تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ڪراچي، بلوچ، پراڪسي وار ۽ اسان

مون کان اڃان ڪوئيٽا جي سرياب روڊ جي سوڙهين گهٽين مان لنگهندي ڪشادي اڱڻ جي گهر جي اها “سنڊي ڪچهري ” نٿي وسري جنھن ڪچهري ۾ بلوچستان جي کاٻي ڌر جا قومپرست، اديب، شاعر ۽ بلوچ دانشور هر آچر تي گڏ ٿي اسي سالن جي ماما عبدالله جمال ديني وٽ فرشي نشست تي بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيندا هئا. اسان انهن ڏينهن ۾“ بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن” تائين ڪتاب تي ڪم ڪري رهيا هئاسين جيڪو ڪتاب 2019ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.ان ئي ڪچهري ۾ ڪوئٽا مان شايع ٿيندڙ ادبي ميگزين“ سنگت ” جو ايڊيٽر ۽ دانشور ڊاڪٽر شير محمد بلوچ به هو ته نوجوان صحافي عابد مير به، کاٻي ڌر سان لاڳاپيل سياسي ڪارڪن به هئا ته مزاحمتي تحريڪ جا حمايتي شاعر ۽ قومي ڪارڪن به هئا.
اها آگسٽ ٻه هزار اٺ جي ڳالهه آهي اسان ماما جمال ديني سان گڏ ان جي گهر ۾ ويٺا هئاسين ۽ گرم چانهن جي سرڪين سان گڏ بلوچ دانشورن، اديبن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن کان بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت سوال به پڇي رھيا ھئا سين.اسان جي ڪچهري ۾ لاهور کان بلوچستان جي قومي تحريڪ تي پي ايڇ ڊي جي ريسرچ لاءِ آيل نيرن اکين واري پنجابي ڳالهائيندڙ اها ڇوڪري به ويٺي هئي جنهن جا سلڪي وار هر هر ان جي چهري تي ڪري رهيا هئا ۽ هوءَ انهن وارن کي ڪنڌ جي جهٽڪي سان مٿي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري هئي، ان ڇوڪري جا ٻئي هٿ پوڙهي ڪامريڊ ماما جمال ديني جي هٿن ۾ هئا ۽ ماما هن کي ٻڌائي رهيو هو ته بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ گهڻو تڻو ٻارڻ فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جن کي سردار ٻڌائيندا آهن ته قومن جو هيرو ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته سر جون قربانيون ڏجن ۽ هو هيرو ٿيڻ جي سحر ۾ ورتل نوجوان اهو وساري ويهن ٿا ته بلوچن جو هيرو بستري تي ناهي مرندو. هن چيو اسان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا ساٿي آهيون اسان بلوچستان جي آزاديءَ چاهيون ٿا پر اهڙي آزادي جنهن آزاديءَ ۾ سردارجي سرداري ختم ٿئي، اسان بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي چاهيون ٿا پر ان جو اختيار سردار بدران عام ماڻهن وٽ هجي، هن وقت ته ڊيرا بگٽي جي گئس ڪمپنيءَ جي برف جو ٺيڪو به سردار جي پٽ وٽ آهي پر آزادي ڪنهن کي نٿي وڻي؟!
بلوچستان سون، تانبي قدرتي گئس۽ ڪوئلي جي ذخيرن سان مالا مال آهي هتي هاڻي عالمي قوتن جو اسان جي وسيلن جي ڦرلٽ تي جهيڙو آهي، آمريڪا نٿو چاهي ته هتي پورهيتن، هارين ۽ پيڙهيل طبقن جون تحريڪون طاقتور ٿين ان ڪري هتي هر اٿندڙ تحريڪ جي اڳواڻي اوهان کي سردار جي هٿ هيٺ ملندي.
ماما جمال ديني چيو هتي ته هي جن کي“ غدار” قرار ڏين ٿا انهن کي قتل ڪرڻ وقت به هي “غدار سردار” کي قتل ڪرڻ کان پاسو ڪندي “سردار مخالف غدار” جي قتل جي چونڊ ڪن ٿا هنن تازو رزاق بگٽي جهڙي زرخيز ذهن واري ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي جنهن بلوچستان جي لاءِ اڻڳڻيون قربانيون ڏنيون. ڀٽي واري دور جي مشهور “حيدرآباد ڪيس”۾ جيل ۾ رهيو.هن بلوچن تي ٿيسز لکندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو هي دنيا منهنجو ملڪ آهي ۽ سائنس منهنجي سوچ آهي ۽ هي سردار منهنجي سوچ جي خلاف آهن. هي فقط پنهنجي ترجيحات لاءِ وڙهن ٿا. هي پنهنجي علائقي ۾ ٻئي قبيلي واري کي به نه ڇڏيندا آهن اڄ به جتي بگٽي وڙهن ٿا اتي مري نٿو وڙهڻ وڃي اسان جو مقصد چٽو آهي ته اسين پنهنجي سماج مان هنن سردارن کي ڌڪي ڪڍندا سين.
هن چيو ته ويچاري غريب بلوچ جي نفسيات ٺاهي ويئي آهي ته هو سردار جي لاءِ پيدا ٿيو آهي ۽ هن کي مرڻو به سردار لاءِ آھي!.
ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۽ ان جي ذميواري “بلوچستان لبريشن آرمي”پاران قبول ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ٻيهر بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت ملڪي ۽ عالمي ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي. ان کان اڳ نومبر 2018 ۾ ڪراچيءَ ۾ چيني قونصليٽ تي حملو، مئي 2019ع ۾ گوادر ۾ پرل ڪانٽينيٽل هوٽل تي حملو، پنجگور ويجهو سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪانواءِ تي حملو، اورماڙا جي علائقي ۾ ڪوسٽل هاءِ وي تي بحريه جي اهلڪارن تي حملي جي ذميواري به بي ايل اي قبول ڪري چڪي آهي.
بي ايل اي جو نئون جنم مشرف جي دور ۾ سال 2000ع ۾ ٿيو جڏهن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس نواز مري جي قتل جي الزام ۾ جهوني قومپرست رهنما خير بخش مري کي گرفتار ڪيو ويو ان کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز تي حملا شروع ٿي ويا جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪري ورتي.
ڪراچيءَ جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ذميواري بي ايل اي (بلوچستان لبريشن آرمي ) قبول ڪئي آهي ساڳي تنظيم ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي به حملي ۾ ملوث رهي هئي اها ڳالهه هن تنظيم جا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي موجود اڳواڻ به قبول ڪن ٿا ته بي ايل اي جي مجيد برگيڊ جي “فدائي حملي آورن” آورن اهو حملو ڪيو آهي.
سوال اهو ته پيدا ٿئي ته بلوچ مزاحمت ڪارن 2018ع کان ڪراچي جي ڇو چونڊ ڪئي آهي. چيني قونصليٽ کان پوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي چونڊ پويان دفاعي ۽ معاشي ماهرن پاران خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حَب آهي ان جي سڃاڻپ ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿي ڪراچيءَ ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا موجود آهي، جيڪا چند سيڪنڊن ۾ ڪنهن به خبر کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جو آسانيءَ سان ڪم ڪري سگهي ٿي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت معاشي سرگرمين جو وڏو مرڪز آهي. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي مرڪزي بينڪ، قومي ۽ نجي ڪمپنين جا صدر دفتر، سينٽرل پوليس آفيس، بندرگاهه، ريلوي اسٽيشن، وڏيون فائيو اسٽار هوٽلون ۽ انتهائي حساس جڳهيون موجوده آهن. هتي بي ايل اي کي ايم ڪيو ايم لنڊن جي شڪل ۾ آساني سان سهولت ڪار به ملي سگهن ٿا ته ايم ڪيو ايم لنڊن جا نئين لولي پوپ جي آسري وارا اتحادي به هنن جا مددگار ٿي سگهن ٿا.
آمريڪا پاران آگسٽ 2018ع ۾ دهشگرد قرار ڏنل ۽ پاڪستان ۾ ڪالعدم قرار ڏنل “بي ايل اي ” جيڪڏهن پنهنجي آقائن جي اشاري تي پراڪسي وار جي ويڙهه جو مرڪز ڪراچيءَ کي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جو مستقبل بيروت جهڙو ٿيڻو آهي. ڪراچي جنهن جي رات ۾ موکيءَ جي مَٽَنَ جو سرور ۽ جنهن جي صبح ۾ ننڊاکڙين نوخيز اکين جو خمار آهي، ڪراچي جنهن جي نيري سمنڊ مٿان اڇا ڪبوتر امن جون اڏارون ڪن ٿا ۽ روشنيءَ جي جھر مر ۾ جڏهن جوان جسم راحت فتح علي خان جي ڳايل نغمي تي رقص ڪن ٿا ته ڪراچي شهر مستي مان جهومي اٿي ٿو. اهو ڪراچي لڳي ٿو سڀاڻي رت ۾ لت پت ٿيڻ وڃي پيو. ان ڪري بي ايل اي جي رستا روڪ سان گڏ ان جي اتحادين ۽ سهولت ڪارن جي ڳولا ڪرڻ به هن رياست جي ذميواري ۾ شامل آهي، بلوچن کي پنهنجي مزاحمت لاءِ چونڊ سنڌ جي زمين بدران چاغي جي پهاڙن ۽ سرلٺ جي جبلن جي ڪرڻ گهرجي، ڪراچيءَ جي بدران ڪوئٽا جي ڪرڻ گهرجي جنهن جي مالڪي تان اڃان پختون هٿ ناهي کنيو.
سنڌ ڪنھن به صورت ۾ نه بي ايل اي جي “ فدائي حملن” جي مددگار ٿيندي نه ئي انهن جي حمايتي.
سنڌي پنھنجي سياسي جدوجهد سان ئي سنڌ جي ايندڙ مستقبل جو فيصلو ڪندا. سنڌي نه بلوچن جيان 40 لک آهن جيڪي اٽي ۾ لوڻ جيان گم ٿيندا، سنڌي ڇهه ڪروڙ زنده انسان آهن جنهن جي نڙي مان نڪتل گڏيل رڙ عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جو ڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي ماڻھن جا اجتماعي مفادن لاءِ گڏ کنيل قدم تاريخ جو ڪايا پلٽ ڪري سگهن ٿا ان ڪري سنڌ جو شعور هن وقت پرامن سنڌ جي خواب سان گڏ بيٺل آهي.
ان پرامن سنڌ ۾ ئي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي بقا آهي. ڪراچي ۾ پراڪسي وار سان سنڌ جي ڀاڱا ڀاڱا ٿيڻ جا نه صرف چٽا امڪان آهن پر ڪراچيءَ جي مستقل مالڪيءَ جا به نوان سوال پيدا ٿيڻا آهن.
سنڌ جي اجتماعي شعور جنھن نموني سان ڪراچي جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي بي ايل اي جي حملي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ننديو آهي ويجهي تاريخ ۾ بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ بابت شايد هي هن قسم جو پهريون مثال هوندو.
يقينن سنڌ کي هنن حالتن ۾ ملڪ ۾ نون اتحادين جي ضرورت آهي اهڙا اتحادي جيڪي پراڪسي وار مخالف هجن، سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بچائڻ ۾ سنڌين جا ڀرجهلا بڻجن ۽ پرامن سنڌ هنن جي مکيه ايجنڊا هجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *