Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3uvh7r1q6po1ps3h0igo2qjqcl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ڪراچي بدامني، سيف سٽي منصوبو ۽ حڪومتي سنجيدگي..!! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ڪراچي بدامني، سيف سٽي منصوبو ۽ حڪومتي سنجيدگي..!! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ڪراچي بدامني، سيف سٽي منصوبو ۽ حڪومتي سنجيدگي..!!

ڪراچي جا پوش علائقا هجن يا وري پٺتي پيل علائقا، ٻنهي ۾ هڪجهڙائي اها آهي ته ڏوهن جي شرح ٿوري گھڻي فرق سان ٻنهي علائقن ۾ هڪجهڙي آهي، جڏهن کان شهر ۾ وڏن دهشتگرد واقعن، ٽارگيٽ ڪلنگ، گينگ وار جي ڦڏن جا واقعا گھٽ ٿيا آهن، تڏهن کان ننڍا ڏوهه به ميڊيا تي ڳڻجڻ لڳا آهن ۽ حڪومت به انهن ڏوهن کي محسوس ڪرڻ لڳي آهي پر سوچڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته حڪومت اڃان تائين ڏوهن تي ضابطو نه آڻي نه سگھي آهي. انهي ڳالهه کي به مڃون ٿا ته ڀتي خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ گھرن ۾ ڌاڙن جي شرح گھٽ ٿي آهي پر گھٽين ۾ جيڪي ڏوهه ٿين ٿا، انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي پر انهن ڏوهن کي پوليس ۽ ٻيا ادارا الائي ڇو ليکي ۾ ئي نٿا آڻين، هڪ مزدور سڄو ڏينهن پورهيو ڪرڻ بعد گھر ويندي رستي ۾ ئي موبائيل فون ۽ سڄي ڏينهن جي اجرت کان هٿيارن جي زور تي محروم ڪيو وڃي ٿو، حڪمرانن جي نظر ۾ اهو کڻي ڪو ڦر جو ننڍو واقعو هجي پر ان ئي اجرت جي پئسن مان متاثر مزدور کي اٽو، گيهه، کنڊ ۽ چانهه وٺڻي هوندي آهي، مزدور جو ته ڪو بينڪ بيلينس نه هوندو آهي، هو ڪمائيندو آهي ته کائيندو آهي نه ته ٻچا بک تي سمهي رهندا آهن. اهڙي ريت وري هڪ موبائيل وٺڻ لاءِ هن کي 6 مهينن تي پگھارن مان ڪجهه رپيا بچائڻا پون ٿا، فوري طور کيس موبائيل وٺڻ جي سگهه به نه هوندي آهياسٽريٽ ڪرمنلز وٽ ته ڪو به طبقاتي فرق نه هوندو آهي، هو هر ڪنهن کي ڦرين ٿا، جيڪو سندن منهن چڙهي پر جڏهن ڏهاڙي تي ڪمائيندڙ مزدور لٽجي ٿو ته ان جا سور درد وري ٻيڻا ٿي وڃن ٿا، اسان اهڙا صحافي دوست به ڏٺا، جيڪي سڄو ڏينهن پگھارون ليٽ ٿيڻ سبب فاقاڪشي ڪاٽڻ جو ذڪر ڪندي رات جو گھرن ڏانهن روانا ٿيا ته “موبائيل فونن ۽ کيسي ۾ پيل ڪجهه سو رپين” کان محروم ٿي ويا، ڪو به پورهيت ۽ غريب شخص ڦرجڻ بعد وري ڦرجڻ جي سگھه نٿو رکي، ان لاءِ ڪوشش ڪندو آهي ته واقعي جي ايف آءِ آر ئي داخل نه ڪرائي، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته ايف آءِ آر آساني سان نه ڪٽبي آهي، باقي اين سي لاءِ به ننڍي يا وڏي منشي کي ڪاغذ ۽ قلم خريد ڪرڻ توڙي فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ بهاني ڪجهه سو رپيا ڏيڻا پوندا آهن. هن شهر ڪيترن ئي وڏن وزيرن کي ڪرسين تي ويهندي ۽ لهندي ڏٺو، ڪيترائي آءِ جي چارج وٺندي ۽ چارج ڇڏيندي ڏٺا، انهن سڀني اعلان ڪيا پر هن شهر جي ڪنهن به دادرسي نه ڪئي، ڪروڙن جي آبادي واري شهر کي ڪنهن به حڪومت پوليس جو هڪ فائديمند نظام به نه ڏنو، لاڳيتو هن صوبي ۾ حڪومت ڪندي مسلسل 13هون سال هلي رهيو آهي، انهن تيرهن سالن ۾ پوليس اندر رڳو ٿاڻن، ٽريفڪ سيڪشنن ۽ ضلعن جي وڪري جو ڪاروبار ٿيو پر پوليسنگ جو بهتر نظام نه مليو، هتي ايندڙ آءِ جيز ڪنهن به هڪ حڪومت کي خوش ڪرڻ ۾ پنهنجو مدو پورو ڪيو يا وري صوبي مان بيدخل ڪيو ويو پر ڪنهن به آءِ جي کي هن شهر جو درد پنهنجو درد محسوس نه ٿيو، آئون باربار هن شهر جي ان لاءِ ڳالهه ٿو ڪريان جو هتي حڪومت تي سياسي پريشر به آهي، ميڊيا جو پريشر به آهي ته عدالتن جو به آهي، ان سموري دٻاءَ باوجود حڪومت هن شهر لاءِ ڪجهه به نٿي ڪري ته پوءِ دادو، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور ۽ جيڪب آباد يا شڪارپور لاءِ ڇا ڪندي؟ اتي ميڊيا جو به ايترو پريشر ناهي، ڪالهوڪي “پنهنجي اخبار” ۾ خود پوليس طرفان ڏوهن ۾ واڌ جو اعتراف ڪري جيڪي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، ان بابت ڇپيل خبر پڙهي سچ ته حيرت ناهي ٿيندي، حيرت ته انهن تي ٿيندي آهي، جن کي پنهنجي ذميوارين جو ٿورو احساس هجي، صوبي جو آءِ جي اعتراف ڪري ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اغوا جون وارداتون وڌيون آهن ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آهي پر آءِ جي سنڌ اهو نه ٻڌايو ته “اسان جي پوليس مغوين کي ڪيئن ڊيل ڪري بازياب ڪرائيندي آهي”.
پ پ حڪومت رڳو سيف سٽي منصوبو مڪمل ڪري ها ته چئي سگھجي ها ته انهن 13 سالن ۾ ڪو فائدي وارو منصوبو مڪمل ٿيو آهي، لڳي ٿو ته هي منصوبو به اڃان پورو سال ليٽ آهي. هي منصوبو 2011ع ۾ تصور ۾ آيو، هن منصوبي تحت شهر ۾ پهرين مرحلي ۾ 10 هزار هاءِ پاور سي سي ٽي وي ڪيميرائون لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. شروعاتي طور انهي رٿا لاءِ 10 ارب روپيا منظور ڪيا هئا پر منصوبي جي لاڳت وڌي 20 ارب رپيا ٿي وئي آهي، هن منصوبي کي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ پوءِ سڄي صوبي تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، هن منصوبي جو مقصد ڏوهن تي ضابطو آڻڻ، ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ايمرجنسي ڄاڻ جي فراهمي، جديد ۽ خودڪار نظام ذريعي سڄي شهر جي مانيٽرنگ ۽ روڊ ٽريفڪ مينيجمينٽ ۾ بهتري آڻڻ آهي، هن منصوبي جو ٻيو مقصد اي پوليسنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ، ٿاڻن کي جديد سهولتن سان آراسته ڪرڻ آهي. شهر ۾ ته اڄ به ڪيمرائون لڳل آهن پر انهن ڪيمرائن ۾ چهري جي شناخت مشڪل آهي. سيف سٽي منصوبي بابت وڏي وزير 2 ڏينهن اڳ به هدايتون ڏنيون آهن ته شهر ۾ ڪيمرائون لڳائڻ وارو عمل تيز ڪيو وڃي، ان کان به اهڙيون هدايتون ۽ حڪم جاري ڪيا ويا هئا پر منصوبي تي ايترو ڪم نه ٿيو ۽ آخرڪار منصوبي جي لاڳت به وڌي وئي ۽ اهي اربين رپيا به هاڻي عوام جي کيسي مان ڀرڻا پوندا.
هن وقت حڪومت جتي سيف سٽي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي، اتي حڪومت کي پراسيڪيوشن شعبي ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گھرجي، هن شهر ۾ 10 هزار کان وڌيڪ اهڙا ڏوهاري آهن، جيڪي 2 کان 3 ڀيرا گرفتار ٿيا پر وري آزاد ٿي موٽي آيا ۽ پنهنجي ساڳي ڪرت سان لڳي ويا، جيستائين ڏوهارين کي سزا نه ملندي، تيسيتائين ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگھندو، مقرريون ۽ بدليون به ميرٽ تي ٿيڻ گھرجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *