارونجهر چار سئو اسڪوائر ڪلوميٽر جو جابلو سلسلو آهي. ارضياتي طور تي ڪاسٻو، راڻپور، چوڙيو، ڊينسر، ڇڻيندا ۽ کارسر ڪارونجهر رينج جون ٽڪريون آهن، جتي مال مويشي کي چارو ملي ٿو ۽ ڪارونجهر جي حد ۾ مٺو پاڻي به ملي ٿو.  ڪارونجھر ليز ٿيو ئي نه آهي ته ان کان اڳ ٺيڪيدار مافيا ڪارونجھر جون پهاڙيون آڌيگام، ٻهراڻو، پيٿاپور ۽ ويرا واهه کي به ٽارگيٽ ڪيو آهي. صابوسڻ ڊيم، لاکي جو وانڍيو، سانڪڙ ۽ کارسر ۾ جبل ڪٽجي رهيو آهي. گهرٽياري ويجهو ٻاين جو ٻيسڻو کي ٽڪي تباهه ڪيو ويو آهي. ڪو ڪولهي مٽي يا گگر به پنهنجي مرضي سان نٿو کڻي سگهي. ليز تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون گرينائيٽ پٿر کڻي سرمايه دار طبقي جا محل اڏينديون، پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پورهيت ۽ جهنگلي جيوت پنهنجي فطري آشياني کانسواءِ زنده رهي سگهندا؟ 
ڪارونجهر جو جابلو سلسلو ننگرپارڪر شهر جي ويجهو خوبصورتي جو عاليشان مظهر آهي. رڻ ڪڇ کان اتر الهندي پاسي انهن ماٿرين ۾ گاھ، ٻوٽا ۽ وڻ گهڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. هتي ٻنين ۾ ٻاجهري، ڪورڙ، گوار، مڱ کانسواءِ بصر، ڪڻڪ ۽ مرچ به ٿين ٿا. ڪارونجهر جون ٽڪريون پکين ۽ جانورن جو به پُرسڪون آستانو آهن. برسات جي موسم ۾ هن جبل جو منظر پري کان پيو پُرڪشش لڳندو آهي. ڀٽياڻي، گوڙڌرو ۽ ٻيون نيون جبل تان وهندي هيٺ لهن ٿيون. ڪارونجهر تان ڪڪريون گذرن ٿيون ۽ اَڪ جي نيري ڦُلي تي ورشا ٿئي ٿي: 
اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن، 
سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر تي ڪڪريون.
…….
ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي
آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن! 
تاريخ ٻڌائي ٿي ته گوڙيچو، جين ڌرم جي پارس ناٿ کي چوندا هئا، انهي لفظ تي اڳتي هلي گوڙي نالي ڳوٺ ۽ مندر تي نالو پيو. گوڙي مندر جين ازم جي دور جو يادگار آهي. هن متي جا پيروڪار جهنگلي جانورن ۽ پکين کي مارڻ پاپ سمجهندا هئا… جنهن ڳوٺ کي ويري رٻاڙيءَ وسايو، اهو ويرا واھ سڏجي ٿو. ويرا واھ ننگر جي ويجهو پراڻو ڳوٺ آهي. جڏهن ته ڀوڏو سوڍي جو ڳوٺ ڀوڏيسر جي نالي سان ننگر شهر کان ڪجھه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اياز کي پنهنجي دور ۾ ڀوڏيسر ۽ ويرا واھ اجاڙ لڳي ٿو. هو پُراميد آهي ته هن ڀومي جو وري عروج اچڻو آهي: 
ويرا واھ وري وسڻو آ، اي ڀوڏيسر_ ڀُون، 
ٿوري دير ته پوندي ليڪن، هانءُ نه هارج تون!
ويرا واھ ويجهو پاري ننگر سامونڊي بندرگاھ ۽ واپاري مرڪز هو. هتي جا باشندا به جين مت جا پيروڪار هئا. هن شهر سان سڏونت ۽ سارنگا جي پيار ڪهاڻي يادگار آهي. اياز ٿو چوي ته ڪارونجهر جي ڏونگر ۾ هن پريم ڪٿا جي گونجار اَپار آهي:  
ڪارونجهر ۾ ڪوڪِرا، آڌي اُڀ اَنَنت، 
سارنگا سَڏوَنت، رمتي روُيا روهه ۾. 
ڪارونجھر جو ثقافتي ۽ تهذيبي ورثو لوڪ ادب ۽ قدامت جي اتهاس ۾ ڪافي مزاحمتي ۽ ترقي پسند رجحان به رکي ٿو. هن پهاڙ تان انگريزن خلاف گونجار ڪندي روپلي ڪولهي به ويڙهه ڪئي هئي. هتي ڪيسو ٻاءِ به هو جنهن رت جي رشتن کان ناتو ڇني به ڪارونجھر ڇڏڻ کان منڪر ٿيو هو. ڏوتڙ کان رڻ ڪڇ تائين هڪ فطري ايڪو سسٽم آهي. هي ڪنڌار پهاڙ تلور، تتر، سهو، هرڻ، روجهه، مور ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جي جياپي جو اجهو آهي. هي جانور، پکي ۽ وڻ ٿر جي فطري ايڪو سسٽم جا محافظ به آهن. مور ۽ ڪارونجهر جو ناتو چولي دامن وارو آهي. ڪارونجهر، جيڪو ننگر کي جهولي ۾ جهلي بيٺو آهي، ان قداور ڪارونجھر جي وجود تي ويري وار ڪري رهيا آهن. تاريخي، ثقافتي ۽ ماحولياتي پسمنظر رکندڙ ڪارونجهر جبل ڪٽجي ويندو؟ فطري ماحول جي تباهي جي ڪري ٿرپارڪر ۾ موسمي تبديلين جا اثر ظاهر ٿي چڪا آهن. ٿر ۾ ته مال چارڻ لاءِ به زمين جي حد يا گئوچر مقرر آهن. فصل پوکي پڄاڻان ٿر ۾ پيسٽيسائيڊس ۽ زهريلي ڪيميڪل دوائن جو استعمال به نٿو ٿئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ٿر جو انڊيجينئس زرعي ماڊل ماحول دوست آهي.  ڪارونجهر مان گاھ ۽ گگرال گهڻو ملي ٿو. گگرال وڻ کي ڪيميڪل ذريعي ٽڪيو وڃي ٿو، ۽ کوئنر ڪڍيو وڃي ٿو. وڻ وڍڻ ٽڪڻ سان فطري ماحول تباھ ٿيندو، نتيجي ۾ مال مويشي ۽ ماڻهن جو گذر سفر مشڪل ٿي پوندو. هاڻي ڪونڀٽ، ڪنڊي ۽ نم جا وڻ به وڍجي رهيا آهن. وڻ وڍجي ويا ته ماکي ۽ لاک به ختم ٿي ويندي. روهيڙو، ڪونڀٽ، گگرال ۽ ڦوگ ختم ٿيڻ تي آهن. اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته گگرال ۽ ٻيا وڻ ٻيلي کاتي جا ملازم وڍرائين ٿا. هرڻ جي شڪار ۾ به لاڳاپيل کاتي جا ملازم ملوث آهن. ظاهر آهي ته عام ماڻهو اهڙن ڏوهن جو تصور به نٿو ڪري سگهي. مفادپرست مقامي پٽيل به وڻن جي تباهي ۾ ملوث آهن، ۽ وڻ تباهه ڪري فائدو کڻڻ ٿا.
ڪارونجهر نه صرف جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه آهي، پر هتي تاريخي ماڳ به آهن. جين ڌرم جا مندر، ڀوڏيسر مسجد، ڀديسر نگري ۽ ٻيا ماڳ به آهن. هن جبل جي هنج ۾ ساردڙو، گئومکي ۽ انچليسر تيرٿ آستان آهن. گئومکي ۽ انچليسر جي چشمن مان پکين ۽ جانورن کي پاڻي ملي ٿو. ڪارونجهر تان ڀٽياڻي، گهرٽياري سميت ڪيتريون ئي نيون وهن ٿيو، پر پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو. ننگرپارڪر جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پاڻي آهي. پاڻي اسٽور ڪرڻ لاءِ خاص فزيبلٽي سان ڊيم ٺهڻ گهرجن ته جيئن بارش جو پاڻي رڻ ڪڇ ۾ ضايع نه ٿئي، پر ڊيم ٺهڻ لاءِ ڪارونجھر جو پٿر نه کنيو وڃي. سڀ ليزون رد ڪيون وڃن.  ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو سچ چيو هو ته: هن ڌرتي تي هڪ اهم حياتياتي جنس جي فطري زندگي گذارڻ جو ماحول وڌندڙ ماحولياتي تباهي جي ڪري گم ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. جڏهن اسان سجاڳ ٿينداسين تڏهن دير ٿي چڪي هوندي. اڄ اها ڳالهه سنڌ لاءِ گهڻي ٺهڪي ٿي. ڊيم سنڌو کي کائي ويا آهي، درياءَ خشڪي ٿي ويو آهي. سامونڊي چاڙهه سبب تمر جا ٻيلا ۽ ٻنيون سمنڊ ڳڙڪائي پيو. ڊيلٽا جي تباهي سبب مهاڻا بي روزگار ٿيا آهن. پلي ۽ ٻلهڻ جو نسل خطري ۾ آهي. آبهوا ۾ آلودگي سبب جانورن ۽ وڻن جون جنسون ختم ٿي رهيون آهن. ۽ حياتياتي جنسون ختم ٿيڻ سبب ماحول متاثر ٿيو آهي. ان جي نتيجي ۾ قدرتي وسيلن تي روزگار ڪندڙ پورهيت جهڙوڪ هاري، ڌنار ۽ مهاڻا شڪار ٿيا آهن. درياءَ، ڍنڍون، جبل ۽ جهنگ انسان دوست ماحول کي جيئندان ڏين ٿا. درياءَ جي سڪي وڃڻ ۽ جبل جي ڪٽجڻ سان اتي جي انڊيجينيس(ڌرتي جي اصلوڪي رهواسين) باشندن جو مستقبل داءُ تي لڳي چڪو آهي. انڊيجينئس لوڪ سماجي سياسي ۽ معاشي حالت, ثقافت ۽ ٻوليون هن دور جا اهم موضوع آهن، جن ذريعي استحصال جي مختلف شڪلين جي وضاحت ڪري سگهجي ٿي. بورجوا حڪمران ڪلاس جو انڊيجينئس ماڻهن ڏانهن رويو دراصل انهن جي پرولتاري مخالف سوچ کي واضح ڪري ٿو. انڊيجينئس ماڻهو هن نيو لبرل معاشي دور ۾ ويڳاڻا ۽ ڀٽڪيل بڻايا ويا آهن. ڪارونجهر تي ايندڙ سير ۽ تفريح جا شوقين سياح جبل جي اوچائي ۽ منظرنگاري مان مستفيض ٿي ورن ٿا، پر اُتي عام لوڪ جي سماجي ۽ معاشي حالت بدتر آهي. پورهيت پرتن ۾ غربت ۽ بک واڪا پئي ڪري. ڪارونجهر جبل معدني دولت سان مالا مال آهي، ۽ هتي ڀليون پوک لائق ٻنيون به آهن، پوءِ به هتي اڪثر ماڻهو معاشي بدحالي سبب تعليم ۽ صحت کان محروم آهن. کين بدحال ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ هن خطي جا قصا، ڪهاڻيون، روپلي ڪولهي جو رومانوي جنگي داستان پنهنجي جاءِ تي، پر هن وقت هتي ڪنهن جو راڄ ۽ رواج آهي؟ 
ڪارونجهر جي پٻ، جهور نه تن جون جهوپڙيون، 
تن ۾ ڪائي رٻ، هو جي ڏويون ڪاٺ جون. (اياز) 
ٿرپارڪر ۾ ڪافي بهتر ڪم ڪري سگهجي ٿو، پر ڇا حڪمران طبقو عوام جي سماجي ۽ معاشي زندگي سڌارڻ لاءِ سنجيده آهي؟ پاڻي جو بحران مستقل طور ختم ڪرڻ، تعليم ۽ صحت لاءِ سھوليتون ڏيڻ، غربت ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدہ قدم کڻڻ، جابلو زراعت کي ھٿي ڏيڻ، ڳوٺاڻن کي بغير امتياز جي ٽيوب ويل سمر پمپ مھيا ڪرڻ، پارڪر ۽ پارڪر جي ماڻھن جي سماجي بحالي لاءِ قدم کڻڻ جهڙا ڪم نٿا ڪري سگهجن ڇا؟ ننگرپارڪر تڪ سميت پوري ٿر جي سياست سواليه آهي. ڪارونجهر جي ڪٽائي سميت ٿر ۾ جنم وٺندڙ هر مصيبت جي ذميوار اها سياست آهي، جنهن جو ڪم سرمايه دارن کي ٺيڪو ڏيڻ ۽ ڪرپشن ذريعي ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اها سياست واسڪوٽيون، ٽوپيون، ڦينٽا ۽ لانگوٽا ٻڌي هاري پورهيت جي حق تلفي ڪري ٿي. 
ڪارونجهر جي عام لوڪ کي سياسي ۽ سماجي شعور سان همڪنار ٿي، هاڻي حق ۽ ناحق جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي. سياست جي پچ تي اقتداري آسڻ لاءِ اسٽروڪ کيڏندڙ مدي خارج ذهنيت جو مالڪ ڀوتار ننگرپارڪر جي فطري حسن جي تباهي سان گڏ هن سماجي اڻ برابري ۽ معاشي استحصال جو ذميوار آهي. ترقي پسند سياسي جدوجهد ذريعي هن استحصال پسند نظام کي تبديل ڪري سگهجي ٿو:
ڪارونجهر تي باهڙي، وساڻي ناهي، 
ڪنهن ڄاتو آهي، ڪڏهن مچ مچي پوي. (اياز) 
ڪارونجهر سنڌ جي تاريخ ۽ قدامت جو اهڃاڻ آهي. ڪارونجهر زندگي جو جياپو آهي، انسان ۽ جهنگلي جيوت جو فطري گهر آهي. هن حسين فطري فنپاري جي بقا ۽ حيات لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جي گهرج آهي:
نينگرڙا! ڇو واٽ وساري آ تو،
پنهنجي ڪارونجهر جي، 
جنهن تي مور ٽهوڪا ڪن ٿا؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *