تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ڪراچي برسات مان سبق سکڻ جي ضرورت

هلندڙ سال موسميات کاتي جون مهيني جي شروعات ۾ ئي مون سون سيزن دوران 40 سيڪڙو وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ظاهر ڪري ڇڏي هئي، سمنڊ ڪناري آباد مورڙي جي ماڳ ڪراچي جي تاريخ کي ڏسون ته خبر پوندي ته شهر جي تاريخ ۾ هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ برسات 1967ع ۾ ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن شهر ۾ 713 ملي ميٽر يا 28 انچ کان وڌيڪ برسات پئي، موسميات کاتي طرفان 1981ع کان 2010ع تائين جي ورتل ڊيٽا موجب ڪراچي ۾ ساليانو سراسري طور 174 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ سال آگسٽ مهيني ۾ ڪالهه 28 آگست تائين 604 ملي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڪراچي جي تاريخ ۾ ڪنهن به هڪ ڏينهن اندر سڀ کان وڌيڪ برسات ٻه ڏينهن اڳ 27 آگسٽ تي پي اي ايف فيصل بيس تي 230 ملي ميٽر برسات پئي، موسميات کاتي هڪ ڀيرو ٻيهر اڄ کان ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جي اڳڪٿي ظاهر ڪئي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ ٻيهر اربن فلڊنگ يا شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
40 سيڪڙو وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ٿيل هئي پر هينئر تائين برسات چار سو سيڪڙو وڌيڪ پئجي چڪي آهي يا سراسري کان چئوڻ تي وڌيڪ پئجي چڪي آهي، ڇا جو ڊفينس، ڇا جو ڪلفٽن، ڇا لياري، ڇا سرجاڻي ۽ ملير سڀ هڪ ئي وقت جل ٿل ٿي ويا ۽ هڪ گهٽين ۽ شاهراهن تي ڄڻ سمنڊ ڪناري سنڌو درشن ٿيندو رهيو، هاڻي سوال اهو آهي ته حڪومت جيان قدرت کي ذميوار قرار ڏئي خاموش ويهي رهجي يا ڪراچي جهڙي شهر ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال جي حقيقتن کي به نروار ڪجي .
ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو وڏو ڪارڻ بغير ماسٽر پلان جي شهر جي ڦهلاءُ، تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي، ناقص نيڪال جو نظام ۽ ڪچري کي ٺڪاڻي تي نه لڳائڻ سبب هر پاسي ڪچري جا ڍير موجود هئڻ آهي، ڪراچي شهر ۾ 1985ع کانپوءِ جهڙي غير منظم طريقي سان آبادي جو ڦهلاءُ ٿيو خاص طور تي سياسي بنيادن ۽ چائنه ڪٽنگ وسيلي جهڙي ڪچيون آباديون ٺاهي زمينن تي قبضا ڪيا ويا، اهو ڪراچي جي شهري نظام جو سڀ کان وڏو سبب آهي. وري انگريزن جي دور ۾ جوڙيل شهر جي اندر موجود اهم نالن تي پڻ قبضا ڪري عمارتون اڏيون ويون، هاڻي جڏهن ايڏي وڏي پيماني تي برسات پوندي ته ظاهر آهي ته پاڻيءَ کي نڪرڻ لاءِ رستو گهرجي، جيڪو رستو عمارتون اڏي بند ڪيو ويو آهي، ٻيو جيڪڏهن اورنگي، ڪٽي پهاڙي ۽ اتر اولهندي جابلو پٽي وارن علائقن کي ڏسجي ته خبر پوندي جبلن تي جي وهڪري قبضا ڪري گهر اڏيا ويا آهن، ڪراچي جو خوشحال علائقو نارٿ ناظم آباد جي اترين پاسي ٺهيل شاهراهه نورجهان پڻ جابلو ٽڪري جي ڪڇ ۾ اڏيل آهي، جتي پاڻي بيهڻ ۽ علائقي جو ٻڏڻ فطري آهي، اورنگي ٽائون، پٺاڻ ڪالونيءَ جهڙا علائقا جتي جابلو ٽڪري تي گهر اڏيل آهي، جيڪڏهن اتي به اهڙي زوردار برسات پوندي ته ان پاڻيءَ جي تيز وهڪري کي روڪڻ به ممڪن ناهي، مطلب ته جڏهن ته آباديءَ جو ڦهلاءُ ٿيو پئي ته صرف قبضن تي زور هو ڪا پلاننگ نه هئي
ٻيو اهم معاملو جيڪي نالا موجود آهن، انهن جي صفائي سٿرائي نه هئڻ آهي، مڪاني حڪومتن کي ساليانو صفائي جي مد ۾ اربين رپيا ته ملن ٿا پر اها صفائي ٿيندي نظر ايندي آهي، تنهن جي ڪري ڪو وڏو يا ننڍو نالو پنهنجي ڊ زائن ٿيل گنجائش جي اڌ جيترو به پاڻي نيڪال نه ٿو ڪري سگهي، گذريل سال وفاقي وزير علي زيدي نالن جي صفائي جي مهم هلائي، وفاق طرفان فنڊ ورتا، نالن جي صفائي لاءِ چندو گڏ ڪيو، پر ڪير به کائنس پڇڻ وارو نه آهي ته ڪيترا نالا صاف ٿيا، ڪيترو خرچ ٿيو، جيڪي پيسا بچيا اهي ڪيڏانهن ويا، علي زيدي طرفان هلايل صفائي مهم صرف سياسي شو ثابت ٿيو ، بغير ماسٽر پلاننگ جي آباديءَ جي ڦهلاءُ، قدرتي وهڪرن ۽ نالن تي قبضا ۽ موجود نالن جي صفائي نه ٿيڻ جي ڪري وچٿري برسات به ڪراچي ۾ ٻوڏ جي جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، هيءَ ته وري به تاريخ جي وڏي برسات آهي.
ان دوران هڪ ٻيو ۽ اهم مسئلو اهو آهي ته ڪراچي جي بلدياتي کاتن، ڪي ايمسي، ڪي ڊي اي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ هزارين غير قانوني طور تي سياسي ڀرتيون ڪيون ويون، هاڻي ڀرتي ٿيل اهي وائٽ ڪالر سلجهيل شهرين کي پنهنجي ذميداري نڀائيندي ڊيوٽي ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ۽ صرف ادارن جي ناڻي تي بار آهن، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي مصلحتن جي ور چڙهيل صوبائي حڪومت ۾ ڇا ايتري جرئت آهي جو اها ڪراچي جي بلدياتي ادارن ۾ غير قانوني طور ڀرتي ٿيل انهن هزارين ملازمن کان ڪم وٺي يا انهن کي فارغ ڪري سگهي.اسان سمجهون ٿا ٻه ڏينهن اڳ پيل برسات مان سبق سکي سڀني غلط منصوبابندين جو جائزو وٺي ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ايئن نه ٿي ته وري ڪا ٻي اهڙي برسات شهر کي سمنڊ بڻائي ڇڏي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *