تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ڪراچي تون اسان جو سج آھين !!!!

ھي ڪو پھريون ڀيرو ناھي جو ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ وارو رينگٽ شروع ڪيو ويو ھجي، پر ڪراچي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ھن ملڪ جي ٺھڻ شرط ئي شروع ٿيو ھوـ پاڪستان جي ٺھڻ کان صرف ھڪ سال پوءِ 1948ع ۾ ڪراچي کي وفاق جي گادي جو ھنڌ ٺاھي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو بنياد وڌو ويو اھو اڄ تائين تڪرار جو سبب بڻجندو پيو اچي. ڪڏھن مھاجر صوبو ٺاھڻ جو راڳ ته ڪڏھن جناح پور جون ڳالھيون ته ڪڏھن وري سنڌ جا ادارا وفاق جي حوالي ڪرڻ جو سازشون وقت بووقت ڪر کڻنديون رھيون آھن.
ڪراچي جيڪا سڄي ملڪ کانسواءِ دنيا مان ايندڙ ماڻهن جي ماءُ بڻجي کين ڪيترن ورھين کان کارائي رھي آھي پر ڪراچي جي تاريخ گواھ آھي ته انھن ٻاھران آيلن سدائين ڪراچي کي پنھنجو سمجھڻ بدران ڪراچي جي رستن کي رت ۾ وھنجاريو آھي. ضيا جي آمريت ھجي يامشرف جي وردي جي فرعوني طاقت ھجي ايم ڪيو ايم جو عروج ۽ انھن پاران ڪراچي جي اصل وارثن جو قتل عام ھجي ڪراچي جڏھن کان ڪلاچي مان ڦري ڪراچي ٿي آھي تڏھن ھميشھ مانگر مڇن جي وات ۾ رھي آھي.
ڪراچي جتي دھشگردي جي نشاني تي رھي آھي اتي وفاق پاران به کيس بار بار گھايل ڪيو ويو آھي ـ ڪراچي ۾ مسئلو امن و امان جو ھجي ڪراچي ۾ ڳالھه دھشگردي جي ھجي ڪراچي ۾ ڳالھ آمر مشرف پاران ڪراچي جي شھرين کي شھر جا رستا بند ڪري قتل ڪرڻ جي ھجي پر وفاق وث انھن سڀني جو ھڪ ئي حل آھي ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪريو ته سڀ مامرا ختم ٿي ويندا، بس ھر طرف گندگي وارا نالا کير جا نالا ٿي وھڻ لڳندا.
ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪراچي ۾ صفائي نه ٿيڻ واري اشو کي اڳيان آڻي اھا سازش پئي سٽي وڃي ته ڪراچي ۾ صفائي تڏھن ممڪن آھي جڏھن ان کي وفاق حوالي ڪيو ويندو، نه فقط ايترو پر وفاق جو قانون وارو وزير ته آرٽيڪل 149 وارو سارو فارمولو کڻي ڪراچي ايتري تڪڙ ۾ پھتو ڄڻ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ اڪ جي ماکي لاھڻ آھي. وفاق جي عقل کان خالي انھن ماڻھن کي گجر نالي سميت ڪراچي ۾ ابتا وھندڙ ٻين نالن تي ٿيل قبضا نظر نٿا اچن ؟؟ ڇا اھي ان کان بي خبر آھن ته قبضا ڪندڙن جا پيرا ڪاڏي ٿا وڃن !! ڇا ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جون ڳالھيون ڪندڙن کي اھا خبر ناھي ته ڪراچي جي گٽرن ۾ ٻوريون، پٿر ۽ سريا وجھي بند ڪندڙ ڪير آھن ۽ گٽر بند ڪري اھي ڪھڙا مقصد حاصل ڪرڻ گھرن ٿا!! سڀ کان وڏي ڳالھه اھو وفاق جيڪو بار بار ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھه ڪري ٿو اھو وفاق ڪراچي جي ان ميئر کان صفائي بابت پڇاڻو ڪندي شرم ڇو ٿو محسوس ڪري جنھن وٽ چاليهه ھزارن کان مٿي عملو آھي. ڪراچي جي ميونسپل ڪارپوريشن کي اربين روپين جي ملندڙ بجيٽ ڪاڏي ٿي وڃي؟؟ ھر ضلعي ۾ انھن جي آفيس انھن جو عملو پڻ موجود ھجي ٿو ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته جيڪي اختيار آئين موجب ميئر وٽ ھجڻ گھرجن اھي وٽس آھن پر افسوس ان جي ڪارڪردگي زيرو آھي ۽ ھر پڇاڻي کان آجو آھي. وفاقي سرڪار جي نيت جو پتو اتان پوي ٿو ته جڏھن ھزارين ماڻھو ڪراچي ۾ ھڪ تنظيم طرفان قتل ٿين ٿا ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالھ نٿي ٿئي جڏھن مشرف دور ۾ ڪراچي ۾ وڪيلن کي رستن تي سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو ان وقت وفاق ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ڳالھه نٿو ڪري جڏھن ڪراچي اندر سنڌين جو سرعام قتل عام ڪيو وڃي ٿو تڏھن وفاق سڪون جي ننڊ سمھي ٿو جڏھن ڪراچي جي اصل وارثن جي گھرن تي بلڊوزر گھمائي کين بي گھر ڪري بحريا ٽائون جا بينر لڳايا ٿا وڃن ان وقت وفاق کي ڪراچي سان ناانصافي نظر نٿي اچي، جڏھن ھڪ پناھگير ڪراچي جي مورڙي ارشاد رانجهاڻي کي وچ رستي تي ڪنھن فلم جي شوٽنگ جيان بي دردي سان قتل ٿو ڪري ان وقت وفاق جا ھيرو ڪٿي ھئا ؟!ان جو مطلب وفاق کي صرف ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو مطلب انھن طاقتور دھشتگردن کي ھٿي ڏيڻ آھي جيڪي ڪراچي ۾ وحشت ۽ دھشت جي علامت بنيل ھئا.  آخر وفاق ڪھڙي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالھه ٿو ڪري ڪراچي جو بندرگاھ، ڪراچي جا ٻيٽ، درياهه جا پيٽ، گيس، تيل، پوري ڪراچي جي ٻاھران بحريا جا قبضا اھو سڀ ته پھريان وفاق وٽ آھي پوءِ ھي گٽر سياست جي آڙ ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري گٽر سوچ آخر ڇاجي لاءِ آھي. ڪٿي دھشتگردي کي ۽ داداگيري کي “گٽر گردي ” جو نالو ڏئي ٻيھر سنڌ جي اصل رھاڪن لا ڪا نئين رت جي راند جي تياري ته نه ٿي رھي آھي ؟؟ 
مان پنھنجي محبوبا جھڙي ڪراچي کي حسن درس جي ڏنل ڀيٽا سموري سنڌ جي غيرتمند پٽن پاران پيش ڪريان ٿو:
ڪراچي تون اسان جو سج آھين، 
۽ اسين سورج مکي آھيون،
پوئين پيڙھين جا سمورا سوز ۽ آواز، 
زخمي مور جي رڙ ۾ دفنايا ويا، 
اڌ صدي جو سور ۽ سجيل سنڌو،
پنھنجي يادگيرين ۾، سانوڻين ۽ چاندنين ۾، 
اسان جي ڀرجي آيل آواز جي شاھدي آھي، 
۽ جرڪندڙپِيلو ٻٻر جو ٻور، 
اسان جي درد جو ٻيو رنگ بڻجي ڇڻندو رھيو آھي،
۽ اسان جي بي قراري جو اڃارو سمنڊ، 
توڏانھن روز ورندو ٿو رھي، 
اسان جي دردن جي ٽڙي پيل، 
ڪارن گلابن جون گھٽائون، 
اسان جي بدن جون ٻانھون، 
ھوا ۾ تنھنجون ٻوليون آھن،
اسان جي ساھ جي نلڪين ۾ ڀرندڙ
ساھ کي، 
۽ اسان جي عاشقي جي اڻ کٽ آھ کي،
تون وڏو اتساھ آھين، 
اسان پنھنجي پيرن ۾ پرين جي پار جا 
سڀ پنڌ تو لاءِ رکيا آھن،
اسين توکي پھرئين پيار وانگي ٿا پسون، 
۽ تون اسان جي روح ۾، 
مٺي محبوب جي اک وانگي ٿي لھين،
اسان پنھنجي ابن ڏاڏن ۽ پيڙھين جي پيڙا، 
سموري سور کي پنھنجي رت ۾ اوتي رکيو آھي، 
۽ تنھنجي روئي پوندڙ روشني ۾ درد جو احساس، 
اسان جي نوجواني کي نمايان ٿو ڪري، 
اي ڪراچي! 
اسان توسان ھي پنھنجا ڇڻي ويل مک مھانڊا، 
تو ۾ پوکڻ ٿا گھرون، 
اسان تنھنجو نسل آھيون، 
اسان تنھنجو اصل آھيون، 

اي ڪراچي! تون اسان جو سج آھين، 
۽ اسين تنھنجي سورج مکي آھيون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *