تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪامورن جي تڪڙين بدلين سبب متاثر ٿيندڙ وهنوار

سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن ۾ جتي ڪرپشن ۽ بيقاعدگين جا روزانو نوان انڪشاف سامهون اچن ٿا، ملازمن جي پگھارن، پينشن، فوتي ڪوٽا وارن ڪيسن سميت معمول واري سرگرمين ۾ به ننڍن ملازمن توڙي عام ماڻهن جا فائيل دٻائي رکيا ويندا آهن، اهو سلسلو ڪڏهن به رڪجندو ناهي، ڇاڪاڻ ته وڏن ڪامورن خاص طور تي سيڪريٽرين، اسپيشل سيڪريٽرين، ايڊيشنل توڙي ڊپٽي سيڪريٽرين جون ٽيبلون عام ماڻهن توڙي پنهنجي کاتن جي ملازمن جي فائيلن سان ڀريل هجن ٿيون. ڪيس اڪلائڻ لاءِ ڪامورن کي ايترو وقت ئي نه ٿو هجي ته هُو مقرري ٿيڻ بعد پهريان ان کاتي جي اسٽرڪچر کي سمجھي وٺن، ملازمن جي حاضري کان ويندي کاتي جي اندروني سسٽم کي سمجھي سگھن پر اهو سمجھندي ۽ ڏسندي ڏسندي سندس بدلي ٿي وڃي ٿي ۽ ان کاتي ۾ سندس ڪيل ڪم کي به اتي ئي بريڪ لڳي وڃي ٿو. 19هين ۽ 20هين گريڊ جي ڪامورن جو اهڙو ته شديد قِسم جو بحران پيدا ٿيل آهي جو هڪ هڪ آفيسر کي ٻن کان مٿي چارجون به مليل آهن هن وقت به ڪافي کاتا اهڙا آهن جن ۾ سيڪريٽرين جون پوسٽون به اضافي چارجن تي هلي رهيون آهن.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ جي هدايتن تي ئي ڪامورن کي ڊبل چارجون ڏنيون وڃن ٿيون. چيف سيڪريٽري پاڻ ئي اجلاسن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن کي اهي سختي سان اهڙيون هدايتون ڏيندو رهي ٿو ته هُو ڪنهن به ننڍي ملازم يا عام ماڻهو جو فائيل گھڻي دير تائين ٽيبل تي نه رکن. پر کيس اهو احساس ناهي ٿيندو ته جنهن آفيسر وٽ هڪ کان وڌيڪ پوسٽنگ واريون چارجون آهن اهي ڪهڙي ريت سندس اميدن تحت تڪڙو ڪم اُڪلائي سگھن ٿا؟ اهو وڏو سوال آهي. تازو ئي اينٽي ڪرپشن کاتي جي چيئرمين علم الدين بُلو کي عهدي تان بدلي ڪري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ واري کاتي ۾مقرر ڪيو ويو آهي، علم الدين بُلو کي ڪجهه مهينا اڳ ئي سنڌ سرڪار پاران وفاق مان گھرائي اينٽي ڪرپشن چيئرمين واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. تازو اينٽي ڪرپشن ۾ چيئرمين جي عهدي تي مقرر ٿيل ڪامورو 21هين گريڊ جو آفيسر اقبال ميمڻ به ان عهدي تي ڪيترو هلي سگھندو؟ ان جو اندازو لڳائي نه ٿو سگھجي. ڇو ته ڄاڻايل ڪاموري ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جو مزاج هڪ ٻئي جي بلڪل ابتڙ آهن. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته گھٽ ۾ گھٽ هر سيڪريٽري ۽ ٻين ڪامورن کي هڪ يا ٻن سالن جو پوسٽنگ ٽائيم ڏنو وڃي جيئن کاتن جو وهنوار سِڌو ٿي سگھي. پينڊنگ پيل معاملا به حل ٿي سگھن، جيڪڏهن نه ته عام ماڻهن جا فائيل سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڏاڪڻين تي جنهن حالت ۾ پيل آهن انهن کي اتي به ڪا جاءِ نه ملندي ۽ بيوروڪريسي مان ماڻهن جون رهيل اميدون به ختم ٿي وينديون. هاڻي سنڌ جي ڪامورن ۽ ڪامورن بابت حڪومتي پاليسين کي تبديل ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *