تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

ڪراچيءَ ۽ سمنڊ

1988ع کان وٺي ڪراچيءَ جا رستا روز رت هاڻا ٿيڻ لڳا پر پاڪستان جي قومي ميڊيا ڪڏهن ايڏي ڪيهه پڪار نه ڪئي جيڪا اڄ برسات جي پاڻيءَ تي ڪئي پئي وڃي! اسان ته ننڍڙي لاڪون برساتن کي قدرت جي رحمت ۽ روح جي ورونهن طور پئي ڄاتو آهي پر پاڪستان ۽ سنڌ جي حاڪمن پنهنجي بدافعالائيءَ، بدعنوانءَ ۽ بدنيتيءَ سان ان رحمت کي به زحمت ۾ بدلائڻ جو سمورو سامان پيدا ڪري ورتو آهي. پاڪستان جي وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار ڪڏهن هڪ ٻئي تي الرون ٿيون ڪن ته ڪڏهن وري ڪميٽيون ٺاهي “ڪٻڊي ڪٻڊي ڪميٽي ڪميٽي” راند ٿيون ڪن.
ڪراچيءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪندي مون کي جڳ مشهور آمريڪي ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي جو ناول پوڙهو ۽ سمنڊ (The old man and the sea) ذهن تي تري آيو. ناول جو هيرو پوڙهو مهاڻو “سانتياگو” آهي جنهن جو ڀاڳ کانئس رٺل رهي ٿو ۽ جڏهن به سمنڊ ۾ شڪار تي وڃي ٿو ته خالي هٿين موٽي ٿو، سندس ڀاڳ اڀاڳ تي آڱريون کڻندي سندس اڪيلي واهرو ڇوڪري کي به سندس مائٽ ساڻس گڏ شڪار تي وڃڻ کان منع ٿا ڪري ڇڏين ۽ هو پوڙهو مهاڻو سانتياگو اڪيلو ئي سمنڊ جھاڳڻ نڪري ٿو. 84 ڏينهن جي مسلسل جاڳ اجاڳ کان پوءِ هڪ وڏي مڇي سندس ڄار ۾ ڦاسي ٿي ۽ هو خوشيءَ ۾ نه ماپي واپس وري ٿو، پر هو تيستائين سمنڊ ۾ ايترو ته پري تائين وڃي چڪو هو جو واپس ورندي ورندي سندس شڪار ٿيل مڇيءَ تي وڏيون شارڪ مڇيون حملو ٿيون ڪن ۽ سڀئي مڇيءَ جو سڄو ماس ڳڙڪائي ٿيون ڇڏين. سانتياگو جڏهن ڪناري تي پهچي ٿو ته سندا ڄار ۾ ديو قيامت مڇيءَ جو رڳو هڏائون پڃرو بچي ٿو!
جڏهن سنڌ جي دل ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي وشال سمنڊ تي وڇايل ڄارن تي نظر پئي ٿي ته سانتياگو ۽ هڏائون پڃرو اکين آڏو ڦري اچن ٿا. ڇا سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڀاڳ اَڀاڳ به اهڙو ئي آهي؟ هڪ سوال سوچن جي لهرن ۾ ڇوليون هڻي ٿو… ۽ عاشق زهر پياڪ سرمد چوي ٿو ته “سوال ڪڏهن به نه ڪندو ڪر! ڇو جو جواب سدائين غلط هوندو آهي. شعر پڙهه، شراب پيءُ ۽ ديوانو ٿيءُ! سوال نه ڪر، جنهن سوال ڪيو، ان ڄڻ پاڻ کي زنجير ۾ جڪڙيو.”
زنجيرن ۾ ته انسان هر هنڌ جڪڙيو پيو آهي! ذات پات، رنگ نسل، مذهب عقيدو، ڪفر ايمان، اونچ نيچ، دولت غربت، زبان قوميت، وطن بي وطن، نوڪر مالڪ، هاري زميندار، مزدور سرمائيدار، حاڪم محڪوم هر هنڌ انيڪ زنجيرن جا ڄار وڇايل آهن ۽ هڪڙو سرمد آهي جيڪو الف اگھاڙو گھمي آزاديءَ جو اهڃاڻ بڻجي ٿو،. سرمد چئي ٿو ته، “حقيقت جي هڪ گھر اها هوندي آهي جا خود پڇندڙ کي جواب ٻڌائيندي آهي.”
ته حقيقت ڇا آهي؟ ڪراچيءَ جي حقيقت ڇا آهي؟ ڪراچيءَ جي ڪناري سان لڳندڙ سمنڊ جي حقيقت ڇا آهي جنهن کي اڄ عربي سمنڊ سڏيو ٿو وڃي! هندي سمنڊ (Indian Ocean) جي اترين علائقي کي اڄ عربي سمنڊ جو نالو مليل آهي جنهن کي رومن سلطنت جي دور ۾ اريٽيرين سمنڊ (Erythrean Sea)، ايران جي اوج واري دور ۾ فارسي سمنڊ Persian Sea ۽ سنڌ هند جي اوج واري دور ۾ سنڌو ساگر سڏيو ويندو هو. جيئن ته هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ سڀ کان وڏي ندي سنڌو ندي هئي ان ڪري ان تي اصل نالو سنڌو ساگر پيو، باقي ٻيا سڀ نالا فاتحن پنهنجي پنهنجي نسبت سان رکيا. برطانوي سلطنت ته سڄي سنڌو کنڊ ۽ سمنڊ تي نالو سنڌو نديءَ جي نسبت سان رکيو. هنن هندستان کي سڏيو “سرزمين سنڌو” Land of Indus يعني انڊيا ۽ انڊيا سان لڳندڙ سڄي سمنڊ کي سڏيو انڊين اوشين يعني انڊس ۽ انڊيا سان لاڳاپيل سمنڊ. انڊين اوشين کي ان جي اصل حقيقت يعني سنڌو نديءَ جي نسبت سان سنڌو مها ساگر بدران ان جي نسبت هندستان سان جوڙي هندي سمنڊ سڏيو ويو. ان کي تاريخ جو بگاڙ چئون يا ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان چئون پر حقيقت اها ئي آهي ته هندو مسلم چڪر ۾ اسان هندي عربي سمنڊ جي گردان ۾ ڦاسي اسان پنهنجي سمنڊ جي تاريخي شناخت سنڌي سمنڊ ۽ سنڌو ساگر کان في الحال محروم آهيون پر جيئن چوندا آهن ته سج کي کاري هيٺان نٿو لڪائي سگھجي تيئن سنڌو ساگر جي حقيقت انڊين اوشين جي نالي مان به عيان ٿئي ٿي ته اهو سنڌو ساگر آهي. سنڌي سمنڊ آهي، نڪي هندي سمنڊ.
بهرحال اڄ جي عربي سمنڊ تي اچون ته ان جي اتر ۾ پاڪستان ۽ ايران اولهه ۾ خليج عدن (Gulf of Aden) ۽ عرب پيننسولا، ڏکڻ اوڀر ۾ ليڪاڊيو سمنڊ (Loccodive Sea)، ڏکڻ اولهه ۾ سومالي سمنڊ ۽ اوڀر ۾ انڊيا واقع آهن. هن جي ڪل ايراضي 38،62،000 چورس ڪلوميٽر (14،91،000 چورس ميل) آهي. هن جي وڌ کان وڌ گھرائي 4،652 ميٽر (15،262 فوٽ) ۽ ويڪر 2،400 ڪلوميٽر (1500 ميل) آهي. اولهه ۾ خليج عدن هن کي باب الهندب ذريعي ڳاڙهي سمنڊ Red Sea سان ملائي ٿو اتر اولهه ۾ خليج اومان Gulf of Oman هن کي خليج فارس Persian Gulf سان ڳنڍي ٿو. 6 ملڪ يمن، اومان، پاڪستان، ايران، انديا ۽ مالديپ هن سمنڊ جي ڪنارن تي واقع آهن، هن سمنڊ کي پاڪستان جا ٽي بندرگاهه ڪراچي بندر، بن قاسم بندر ۽ گوادر بندر آهن جڏهن ته انڊيا جا اٺ بندرگاهه جواهر لال نهرو بندر ممبئي، جيڪو هندي سمنڊ جو سڀ کان وڏو بندرگاهه آهي، مندرا بند، ڪنڍي بندر، نئون شوا بندر، ڪوچي بندر، ممبئي بندر، مورمگائو بندر گوا ۽ ڏکڻ هندستان جي رياست ڪيرالا ۾ نئون جڙندڙ وزهنجم انٽرنيشنل سي پورٽ بين الاقوامي سامونڊي واپار جا اهم مرڪز آهن. اهڙي طرح ايران جو چاهه بهار بندر ۽ اومان جو سلالا بندر به انتهائي اهم آهن، انهن تيرنهن بندرن مان ٽي بدنصيب بندر آهن جيڪي جن قومن جي ملڪيت آهن انهن کي پنهنجي بندرن کي ۽ پنهنجي سمنڊ تي ڪو اختيار ڪونهي. انهن ما ٻه بندر ڪراچي بندر ۽ پورٽ قاسم سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ملڪيت آهن ۽ گوادر بلوچستان ۽ بلوچ قوم جي ملڪيت آهي پر ڪراچيءَ کان گوادر تائين سڄو سنڌ بلوچستان ساحل لاوارث سمنڊ ۽ سانتياگو جي هولف مڇيءَ جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن جن کي علائقائي ۽ بين الاقوامي شارڪ مڇيون حمله آور آهن ۽ سندس ماس پٽي رهيون آهن.
چين جي نئين اڀار کان پوءِ سي پيڪ منصوبي ۾ دهل ته گوادر تي وڄايو پيو وڃي پر اصل نشانو ڪراچي بندر آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏن ۽ قديم ترين گھرن سامونڊي بندرن مان هڪ آهي، جديد ڪراچي بندر جو بنياد ته 1854ع ۾ انگريزن رکيو پر ان کان اڳ ڪلاچيءَ جو ڳوٺ 1729ع ۾ قائم ٿيو هو. 1728ع ۾ شديد بارشن سبب کڙڪ بندر لٽجي ويو ۽ واپاري موجوده ڪراچي بندر تي اچي آباد ٿيا هئا. 1729ع کان 1783ع تائين هن جي حڪمراني ڪڏهن خان آف قلات ته ڪڏهن سنڌ جي حاڪمن وٽ رهي. 1783ع ۾ اتي ٽالپر حاڪمن جي حڪمراني قائم ٿي جن منهوڙي تي قلعو جوڙي توپون به رکايون. 3 فيبروري 1839ع تي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان تي قبضو ڪيو. ايڇ ايم ويلزلي حملو ڪري منهوڙي جو قلعو تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اتي آزاديءَ جو علم ڪيرائي غلاميءَ جو علم بلند ڪيو. 1854ع ۾ ڪراچي پورٽ جو بنياد رکيو ويو جنهن جي آمريڪا جي خانا جنگيءَ دوران بين الاقوامي اهميت وڌي وئي. ڪراچي پورٽ ڪپهه برآمد ڪندڙ اهم پورٽ بڻجي ويو. انڊس اسٽيم فلوٽيلا ۾ اورينيٽ آئلينڊ اسٽيم نيويگيشن ڪمپنين ذريعي سنڌ جي ڪپهه ڪراچي بندر پهچائي ويندي هئي جتان اها برطانيا جي ڪپڙي جي ڪارخانن ڏانهن منتقل ٿيندي هئي. 1869ع ۾ سوئز ڪئنال کان پوءِ ڪراچي بندر جي اهميت اڃان وڌي وئي ۽ ان کي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيو ويو. برٽش انڊيا ۾ سنڌ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بڻائي وئي ۽ ڪراچي بمبئي بندرگاهن وڏي اهميت ماڻي ورتي. اهو ناتو 1948ع ۾ ٽٽي ويو جڏهن ڪراچي بمبئي بندر واپار بدران ڌرتيءَ ڌڻين ۽ سمنڊ ڌڻين جي لڏ پلاڻ جا بندر بڻيا ۽ هڪ ٻئي کان اجنبي ٿي ويا.
ميرن کان پوءِ منهوڙي کان سنڌ جو جھنڊو لٿو ۽ يونين جيڪ جو جھنڊو لڳو ۽ 1947ع کان پوءِ اتي پاڪستاني پرچم لهرائڻ لڳو. منهوڙي جي قلعي جي جاءِ منهوڙي ڪينٽونمينٽ ورتي جنهن جي چارج انگريزن ويندي ويندي پنجاب جي حوالي ڪئي، جتي اڄ پاڪستان نيوي آهي. منهوڙي کان پوءِ پاڪستان نيوي اورماڙه ۾ وڏو سامونڊي فوجي اڏو قائم ڪيو آهي ۽ هاڻي بين الاقوامي پريس ۾ خبرون شايع ٿي رهيون آهن ته گوادر پورٽ سان گڏ چيني سامونڊي فوجي اڏو به زير تعمير آهي جنهن جي سرڪاري سطح تي ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آهي. ڪراچيءَ جا ٻئي بندرگاهه اڳ ئي وفاق جي ملڪيت بڻيل آهن ۽ هاڻي ڪراچيءَ کي به وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. پاڪستان جي سامونڊي ايراضي 1050 ڪلوميٽر آهي جنهن مان 250 ڪلوميٽر سنڌ ۽ 800 ڪلوميٽر بلوچستان جي حدن ۾ آهي. سنڌ جي سامونڊي علائقي جي اڀرندي سرحد سرڪريڪ انڊيا سان ۽ اولهندي سرحد بلوچستان جي حب ندي آهي. ان جا ٻه مکيه حصا انڊس ڊيلٽا ۽ ڪراچيءَ جو سامونڊي ڪنارو آهن. قديم دور ۾ انڊس ڊيلٽا ۽ اتي واقع بندرن جو اوج هيو ۽ اڄ ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪناري تي واقع بندرن جو اوج آهي. انهن بندرن ۽ ٻيٽن تي هاڻي سڄي دنيا جون نظرون آهن. ڪوئي ڪراچيءَ جي تباهي تي واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي ته ڪو ان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ ڪي خاموشيءَ سان ان تي قبضي جي منصوبا بندي ۽ سيڙپ ڪاري ڪري رهيا آهن. ڪٿي ڌرتيءَ ڌڻي ۽ سمنڊ ڌڻي متحد ۽ منظم ٿي پنهنجي ڌرتي، درياهه ۽ سمنڊ جي وارثيءَ لاءِ ڪا جاکوڙ نه ڪن ته اڳواٽ ئي انهن کي ورهائي خانه جنگي جي ور چاڙهڻ جون تياريون پيون ٿين. جڏهن اورنگزيب ۽ دارا شڪوه جي وچ ۾ خانه جنگيءَ جو ماحول تيار ٿيو ته سرمد خبردار ڪيو ته:
ياران چه راه، دورنگي دارند
مصحف به بغل، دين فرنگي دارند
پيوسته بهم مهره هائي شطرنج
در دل همه فلو خانه جنگي دارند.
دوست ڪيتري نه دو رنگي راهه ٿا رکن، ڪڇ ۾ قرآن اٿن پر دين عيسائيت اٿن، سدائين شطرنج جي مهرن جيان ٻکيا پيا آهن، دل ۾ سدائين گھرو لڙائيءَ جو فڪر ٿا رکن. اها گھرو لڙائي ڪيتري تباهه ڪن ٿئي ٿي، ان متعلق سرمدي راهه جو رهبر ملا ابوالقاسم چوي ٿو ته:“مان گھرو لڙائيءَ کي تباهيءَ جي نشاني سمجھندو آهيان، ان ڪري ان کي برحق مڃي نٿو سگھان… گھرو لڙائيءَ ۾ ڪيني ۽ ڪلفت جو اهڙو واءُ لڳندو آهي جيڪو ٻاجھه ۽ پيار جي مادي کي صفا ختم ڪري ڇڏيندو آهي. ماڻهن جي فطرت ئي بدلجي ويندي آهي ۽ هو تنگ دل ۽ پٿر دل ٿي پوندا آهن. سندن من ۾ مچ پيا ٻرندا آهن ۽ ان جون ڄڀيون سندن اکين ۽ زبان مان نڪرنديون رهنديون آهن. ان باهه کي لڳاتار تيل جي ضرورت هوندي آهي نه ته ماڻهو پاڻ ايئن سڙي ويندو آهي جيئن تيل کپي وڃڻ تي ڏيئي جي وٽ.” ملا ابوالقاسم وڌيڪ چٽائيءَ سان چتاءُ ڏئي ٿو ته “گھرو لڙائيءَ جي هڪ بڇڙائي اها به آهي جو هر شخص جاسوس ٿي ويندو آهي،ڀڙڪائيندڙ ۽ ڀنڀلائيندڙ خبرون پکيڙيندو آهي. ان ڪري اسان کي گھرجي ته نفعي ۽ نقصان ۽ اهنج سهنج جو خيال ڇڏي ڏيون ۽ سرمد جي نصيحت کي ڌيان ۾ رکون. سرمد چوي ٿو ته اوهين هاڻي اهڙي انسان ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو جو هر ڏسندڙ کي يقين ٿي وڃي ته قوم جي هيڪڙائي توهان جي مروت ۽ شرافت ۾ آهي ۽ ان راهه ۾ هر صدمو جو توهان کي رسندو، ان هيڪڙائيءَ کي وڌيڪ پڪو ۽ جٽادار ڪندو.”
جڏهن ڪراچي ۽ سمنڊ جي مستقبل تي سوال ڪيان ٿو ته سرمد جواب بڻجي آڏو اچي، عاشق زهر پياڪ، ڪوڙ ۽ ڪچ کان آزاد ڪپڙن جي قيد کان به آزاد، سوري ۽ سچ جو پانڌيئڙو سرمد توکي راهه ڏسي ٿو. جي تون انڌو ناهين ته صاف ڏسي سگھين ٿو ۽ جي تو ۾ هلڻ جي همت ناهي ته بهانا نه ڳول. هلڻ وارا هلي پوندا. ڳولڻ وارا ڳولي وٺندا. ماڻڻ وارا ماڻي وٺندا، منزل پنهنجي، مومل پنهنجي، راڻو پنهنجو، سنڌ پنهنجي، سنڌو پنهنجي، سمنڊ پنهنجو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *