تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪاڇي پئي ڪوڪ ،سچ ڪ سنگهارن لڏيو

ڪاڇي پيئي ڪوڪ ،سچ ڪ سنگهارن لڏيو، لطيف سرڪار خبر ناهي ڪهڙي ڪيفيت ۾ ۽ ڪاڇي جي ڪهڙي حالت ڏسي اهي سٽون چيون هيون،پر هن وقت واقعي ڪاڇي اهڙي ڪوڪ ۽ رڙ ڪئي آهي جو اهي سنگهار پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏي پنهنجي جان ۽ مال بچائڻ جي ڪوششن ۾ آهن.سدائين پاڻي لاءِ سڪندڙ ڪاڇي واسي حڪومتي ۽ انتظامي نااهلي جي ڪري انهي پاڻي کان پاڻ بچائڻ ۾ رڌل آهن جنهن پاڻي کي هو پنهنجو ساهه سمجهندا آهن. انتظامي نااهلي سبب اهو ئي پاڻي انهن جو ويري بڻجي مٿن ڪڙڪيو آهي پر انهي ۾ ڏوهه انهي پاڻي يا ماروئڙن جو ناهي، جيڪڏهن ڏوهه آهي ته انهي حڪمرانن ۽ انتظاميا جو آهي جن جي لالچ جو پيٽ ڀرجي نه ٿو ڀرجي ،جن جي پئسي جي بک ماڻهن کائڻ تائين اچي پهتي آهي.برساتون ۽ قدرتي آفتون اينديون رهنديون آهن پر بهتر انتظامڪاري سان انهن آفتن کي گهٽ ڪرڻ يا انهن جي نقصان کان بچي سگهبو آهي پر هتي ته قصو ئي اونڌو آهي اها انتظاميا ۽ حڪمران ئي انهن آفتن جي نقصانن کي وڌائڻ جو سبب بڻجن ٿا.
موسميات کاتي اڳواٽ ئي شهري ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي پر ان هوندي به ڪٿي به ڪا به تياري نظر نه آئي. سڄي سنڌ ۾ هن وقت سانوڻي جي برساتن حڪمرانن جي انتظامي اهليت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر کاتي جي ڪارڪردگي جي دعوائن کي لوڙهي ڇڏيو آهي.گاج ڪا اڄ ۽ اوچتو وهي نه آئي آهي اها هر برسات ۾ پاڻي کڻي پنهنجي منزل منڇر تائين پهچندي آهي جنهن گاج جي وهي اچڻ تي ڪاڇي واسين جي چهرن تي مرڪون اچي وينديون آهن، هن ڀيري اهي مرڪون دانهن ۽ ڪوڪن ۾ تبديل ٿي ويون آهن ڇاڪاڻ جو گاج بند جي ڪم ۾ ٿيل ڪرپشن کي هن وهڪرن وائکو ڪري ڇڏيو آهي.1995ع ۾ جڏهن گاج انگريزن جي دور ۾ ٺهيل تير ڀت کي ٽوڙي جوهي کي ٻوڙي ڇڏيو هو انهي کانپوءِ انهي تير ڀت کي ٻيهر تعمير ڪيو ويو ته ان وقت ئي ڪجهه ماهرن ۽ مقامي ماڻهن انهي ڪم تي پنهنجا خدشاظاهر ڪيا هئا ته جيڪڏهن گاج نئين پنهنجي مستي ۾ وهي ته اها ڀت ۽ بند انهي کي روڪي نه سگهندا ۽ وڏو نقصان ٿيندو هن وقت گاج بند جي ٽن آر ڊين وٽ لڳل گهارن انهي ڳالهه ۽ خدشن کي سهي ثابت ڪيو آهي ته گاج بند جو ڪم صحيح نموني نه ٿيو هو،جنهن ڪري هن وقت سڄو ڪاڇو ٻوڏ هيٺ آهي.اهو پاڻي وڌندو اچي ايف پي بند سان لڳو آهي ۽ جوهي جي بچاءُ لاءِ ٺهيل انهي ايف پي بند تي سخت دٻاءُ آهي ۽ جوهي شهرسميت سوين ڳوٺ انهي خطري هيٺ آهي.توڙي جو آبپاشي وزير اتي پهتو آهي پر بچاءُ بند جي حالت انهي کان سوال ڪري رهي آهي ته هر سال انهي بندجي مرمت لاءِ نڪرندڙ ڪروڙين رپيا ڪٿي خرچ ٿيندا آهن جو بند هر هنڌان جهريو پيو آهي ۽ روڻيون پئجي رهيون آهن ۽ لکين ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي. انهي جو ذميوار اهي ئي حڪمران ۽ انتظاميا جا اهلڪار آهن جن جي لالچ ۽ ڪرپشن ماڻهن کي اهڙي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي .ڇا هاڻي گاج بند جي ڪم ٿيل ناقص ڪم جي جاچ ٿيندي ،ڇا ايف پي بند جي مرمت لاءِ آيل پئسن تي ڪرپشن جي جاچ ٿيندي ته ان مان ڪنهن ڪنهن ڪيترو حصو کنيو جو اڄ لکين ماڻهن کي سر جي ، مال متاع ۽ اجهن کي بچائڻ جي اچي لڳي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته هي قدرتي آفت ناهي هي حڪمرانن ۽ انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهي جنهن جي ڪري ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن ،ماڻهن جو معاشي نقصان ٿيو آهي ،ماڻهن جا فصل لڙهيا آهن ۽ خبر ناهي ڪيتري وقت تائين اهي دربدري واري زندگي گذاريندا.هن وقت به ماڻهن جون دانهون ۽ ڪوڪون آهن پر ڪير سندن مدد لاءِ نه پهتو آهي.سنڌ حڪومت کي ترت تحرڪ وٺڻ گهرجي ڇو ته هڪ ته سانحو ٿي ويو پر جيڪي ماڻهو ٻوڏ جي گهيري ۾ آهن انهن کي بچائڻ ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو بندوبست نه ڪيو ويو ته وري ٻيو ڪو الميو جنم وٺندو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *