تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

ڪالا باغ ڊيم کانپوءِ وري بهاري آڻڻ جو راڳ

خبر ناهي موجوده وفاقي حڪومت جا اهي ڪهڙا عقلمند ،داناءَ صلاحڪار آهن جيڪي کين تڪراري معاملن ۾ هٿ وجهڻ جون صلاحون ڏئي رهيا آهن جن کي سولي سنڌ ۾ ککر ۾ کڙو هڻڻ چيو ويندو آهي،عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران هن وفاقي حڪومت جا وزير روز اهڙيون گوهر افشانيون ڪري رهيا آهن،جيڪي اڳ ئي مسئلن جو شڪار هن وفاقي حڪومت لاءِ ٻيا مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ٽي ڏينهن اڳ سينيٽ ۾ پاڻي واري وزارت طرفان لکت ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ جيڪي پاڻي جا وڏا منصوبا ويچار هيٺ آهن انهن ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جهڙا تڪراري ۽ رد ٿيل منصوبا به شامل آهن جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ وري مملڪتي وزير علي محمد سينيٽ ۾ ڳالهائيندي بهارين کي ملڪ ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
سينيٽ ۾ ڳالهائيندي هڪ طرف مملڪتي وزير علي محمد چئي رهيو هو ته حڪومت جو غير قانوني رهندڙ ماڻهن کي ملڪ ۾ رکڻ جو ڪو ارادو ناهي ته ٻئي طرف هو تجويز ڏئي رهيو هو ته ملڪ ٽٽڻ دوران بنگلاديش ۾ ترسيل بهارين کي سيني سان لڳائڻ گهرجي ۽ انهن بابت سوچڻ گهرجي،هن دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ هڪ لک 77 هزار ماڻهو غير قانوني طور ترسيل آهن جن مان 51 هزار سنڌ ۾ آهن جنهن کي ان وقت ئي پ پ جي سينيٽر غلط قرار ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ 10 لک ماڻهو غير قانوني طور آباد آهن جيڪي سنڌ تي بار آهن،ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ انگ اکر هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿا پر اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌ ڌارين جي آبادڪاري لاءِ جنت بڻيل آهي جنهن ڪري بهاري ،بنگالي،برمي افغانين کان وٺي لکين ڌاريا سنڌ جي مختلف شهرن ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ترسيل آهن جيڪي سنڌ جي وسيلن تي بارهجڻ سان گڏوگڏ صوبي ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ڪرڻ جو سبب آهن انهن ڌارين کي تڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران جيڪڏهن وفاقي حڪومت جا نمائندا وڌيڪ ماڻهن کي آباد ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندا ته سندن عقل تي ماتم ڪجي يا سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ شريڪ هجڻ جو شڪ ڪجي.هي ته شڪ کان به اڳتي جي ڳالهه آهي جيڪو ماڻهو مملڪتي وزير جي عهدي تي ويٺل هجي ته ڇا انهي کي ايتري به خبر ناهي ته سنڌ ڌارين جي آبادڪاري ۽ خاص ڪري بهارين کي واپس آڻڻ جي مخالفت ڪرڻ لاءِ ڪيتري جدوجهد ڪئي آهي. ڪنهن وقت ۾ سنڌ جي هر ديوار تي لکيل اهي نعرا اڄ به ڪٿي نه ڪٿي موجود آهن ته بهاري نه کپن .سنڌ جي ڪيترن ماڻهن پنهنجون حياتيون انهي مقصد لاءِ جيلن ۾ ڳاري ڇڏيون پوءِ ڇو هن حڪومت ۾ هڪ هڪ ڪري اهڙن مسئلن کي ٻيهر جياريو پيو وڃي جيڪي سنڌ جي ماڻهن جي جدوجهد جي ڪري دفن ٿي چڪا هئا، اهو ڪالاباغ ڊيم جو مئل گهوڙو هجي يا اکوڙي ڊيم جهڙو تڪراري منصوبو يا وري بهارين کي واپس آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش جيڪا ضياءَ جهڙي آمر جي دور ۾ تيار ٿي جنهن کي سنڌي ماڻهن پنهنجي جدوجهد سان ناڪام بڻايو.
اسان سمجهون ٿا ته ماڻهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام حڪومت اهڙا تڪراري معاملا اٿاري انهن مسئلن تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي پر وفاقي حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به اهڙين سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو جيڪي سنڌ جي وسيلن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سبب بڻجن. حڪومت پنهنجون توانائيون عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي خرچ ڪن نه ڪي اهڙا بي وقتي راڳ ڳائي تڪراري مسئلا اٿاري سنڌ جي عوام ۾ وڌيڪ بيچيني پيدا ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *