تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪارونجهر: سنڌ جي تاريخي قدامت!

شاهه عبداللطيف ٿر جا فطري منظر ۽ خوبصورتي ڏسي، جڏهن انهن مشاهدن کي من ۾
محفوظ ڪيو هو ته لطيف هن نتيجي تي پهتو هو ته: 
ننگا آهيون نِڱئا، اسين مارو لوڪ،
ٿر کي ڀانيو ٿوڪ، ڍڪ ڍاٽيئڙن جو.
سنڌ جو هيءَ خطو ضلعي ٿرپارڪر تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌ جي ڏکڻ اڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي.
هڪ روايت موجب پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳ ۾  سامونڊي کارِي هو. جيڪا اچڻ وڃڻ لاءِ ماڻهن کي پار ڪرڻي پوندي هئي، تنهنڪري ان کي چوندا هئا “پار اڪر”. ان بابت هڪ ٻي ڏند ڪٿا مشهور آهي، جنهن موجب اهو نالو “پاراسر” نالي رشيءَ تان پيل آهي. پاراسر رشيءَ ڪارونجهر جبل ۾ ساڙدري جي ويجهو هڪ هنڌ پسند ڪري، اتي پنهنجي اکنڊ تپسيا ڪئي هئي، جنهن دوران هو هڪ هزار سالن تائين پير جي هر هڪ آڱر تي بيٺو هو! پارڪر واري ڀاڱي ۾ وڏو رڻ به آهي، جنهن بابت هڪ راءِ اها به آهي ته اڳ ۾  هتي سمنڊ هوندو هو، جيڪو ڪنهن وڏي زلزلي سبب پوئتي هٽي ويو ۽ وارياسو رڻ وجود ۾ آيو. پارڪر کي ٿر جي طبعي ڀاڱن جي لحاظ سان “ڪَنٺو” به چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي ڪَسَ يا ڳچي. “ڪس” جو لفظ به “ڪڇ” مان نڪتل آهي. انساني جسم جي “ڪڇ”، بغل جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. هتي جي زمين سنئين ۽ ڪڪرالي آهي ۽ ٿر وانگر واريءَ جون ڀٽون رائو ۽ اڇي مِٽِي گهڻي آهي. سورنهن ميلن ۾ پکڙيل ڪارونجهر جبل به پارڪر ۾ آهي. جنهن لاءِ عام چوڻي مشهور آهي ته “ڪارونجهر ۾ روزانو سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو”. گگر هتي جام ٿيندو آهي، هن جبل ۾ قسمين قسمين ٻوٽيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي هتي جي ماڻهن لاءِ درمل طور ڪم اچن ٿيون. کوکرو، گڻ ويل، ستاوڙي، جهنگلي بصر، شو جٽي، اٺ ڪنٺي، اٽنگڻ، لاجنوتي، گوگڙو وغيره. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن تپش جام ٿيندي آهي ته گندرف موجود هئڻ ڪري جبل مان وڏا ٺڪاءَ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ۽ ڪجھه سال اڳ هتان جي ڪافي ٽڪرين ۾ باهه به لڳي هئي. هتي جي هر ٽڪريءَ، هر ماڳ، هر مڪان جي پنهنجي الڳ تاريخي حيثيت ۽ اهميت آهي. تاريخي طور اسان کي هندن جي مهاڀارت ۾ به هن ٽڪريءَ جو ذڪر ڪيل آهي ته جڏهن ڪوروَن، پانڊوَن کي 13 سالن لاءِ ديس نيڪالي ڏني هئي ته پانڊو ڪجهه عرصي لاءِ ڪارونجهر ۾ به رهيا هئا. جتي ڀيم گوڏا، ڀيم تلاءُ، ارجڻ ٻاڻ وغيره مشهور آهن.برسات جي مند ۾ جبل تان اٿاهه پاڻي درياهه جيان وهي هلندو آهي. گوڙڌرو ۽ ڀٽياڻي نديون(نئيون) به ڪارونجهر مان وهن ٿيون، جيڪي پارڪر جي ڪيترن ئي علائقن کي سرسبز ڪنديون ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون.ڪارونجهر جبل ۾ سيار،گدڙ، جرک، مور، سارس، سها، هرڻ ۽ ٻيا جانور ۽ پکي رهندا آهن.
ڪارونجهر جا تاريخي ماڳ:
ڪارونجهر جبل واري علائقي جي 108 تيرٿ ۽ تاريخي ماڳن مان ڪجهه جا نالا هي آهن.ساڙڌرو، گئومکي انچليسر جهرڻو، ٻاين جو ٻيسڻو ويلڙيو جو چشمو، تيرٿيو
انڌي جي ويري، انڌاريو اجواڙيو، کوڙي جهاڙو،ٻاڙ ڌڙو، کاروڙو، ماڏيوڙي، گنگا ٻاڻ، انڌاريو، سيل ماتا
چئو ويڙي ويري، تڪيو چندن گڍ کارا جهارا چشمون.
جيڪڏهن جديد بنيادن تي هنن جاين تي تفريحي سهوليتون ڏنيون وڃن ته، سياحت ذريعي پڻ هن علائقي ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي.تازو کوجنا کان پوءِ اهو ظاهر ٿيو آهي ته، سڄو ڪارونجهر جبل هڪ اعليٰ ۽ اتم قسم جي سنگ مرمر (گرينائيٽ ) جو ٺهيل آهي. ڪجهه سالن کان هتي چيني مٽي جا ذخيرا به لڌا ويا آهن. ڪارونجهر جي ڏکڻ ۾ رڻ ڪڇ آهي. انهي پاسي لوڻ جا سن (ڍنڍون) به آهن . زرخيزي ۽ ساوڪ جي لحاظ کان مشهور وادي ڪاسبو به هن علائقي ۾ آهي. انهي کان سواءِ هن علائقي ۾ ڪارونجهر جي سلسلي جون ڪجهه ڌار ننڍيون ۽ وڏيون ٽڪريون ۽ ٽڪر مختلف ڳوٺن جي ڀر ۾ پڻ موجود آهن. انهن مان ڪجهه ٽڪرين جا نالا هي آهن.
1. کارسر واري ٽڪري، 2. ساڪرويري واري ٽڪري
3. چڻيندا واري ٽڪري، 4. چوڙيو واري ٽڪري، 5. ڏينسي واري ٽڪري، 6. ووڙائو واري
ٽڪري، 7. ڄام خان واري ٽڪري، 8. واڌڙائي واري ٽڪري، 9.ڏونگري واري ٽڪري.
1859ع ڌاري ننگرپارڪر ۾ انگريزن جي حڪومت جي خلاف  بغاوت پکڙي مقامي
طرح اتي راجپوت “راڻن” جو راڄ هو. انگريزن جي پوليس اهلڪارن جو دستو مقامي بغاوت کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. راڻي کي 14 سالن جي ڪاري پاڻيءَ جي
سزا ۽ سندس وزير کي 10 سالن جي سزا ڏني وئي. انگريزن سان جن ماڻهن مددڪئي، تن کي زمينون مليون. انهيءَ ڇاپا مار ويڙهه ۾ راڻن جي لشڪر ۾ سندن راڄ جا ڪولهي هئا، جن ۾ روپلي پنهنجي جان ڏيئي پاڻ ملهايو.
ٿرپارڪر سنڌ جي اوڀر ڏکڻ واري ڪنڊ تي آهي. هي ضلعو قدرتي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هن ضلعي جو هڪ حصو 109 جابلو ٽڪرين جي بيدي نما سلسلي ڪارونجهر جبل ۽ انجي وچ ۽ پاسن واري سڌي زرخيز زمين وارو آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر جي سلسلي کان ڌار به انهي سلسلي جون ٻيون 45 ننڍيون وڏيون جابلو ٽڪريون پڻ موجود آهن. جيڪڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي سموري ريگستان کي ملائي دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته هي ٿر وارو علائقو تقريبن ٻه لک چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ پکڙيل آهي. پر انهي ريگستان جي ننڍي ٽڪري جيڪا سنڌ ۾ آهي ان جا به ٻه حصا آهن، هڪ اڇڙو ٿر ۽ ٻيو ٿرپاڪر وارو حصو . جيئن ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي علائقا شامل آهن، انهي ڪري ئي هن ضلعي جو نالو ٿرپارڪر آهي. هي ضلعو پکيڙجي لحاظ کان 19638 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي.
ڪارونجھر هڪ جبل ئي نه پر هڪ جادو آهي ۽ اتي مورن جي گيتن جا گونجندڙ پڙاڏا هن جبل جي سونهن کي اڃان به ٻيڻو ڪري ٿاڇڏين، ڪارونجھر حقيقت ۽ ڏند ڪٿائن جو جبل آهي”. قديم جبل هئڻ ڪري ڪارونجھر ديومالائي پس منظر رکي ٿو، جين مندرن، گرينائيٽ جي ذخيرن ۽ اڻ لڀ جڙين ٻوٽين جي ڪري هن جبل جي هڪ خاص اهميت پئي رهي آهي، سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيٽن کانپوءِ ڪارونجهر جبل جي هڪ لک 50هزار زمين به ليز تي ڏيڻ جون تياريون ڪري رهي آهي ! جيڪو انتهائي غلط عمل آهي فطرت جي هن شاندار منظرن سان هٿ چراند نه ڪيو، خدارا اهڙا تاريخي ماڳ سڌريل ۽ زنده قومن جا اثاثا هوندا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *