تازا ترين
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ڪراچيءَ جي هن حالت جو ذميوار ڪير آهي ؟

هن سال به بارشون شروع ٿيڻ شرط ڪراچيءَ ۾ پاڻي بيهڻ، روڊ ٻڏڻ، صفائي نه ٿيڻ، وڏا نالا اٿلڻ جا وقعا پيش آيا. هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ميڊيا تان ڪراچيءَ جي حالتن تي تبصرا ۽ ماتم شروع ٿي ويا. ان سڄي بحث کي شهر جي حالتن جي ذميوار سمورن ادارن جي ڪردار تائين کڻي وڃڻ بجاءِ سمورو زور ان ڳالهه تي لڳايو ويو ته سنڌ حڪومت ڪجهه نه پئي ڪري، ڪجهه همراهن گٽر اٿلڻ تي الڳ صوبي وارو پراڻو راڳ شروع ڪري ڏنو. مزي جي ڳالهه ته اها ساڳي قومي ميڊيا جنهن ڪراچيءَ جي صفائيءَ تي جائز توڙي ناجائز آواز اٿاريو، اها لاهور شهر جي اوترين ئي خراب حالتن تي ايئن ماٺ رهي، ڄڻ لاهور ۾ سڀ واهه واهه واهه لڳي پئي هجي. انهن ئي بارشن دوران لاهور ۾ صفائيءَ جي عملي هڙتال ڪري ڇڏي ۽ شهر جي حالت بدتر ٿي وئي پر اتي نه وزيراعظم جي جيءَ کي جهٻو آيو، نه پي ٽي آءِ جا وفاقي وزير تڙپيا ۽ نه وري قومي ميڊيا کي ڪو اهنج رسيو. ان جي پٺيان انهن سڀني جي اها منافقت سمايل آهي ته نشانو رڳو سنڌ صوبي کي بنائڻو آهي، ڇو ته اتي وفاقي پارٽيءَ جي حڪومت ناهي. بهرحال ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪراچيءَ کي بهتر انتظامي ڍانچو، عوامي خدمتون ۽ سهولتون مهيا نه ٿين. ڪراچيءَ سان ٿيندڙ ورتاءُ جو ڪو به جواز ناهي، جڏهن ته ڪراچيءَ جي صورتحال کي مڪمل طور سهمجڻ بجاءِ ٽاڪ شوز ۽ نيوز بليٽنز ۾ فتوائون جاري ڪرڻ واري روش سياسي بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي، ڪراچيءَ جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي هرپاسي کان سمجهي ۽ ان جا ڪي مستقل حل ڳولجن. ان لاءِ شهر کي مختلف پاسن کان سمجهڻو پوندو، ان صورتحال جا ڪجهه مکيه پاسا هتي بحٽ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
ڪراچيءَ جو هڪ وڏو مسئلو اهو آهي جو 1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ هن شهر ۾ لڳاتار آباديءَ جي آمد جاري رهي ۽ ان سڄي عرصي ۾ شهر بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي هر پاسي پکڙجندو رهيو، وڏا شهر هڪ ڀيرو بنا رٿابنديءَ جي پکڙجڻ لڳن ۽ انهن ڏانهن ايندڙ آباديءَ تي ڪو به ضابطو نه هجي ته پوءِ لازمي طور اهڙي شهر جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو اڄ نظر اچي رهيو آهي. 1947ع ۾ جڏهن ملڪ ٺهيو ته شهر جي آبادي ڪل 4 لک هئي، جيڪا هر سال بنا روڪ ٽوڪ جي وڌندي رهي. 50 ۽ 60 جي ڏهاڪي ۾ شهر اندر آباديءَ جي واڌ جي رفتار 5 کان 55 سيڪڙو هئي، 70 جي ڏهاڪي ۾ رفتار 4.8 سيڪڙو تائين پهتي، 80 جي ڏهاڪي ۾ ان جي واڌ 3.5 سيڪڙو تائين پهتي ۽ هاڻي سرڪاري انگن موجب 2.5 سيڪڙو تائين آهي. ڪنهن به بنا رٿابنديءَ جي پکڙجندڙ شهر لاءِ آباديءَ ۾ اها واڌ تمام غيرمعمولي آهي. 4 لکن جي آباديءَ جو شهر اڄ پوڻا ٻه ڪروڙ تائين پهتو آهي، يعني ستر سالن ۾ ان ۾ چاليهوڻ تي واڌ ٿي آهي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان شهر جو ڪهڙو حشر ٿيندو. ان جي ڀيٽ ۾ لاهور جي 1947ع ۾ آبادي 7 لک هئي جيڪا ستر سالن ۾ وڌي هڪ ڪروڙ يارنهن لکن تائين پهتي آهي. لاهور جي مجموعي واڌ ڪراچيءَ جي اڌ جيتري به ناهي، رڳو ان مثال مان ڪراچيءَ جي اڍنگي واڌ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪراچيءَ جي پکيڙ جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1999ع ۾ شهر اندر 18 هزار هيڪٽر زمين اڏاوتن هيٺ هڻي جيڪا ويهن سالن اندر اڍائي ڀيرا وڌي 45،327 هيڪٽر تي چڪي آهي. اهي انگ گڏيل قومن جي اداري يواين ڊي پي جي رپورٽ ۾ ڏنل آهن.
ڪراچي ءَ جي رٿابنديءَ لاءِ 1945ع، 1950ع، 1974ع، 2000ع ۽ 2020 ع ۾ مختلف ماسٽر پلان ٺهيا پر انهن مان ڪنهن تي به ٺيڪ طرح سان عمل نه ٿي سگهيو. هاڻي ٿورو ڪراچيءَ جي انتظامي ڍانچي تي نظر وجهون ٿا. شهر ۾ هن وقت ڇهه ضلعا آهن، جن ۾ ڇهه ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنز آهن ۽ سڀني جي مٿان ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن يعني ڪي ايم سي آهي. ان کان سواءِ شهر ۾ ڇهه ڪينٽونمينٽ بورڊ آهن جن ۾ فيصل بورڊ، ڪراچي بورڊ، منهوڙو بورڊ، ڪورنگي بورڊ، ملير بورڊ ۽ ڪلفٽن بورڊ شامل آهن. اهي سڀ خودمختيار بورڊ آهن. ان کان سواءِ ڪور-5 ۽ نيول هيڊڪوارٽر الڳ علائقا آهن، ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن اندر ڊفينس هائوسنگ اٿارٽيءَ جا پنهنجا علائقا آهن. ان کان سواءِ چئن اهم وفاقي کاتن ڪي پي ٽي، سول ايويئيشن اٿارٽي، پاڪستان ريلويز ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جا علائقا آهن، اهي سڀ ادارا به پنهنجي علائقن جا مالڪ آهن. جڏهن ته صوبائي حڪومت جون ٽي اٿارٽيز ڪي ڊي اي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي آهن. جڏهن ڪراچيءَ ۾ بارش وگهي نقصان ٿئي ٿو ته مٿي ڄاڻايل سمورن ادارن جو ذڪر گم ٿي ويندو آهي ۽ سڀئي سوال صوبائي حڪومت کان ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ صوبائي حڪومت کان ضرور سوال ٿيڻ گهرجن پر باقي ڪردارن کي پڇاڻي کان معاف ڇو رکيو ويندو آهي، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.
شهر جو اهم ادارو ڪي ايم سي ساڍن ٽن ڏهاڪن کان ڪراچيءَ جي سگهاري سياسي تنظيم حوالي رهيو آهي، 1985ع ۾ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ کان ڪيترائي ميونسپل اختيار وٺي ڪي ايم سيءَ جي حوالي ڪيا ويا، جڏهن کان وٺي نه رڳو هن اداري کي بجيٽون مليون آهن پر خصوصي گرانٽون به هر دور ۾ڳريون ڏنيون ويون. جنرل مشرف جي دور ۾ته سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٺاهي هن اداري کي ڪل مختيار بنايو ويو. پر ان اداري کان سوال جواب گهٽ ٿيندا آهن. هن اداري تي قابض شهري لساني تنظيم ان اداري کي پنهنجي ورڪرن جي پگهارن لاءِ فلاحي اداري ۾ به لڳائي ڇڏيو. 9 آڪٽوبر 2017ع تي روزاني ڊيلي ٽائيمز هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ڪي ايم سي ۾ 16،796 ملازم آهن، جن مان 3،545 ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ يعني گهوسٽ ملازم آهن. اهي ملازم گهرو ويٺي ساليانو 60 ڪروڙ رپين جون پگهارون کڻن ٿا. ياد رهي ته ان وقت ڪي ايم سي جي سالياني انتظامي بجيٽ 14 ارب رپيا هئي، جنهن مان 11 ارب 73 ڪروڙ رپيا پگهارن تي خرچ ڪيا ويندا هئا. 2019،20ع جي بجيٽ مطابق ڪي ايم سي جي ڪل 26 ارب 43 ڪروڙ رپين جي بجيٽ مان 14 ارب 46 ڪروڙ رپيا انتظامي خرچن يعني پگهارن وعيره لاءِ ڏيکاريل هئا. جڏهن ته ننڍن خرچن لاءِ 2 ارب 28 ڪروڙ رپيا ۽ 22 ڪروڙ رپيا رپيئر اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ الڳ ڏيکاريل آهن. 27 جون 2015ع تي ايف آءِ اي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل شاهد حيات پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته ڪي ايم سي ۾ وڏي انگ ۾ ملازم ۽ آفيسر گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا.
پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير علي زيديءَ 7 مئي 2015ع تي هڪ پريس بيان ۾ چيو ته ڪراچي واٽر بورڊ ۾ ڪي ايم سي ۾ 13 هزار ملازم آهن، جن مان ٻه هزار گهوسٽ ملازم آهن، هن اهو به چيو ته انهن ادارن جو انتظام هلائڻ لاءِ رڳو ٽي کان چار هزار ملازم ڪافي آهن، اڄ ڪالهه علي زيدي صاحب انهن ادارن جي ڪاڪردگي ۽ ڪردار تي اکر به نه ٿو ڪڇي. ڪراچي واثر اينڊ سيوريج بورڊ جا به اهڙا ئي داستان آهن، اهو ٿيو ڪراچيءَ جي انتظامي معاملن جو احوال. هاڻي اچو ته هڪ نظر ميونسپل خدمتن جي حالت تي وجهون، شهر جو هڪ اهم مسئلو گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو خراب ٿيل سرشتو آهي. 1990ع ۾ هڪ دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو ته شهر جي رڳو 37 سيڪڙو آبادي نيڪال جي سرشتي سان ڳنڍيل آهي. شهر ۾ هڪ کاتي موجب 39 ڪروڙ گيلن پاڻي نيڪال ٿئي ٿو. ساڳي طرح شهر ۾ روزانو لڳ ڀڳ 18 هزار ميٽرڪ ٽن ڪچرو جمع ٿئي ٿو، ان مان رڳو 60 سيڪڙو ڪچري جي ماڳ لينڊفل سائيٽ تائين به پهچي ٿو. لڳ ڀڳ پنجاهه هزار گهراڻن جو گذ ان ڪچري مان شيون ميڙي کپائڻ تي ٿئي ٿو، شهر ۾ ڪچري کي کڻڻ جا جوڳا انتظام نه هجڻ سبب بارشن ۾ اهو گند مسئلا پيدا ڪري ٿو. 2014ع ۾ سنڌ سيمبليءَ کان سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جو ايڪٽ منظور ڪرايو ويو. ان بورڊ جو چيئرمين صوبي جو وڏو وزير آهي، جڏهن ته مختلف کاتن جا سيڪريٽري ڪي ايم سي جو ميئر، ضلعي ميونسپل ڪميشن جا چيئرمين، ڊائريڪٽر ڪينٽونمينٽ ۽ ڊي ايڇ اي جو ايڊمنسٽريٽر ان جا ميمبر آهن، ان بورڊ جو دائرو هر ڊويزن سطح تي آهي. هر ضلعي سطح تي ڊپٽي ڊائريڪٽر رکيل آهن. ان بورڊ بابت جائز اعتراض اٿاريا وڃن ٿا ته مڪاني ادارن جي هوندي ڪچرو کڻڻ وارو بنيادي ميونسپل سطح جو ڪم صوبائي سطح جي بورڊ جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي صوبائي حڪومت وٽ هجي. اهو ڪم سڌوسنئون ڪي ايم سي جي حوالي ڪري ان کي جوابده بنائي سگهجي ٿو.
ڪراچيءَ جو اهم مسئلو برساتي نالن جي وقت سر صفائي نه ٿيڻ آهي. شهر ۾ 40 وڏا برساتي نيڪال جا نالا آهن، جن جي ڪل ڊيگهه 167 ڪلوميٽر آهي. ننڍا نالا هڪ هزار ڪلو ميٽر کن ڊگها آهن ۽ انهن سڀني جو پاڻي قدرتي نيڪال وارين لياري ۽ ملير ندين وسيلي سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو. انهن سمورن نالن جي پيٽ ۾ اڻ ڳڻيون غيرقانوني آباديون آهن. شهر جي 40 سيڪڙو آبادي ڪچين آبادين ۾ رهي ٿي. جن جو هڪ چڱو موچارو انگ انهن نالن جي اندر ۽ ڪپرن تي رهي ٿو، انهن نالن ۾ رڳو پاڻياٺ گند نه پر نهرو ڪچرو به ٽنن جي حساب سان اڇليو وڃي ٿو، جيڪو انهن جي وهڪرن کي روڪي ٿو.
اها ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي پر ورهين کان اها صورتحال آهي. آگسٽ 2006ع ۾ جڏهن شهر تي ايم ڪيو ايم جو راڄ هو ته ڪلفٽن وارو نئون ٺهيل انڊر پاس پهرين بارش ۾ تلاءُ بڻجي ويو هو. ان وقت ڪراچيءَ جي ميئر مصطفيٰ ڪمال ۽ ڪي پي ٽي جي سربراهه وائيس ايڊمن احمد حيات هڪ ٻئي کي ان صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو هو، تڏهوڪي شپنگ واري وزير بابر غوريءَ ان واقعي جي تحقيقات جو به حڪم ڏنو هو، ڪراچيءَ جي هڪ مشهور اين جي او شهري، پڻ ڪراچيءَ جي غلط رٿابنديءَ کي ان صورتحال جو ذميوار قرار ڏنو هو.
ڪراچي جي مسئلن جي پاڙ تائين پهچڻ يا انهن جو حل ڳولڻ بدران هر ڌر پنهنجي مخالف مٿان الزام مڙهي پاسيري ٿي وڃي ٿي. ڏيڍ پوڻا ٻه ڪروڙ آباديءَ وارو ڪراچي شهر دنيا جي 21 وڏن شهرن ۽ ايشيا جي 13 وڏن شهرن مان هڪ آهي. شهر جا معاملا سڌارڻ صوبائي حڪومت، شهري حڪومت ۽ ٻين ادارن جي گڏيل ذميواري آهي پر ظاهر آهي ته اڳواڻي صوبائي حڪومت کي ئي ڪرڻي پوندي. هن ڀيري به ڪراچي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان صورتحال کي ايترو خراب ٿيڻ کان بچائي پيو سگهجي. هن سال معمول کان وڌيڪ بارشون پوڻ جي اڳڪٿي مهينو اڳ ٿي چڪي هئي. پيپلزپارٽي حڪومت کي چڱيءَ ريت پتو هو ته بارشون تيز ٿيون ته ڪراچي جي صورتحال ڪهڙي ٿيندي. بدقسمتي سان برساتي نالن جي صفائي جو ڪم وقت سر شروع نه ڪيو ويو.
ڪراچي کي ڇڙوڇڙ ادارن جي حوالي ڪرڻ بجاءِ هڪ ڳانڍاپيل انتظامي ڍانچو ملڻ گهرجي، جنهن ۾ شهر واسين جي چونڊيل مڪاني حڪومت جو مرڪزي ڪردار هجڻ گهرجي. تمام گهڻو ضروري ٿي پيو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي شهر جي حدف ۽ آبادي کي بريڪ لڳائي وڃي. وفاقي حڪومت کي ٻڌايو وڃي ته ڪراچي هاڻي ٻين صوبن جي عوام جو وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي. وفاق سان ڳالهائي ڪراچي ۾ واڌو آبادي کي روڪڻ جو ڪو قانوني حل ڳوليو وڃي. ان مقصد لاءِ الڳ قانون سازي ڪرڻي پوي ته اها ڪئي وڃي.
شهري حڪومت جي ادارن ۾ ڪم ۽ عملي جو توازن طئه ڪرڻ لاءِ ڪنهن اڻ ڌرئي ڪنسلٽنٽ کان آڊٽ ڪراچي ڪراچي جي شهري ادارن جي جوڙجڪ تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪراچي جيئن ته ملڪ جو معاشي مرڪز آهي ۽ اتي چئني صوبن جا ماڻهو رهن ٿا، ان جي انفرااسٽرڪچر جي سڌاري لاءِ وفاقي حڪومت کان ڏهن سالن تائين هر سال 25 ارب رپين جي خصوصي گرانٽ وٺي هڪ جامع پلان تي ڪم ڪيو وڃي جنهن سان ڪراچي جي ميونسپل سروسز کي سڌاري سگهجي. سنڌ حڪومت پاڻ به هر سال ان ۾ اوتري ئي رقم گڏائي. سنڌ حڪومت ۾ ڪراچي جي شهري حڪومت گڏجي ان رٿا کي جوڙين ۽ هڪ خودمختيار اڻ ڌري اٿارٽي وسيلي ان کي عمل هيٺ آڻين. هاڻي ضرورت آهي ته ڪيٽي بندر پورٽ واري رٿا کي عمل هيٺ آڻي سنڌ ۾ هڪ نئون معاشي مرڪز قائم ڪجي ته جيئن ڪراچي تان دٻاءَ گهٽجي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *