تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪراچي ،برسات ۽ زرداري شهباز ملاقات

ڪڏهن ايندو نواز شريف واري سوال سان گڏ ڪڏهن ويندو عمران خان ڪراچي وارو سوال به گذريل ڏينهن کان وڌيڪ بحث هيٺ رهيو آهي، اهڙي سوال جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ئي شايد حڪومتي ترجمانن پهريائين هڪ ٻن ڏينهن ۾ وزيراعظم ڪراچي ويندو جهڙو بيان جاري ڪرڻ کانپوءِ حتمي بيان ڏيندي چيو ته وزيراعظم جمعي جي ڏينهن ڪراچي پهچندو. ڪراچي جي مسئلي تي ڪابينا جي اجلاس ۾ بحث کانپوءِ چيو ويو ته وزيراعظم ڪراچي ۾ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندو اهو پيڪيج اهڙو آهي جو في الحال وفاقي وزير راز ۾ رکڻ انهيءَ ڪري ضروري ٿا سمجهن ته جيئن انهيءَ اهم پيڪيج جو اعلان وزيراعظم ڪراچي پهچي پاڻ ڪري ته جيئن ڪراچي واسين کي اهو احساس ٿي سگهي ته جنهن پارٽي کي ووٽ ڏنا انهي تحريڪ انصاف ڏکئي وقت ۾ اچي سار سنڀال ڪئي آهي. جڏهن وفاقي حڪومت جا ترجمان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٻاهر اچي ميڊيا کي اهو ٻڌائي رهيا هئا ته وزيراعظم جمعي تي ڪراچي پهچندو تڏهن وزيراعظم اسلام آباد کان لاهور پهچي عثمان بوزدار سان گڏ اهم اجلاسن جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم لاهور ۾ ويهي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ ذريعي ڪراچي وارن کي مخاطب ٿيندي چئي رهيو هو ته ڪراچي جي عوام جي اهنجن کان واقف آهيان، مطلب ته گهبرانا نهين. هتي اسلام آباد ۾ شبلي فراز چئي رهيو هو ته سنڌ حڪومت وارا ڏهه ارب ڊالر گهري رهيا آهن جيڪڏهن اهي ڏهه ارب ڊالر هجن به ها ته سنڌ حڪومت وارن کي نه ڏيون ها. ان بيان کان هڪ ڪلاڪ اڳ شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي مسئلا حل ڪنداسين. وزيراعظم جي ڪراچي وڃڻ جي حتمي اعلان کانپوءِ اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم ڪراچي پهتو ته گورنر هائوس پهچي (جنهن گورنر هائوس کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو واعدو به وزيراعظم ڪڏهن جو ڪري چڪو هو) پنهنجي واعدي جي ابتڙ ان کي پنهنجي موجودگي جي اثر ذريعي آباد ڪندو يا سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪندو ۽ وزيراعليٰ هائوس ويندو يا سمجهندو ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي حيثيت رڳو ڪو آرڊينيشن ڪميٽي ۾ ويهڻ جيتري آهي ڇو جو ڪراچي ۾ برسات جو پاڻي وڏو مسئلو آهي يا انڊيا سان شروع ٿي ويل جنگ وڏو مسئلو هئي ڪراچي جو پيڪيج اهم يا ڪووڊ 19 جي نتيجي ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال اهم هئي. اهڙي صورتحال باوجود وزيراعظم عمران خان ملڪي سياسي قيادت سان گڏ ويهڻ کان انڪاري رهيو ته هتي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ پهچي سنڌ جي اهڙي وڏي وزير سان ڪيئن ملندو جيڪو عمران خان چواڻي سيوهڻ مان کٽي ڪراچي ۾حڪمراني ڪري رهيو آهي ان ڪري عمران خان جي ڪراچي وڃڻ واري اعلان کانپوءِ اهو سوال ڪائونٽر سوال يا فالواپ سوال طور لازمي هيو ته وزيراعظم ڪراچي ويندو ته مراد علي شاهه سان به ملندو يا نه جنهن تي وفاقي وزير پنجن پنجن گاڏين ۾ ويهندي ڇو نه ملندو ضرور ملندو چئي هليا ويا. وزيراعظم عمران خان جي شهرت جو وڏو سبب ڪرڪيٽ راند رهي آهي هاڻي ڪرڪيٽ ميچ جي هلندڙ ڪامينٽري ۾ رڪارڊ واري فهرست بيان ڪرڻ دوران ڪامينٽيٽر چوندا آهن ته وزيراعظم هيترا کلاڙي آئوٽ ڪيا، وزيراعظم عمران خان پاڻ به سياست جي ميدان ۾ ڪرڪيٽ جي اهڙي ٽرمنالاجي استعمال ڪئي جو ڪپتان وسيم اڪرم پلس، ايمپائر جي آڱر، هڪ بال ۾ ٻه وڪيٽون جهڙين اصطلاحن اهڙن لفظن جي معنيٰ ئي تبديل ڪري ڇڏي. خان صاحب چوندو هو ته ڪپتان اهو جيڪو فرنٽ کان ليڊ ڪري هو پنهنجا مثال ڏيندي چوندو هو ته رانديگرن کان اڳ هو پاڻ گرائونڊ ۾ موجود هوندو هو پر هتي ڪراچي واري صورتحال ۾ سمورا سياسي رانديگر ميدان ۾ اچي چڪا ايتري قدر جو ملڪ جو آرمي چيف به ڪراچي اچي پهتو پر ڪپتان جي حاضري جو هينئر تائين انتظار آهي.ڪراچي شهر جنهن عمران خان کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بڻايو جنهن ڊاڪٽر عارف علوي کي صدر بڻايو جنهن اهڙن اهڙن اميدوارن کي کٽرائي وفاقي وزارت تائين پهچايو جيڪي ڪڏهن دهشتگردي جي واقعن دوران پاڻ پسٽل کڻي اچي ميدان تي پهچندا هئا ته ڪڏهن چي گويرا بڻجي ڪراچي جي روڊن تائين محدود موٽرسائيڪل ڊائري جهڙا ڪرتب ڏيکاريندا هئا جيڪي ڪڏهن پاڻ ملڪي سرحد تي پهچي ميڊيا جو ڌيان حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا ته ڪڏهن ٽاڪ شوز ۾ جوتا ٽيبل تي رکڻ جهڙا ڪارناما به سرانجام ڏيندا هئا، صحافين کي چماٽون هڻڻ جهڙا اعلان به هلندڙ پريس ڪانفرنس دوران ڪندا هئا جي آءِ ٽي جون اهڙيون رپورٽون هوا ۾ لهرائيندا هئا جو ٻئي ڏينهن اصلي ۽ نقلي جي آءِ ٽي جهڙا بحث شروع ٿي ويندا هئا اهي سڀ کلاڙي پنهنجي ڪپتان سميت تڏهن کان غائب آهن جڏهن کان ڪراچي ٻڏو آهي.
هاڻي انهن کي به مراد علي شاهه، ناصر شاهه ۽ سعيد غني جي پاڻي ۾ نڪتل تصوير فوٽو شوٽ لڳي ٿي جن کي گڏيل اپوزيشن پيراشوٽ ذريعي آيل قرار ڏين ٿا. عمران خان جنهن هڪڙي بال سان ٻه وڪيٽون ڪيرائڻ جو اعلان ڪيو هو اهي ٻئي رانديگر آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف ڪراچي جي ڪريز تي به اچي چڪا آهن پر عمران خان هجي يا وسيم اڪرم پلس هجي اهي کين آئوٽ ڪرڻ لاءِ ميدان تي آيا ئي ناهن شايد وزيراعظم ۽ سندس ٽيم سوچيندي هجي ته هلندڙ برسات ۽ ميدان ۾ بيٺل پاڻي دوران راند ٿيندي آهي ڇا؟
مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن زرداري هائوس اسلام آباد ۾ اي پي سي ٿي هئي جنهن ۾ مريم نواز به شريڪ ٿي هئي اهڙي پريس ڪانفرنس کانپوءِ بلاول ڀٽو سان گڏجي مريم نواز جي پريس ڪانفرنس جي نتيجي ۾ مريم نواز پاڻ ئي چيو هو ته هڪڙي پريس ڪانفرنس جي نتيجي ۾ حڪومت لڏي وئي آهي هي جيڪا آصف علي زرداري سان شهباز شريف جي ملاقات ٿي آهي اها ملاقات ڪنهن اي پي سي يا پارليامينٽ جي اجلاس دوران ناهي ٿي پر شهباز شريف بلاول هائوس ڪراچي پاڻ اچي ملاقات ڪئي آهي. شهباز شريف جون آصف علي زرداري خلاف سخت تقريرون رڪارڊ جو حصو آهن، تحريڪ انصاف وارا هينئر تائين نيب جي سمورن ڪيسن کي مسلم ليگ ن ۽ پ پ جي کاتي ۾ وجهندي چوندا آهن انهن ئي هڪ ٻئي تي ڪيس ڪيا آهن اسان جو ڪو واسطو ئي نه وڃي. گذريل ڏينهن ئي سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ وارن چيو هو ته پ پ جو ن ليگ سان رومانس ناممڪن آهي پر اهڙي صورتحال باوجود جتي بلاول ڀٽو لاهور وڃي جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪري ٿو جتي زرداري هائوس اسلام آباد ۾ بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي گڏيل پريس ڪانفرنس ٿئي ٿي اتي ئي اهي سوال به پيدا ٿين ٿا ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف يا شهباز شريف جي ملاقات ڇو نٿي ٿئي اهڙي سوال جي پس منظر ۾ هن ملاقات واري تصوير جو اثر پري پري تائين نه رڳو نظر ايندو پر مولانا فضل الرحمان واري رهبر ڪاميٽي ۾ به جان اچي وئي هوندي ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪي هڪ ٻئي جي گهر اچڻ کان ڪيٻائيندا هئا اهي به “رهبر” ته پاڻ ۾ مليا، اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن نواز شريف به پنهنجي واپسي جو اعلان ڪري ٿو تڏهن پارٽي اندر به شهباز شريف کانپوءِ مريم نواز جي مرضي هلي پئي هوندي ته پوءِ نه رڳو نواز شريف جي اچڻ جا منظر مختلف هوندا پر حڪومت جي باقي ڇهن مهينن واريون ڳالهيون به گردش ۾ اينديون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *