تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ڪاڇي جي تنوار

جوهي تعلقي ۾ ڪاڇي جي پٽي به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ حصو ڪاڇو آهي ٻيو حصو جبل آهن، جيئن جبل سنسان آهن ۽ اتي رهندڙ انسان به سنسان آهن ۽ انهن وٽ نه تعليم جي سهولت آهي ۽ نه وري ڪنهن ترقياتي ڪمن جو معيار، بس انهن جي روزمره ڪرت چوپايو مال چارڻ آهي هتان اٿي ٻئي هنڌ وڃي خيما کوڙڻ آهي اهڙي طريقي سان اهي پنهنجي زندگي ۾ ڏاڍا پرسڪون ۽ خوش نظر اچن پيا وري ٻئي پاسي ڪاڇي واسي آهن توڙي جو انهن وٽ به تعليم جي سهولت ۽ معيار جبل جي رهندڙ ماڻهن کان گهڻو بهتر ته نه ٿو چئي سگهجي پر ڪجهه نه ڪجهه ضرور آهي ۽ ترقياتي ڪم ۾ به ڪي مطمئن ڪندڙ نه آهن پر جيئن چوڻي آهي “انڌن ۾ ڪاڻو راجا ”.ڪاڇي ۾ به هن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اهڙي ئي حالت آهي، جيڪا اڄ کان سئو سال پهرئين هئي تازي بارشن پوڻ جي ڪري ۽ گاج جي ٻوڏ جي گجگوڙ جي ڪري ڪاڇي ۾ جيڪا تباهي آئي آهي انهي تباهي جي اڻ مٽ نشانن کي ختم ڪرڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا پوءِ وڃي ڪو ڪاڇو ڪنهن بهتر صورتحال ۾ اچي. اوتري تائين وري ڪا ٻي ٻوڏ اچي ويندي وري زندگي جي رفتار زيرو کان شروع ڪرڻي پوندي ۽ آهستي آهستي اڳتي رفتار وڌڻ شروع ڪندي، جڏهن پوري رفتار تي پهچڻ واري هوندي ته متان وري ڪو ٻيو اسپيڊ بريڪر اچي ويندو ۽ وري زندگي جي گاڏي زيرو تي اچي ويندي. ڪاڇي ۾ رهندڙ ڪاڇي واسي هينئر ٻن وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هڪ گاج جو بند ٽٽل آهي ٻيو ٻوڏن جي ڪري روڊ رستا مڪمل طور تباھه ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري ڪاڇي واسين کي جيڪا تڪليف ٿئي ٿي انهي تڪليف جو ڪٿي به ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهجي نه ئي ڪنهن تارازي ۾ توري سگهجي ٿو. حڪمران ته ماڻهن کي انهن تڪليفن کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ۽ اهي پنهنجو سياسي ڪاروبار خوب ڪري رهيا آهن ۽ هو ماڻهن کي پنهنجو گراهڪ سمجهن ٿا ۽ انهن جي زندگي جو ڪڌو ڪاروبار ڪن ٿا. اهي سياسي ڪاروباري ماڻهو ڪيئن پنهنجو رستو بدلائي پاڻ لاءِ پنهنجي سامهون دشواريون آڻيندا ڇو ته کين پڪ آهي ته سندن گراهڪ اڄ ڏينهن تائين نه ڦريا آهن ته هاڻي به نه ڦرندا. انهن کي ابتيون سبتيون پٽيون پڙهائي ڏٽا ۽ دلاسا ڏئي انهن کي ايڏو محو ۽ مست ڪيو ويو آهي جو هو ڪنهن وڏي منشيات واپرائيندڙ وانگر پوءِ به انهن ئي آڏو جهومن ٿا پيا ۽ پيا جهومندا ۽ وري ڪجهه ٻيا وقتي طور اهڙا ماڻهو آيا جيڪي بظاهر ته وڏا هڏڏوکي ۽ همدرد هيا پر انهن به ڪاڇي واسين جي انمول ارمانن کي سرعام پٿرن سان ته نه چٿيو پر انهن کي ايئن ڦيرايو جيئن ڪو لاٽون ٻرائيندوآهي تيئن انهن به ڪاڇي واسين کي دلاسن ڏٽن ۽ اميدن جي رڻ ۾ رلايو پر ڪاڇي واسي مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ وارو گس اپنايو ۽ ڪڏهن نه ڪڇيا ۽ نه ئي پنهنجي تڪليفن باوجود ڪو احتجاج ڪا رڙ ڪئي.۽ انهن جون تڪيلفون وڌنديون وڃي کير ٿر جي جبل جيڏيون ٿي ويون ۽ اهي تڪليفون سهندا پنهنجي زندگي جو گاڏو گهليندا رهيا. جيستائين ڪاڇي واسي پنهنجي دردن ۽ تڪليفن تي ڳالهائيندا نه انهن جو آواز اقتدار جي اعليٰ ايوانن تائين نه پهچندو نه ئي مخالف ڌر جا سياسي اڳواڻ انهن وٽ ايندا. هن وقت ڪاڇي واسين جو وڏي ۾ وڏو مسئلو گاج جي بند ڪم نه ڪرائڻ آهي ۽ تباهه ٿيل رستا بحال ڪرئڻ آهي هاڻي جڏهن به ٿوري برسات پوي ٿي يا نئين گاج اچي ٿي ته سڄو ڪاڇو وري ٻڏي وڃي ٿو جڏهن ته رستا بحال نه هجڻ ڪري اڌ ڪلاڪ جي پنڌ لاءِ به ماڻهو سڄو ڏينهن وڃائي ٿا ڇڏين. ڇو ته جيتري تائين گاج بند جو ڪم نه ٿو ٿئي اوستائين هيٺ ٿيندڙ ڪم ايئن آهي ڄڻ ڊنگهرن مٿان اٽو هارڻ. ڇو جو گاج بند نه هئڻ ڪري لپ پاڻي به ايندو اهو اوهان جي محنت کي مٽي ۾ ملائي هليو ويندو.جيڪڏهن واقعي اوهان جي دلين ۾ ڪاڇي وارن لاءِ درد آهي ته ڪم صرف منصوبا بندي سان ڪيا وڃن جيئن ڪا آفت ايندي آهي ته انهي جي روڪٿام ۽ ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ جٽادار منصوبا بندي ڪئي ويندي آهي اهڙي طرح سان ڪاڇي ۾ ڪمن جي مانيٽر گ ڪئي وڃي، چاهي اهو گاج جو ٽٽل بند هجي يا ڪاڇي جي ڪنهن شهر ڳوٺ جو روڊ رستو هجي ۽ ڪم جي ميدان ۾ سڀني لاءِ هڪڙي چاهت هجي ڪنهن جي لاءِ مٺاڻ ۽ ڪنهن جي لاءِ ڪوڙاڻ نه هجي. سڀني کي پنهنجي حصي جو برابر حق ڏنو وڃي ڪنهن سان زيادتي ۽ دشمني نه ڪئي وڃي ڇو ته هر انسان جون گهرجون ۽ ضرورتون آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *