تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ڪراچي جي مالڪي ڪير ڪندو؟

عيدالاضحيٰ سموري ملڪ ۾ ملهائي وئي، سنت ابراهيمي تحت قربانيون به ڪيون ويون، وزيرن مشيرن پاران عوام کي مبارڪون به ڏنيون ويون. ڪورونا وائرس سبب سمنڊ ۽ ٻيا تفريحي ماڳ عيد جي ڏهاڙن ۾ مڪمل بند رهيا، پر ڪي اليڪٽرڪ عيد ڏهاڙن ۾ به عوام کي نه بخشيو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام کان دانهون ڪڍرائي ڇڏيون.
سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ قرباني لاءِ ايس او پيز جاري ڪيون جن تحت ڪنهن کي به گلي محلي ۾ قرباني ڪرڻ جي اجازت نه هئي صرف اجتماعي قرباني ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي پر انهن ايس او پيز تي ڪٿي به عمل ٿيندي نظر نه آيو جنهن جو سبب ڪجهه عوام جي ڪوتاهي ته ڪجهه سنڌ سرڪار جي نااهلي به هئي. عوام سنت ابراهيمي پنهنجي گلين محلن ۾ ادا ڪئي جنهن سبب روڊ رستا جانورن جي رت ۽ اوجهه سان ڀريل نظر آيا، پر اتي ئي سنڌ سرڪار جانورن جي اوجهه ۽ انهن جي باقيات کڻڻ لاءِ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجيمنٽ جي ماتحت 140 پوائنٽون قائم ڪيون جنهن جو ڪم اجتماعي قرباني وارن هنڌن کان ويندي گلين محلن مان جانورن جي اوجهه سميت ٻيو گند ڪچرو کڻي انهن پوائنٽس تي پهچائڻ هو ته جيئن شهر ۾ گندگي نه پکڙجي پر سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ جو عملو عيد جا ٽئي ڏهاڙا ڪٿي به نظر نه آيو جنهن سبب سڄي ڪراچي جي روڊن رستن تي جانورن جا اوجهه ۽ ٻئي باقيات ڌيرن جي صورت ۾ پيل رهي ۽ عوام به سخت پريشان نظر آيو.
صوبائي وزير سعيد غني به ڪراچي جي دوري دوران پان ان ڳالهه کي مڃيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ جانورن جا اوجهه ٺڪاڻي لڳائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ جو چيئرمين خود وڏو وزير مراد علي شاهه آهي، جڏهن وڏي وزير جي ماتحت اداري جي ڪم تي صوبائي وزير سوال اٿارين ته پوءِ شهر جي صورتحال بابت ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو.
ڪالهه وڏو وزير پاڻ ڪراچي جي دوري تي نڪتو ۽ عملدارن کي ڇنڊ به پٽيائين ۽ عملي ڦڙتي به ڏيکاري سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ جي عملي جي ڦڙتي به ان وقت تائين هئي جنهن وقت تائين سي ايم سنڌ روڊن تي هيو. اتي ان ڳالهه جو به ذڪر لازمي ڪرڻ گهرجي ته ڪراچي جي صفائي ۽ قرباني بعد جانورن جا اوجهه کڻڻ وارو مامرو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به اٿيو هو ۽ جسٽس خادم حسين شيخ لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي سنڌ سرڪار، سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمنٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو هو ته عيدالاضحيٰ دوران جانورن جا اوجهه ۽ ٻئي باقيات ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ۽ برساتن جو پاڻي جتي به بيٺل آهي ان کي فورن نيڪال ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي پر انهن ٻنهي معاملن تي سنڌ سرڪار توڙي لاڳاپيل اختياريون عمل ناهن ڪري سگهيون. هاڻ 13 آگسٽ تي جڏهن سنڌ سرڪار ۽ لاڳاپيل اختياريون جڏهن رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪنديون ته ڏسڻو آهي ته انهن رپورٽن ۾ ڇاٿو ڄاڻايو وڃي تنهن بعد عدالت ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي سنڌ سرڪار ۽ ٻين اختيارين خلاف اهو وقت ئي ٻڌائيندو.
موسميات کاتي 6 تاريخ کان طوفاني برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي موسميات کاتي پاران جاري ڪيل اڳڪٿي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بنگال نار کان برساتي سلسلو خميس 6 آگسٽ کان سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيندو، جنهن دوران تيز طوفان ۽ برسات جو امڪان آهي. بنگال کان ايندڙ برساتي سلسلي سبب ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، ٺٽي، مٽياري، ڄامشوري، دادو، شهيد بينظير آباد، عمرڪوٽ، ۽ سانگهڙ واري پاسي ٽن ڏينهن تائين برسات ۽ تيز طوفان جاري رهي سگهي ٿو، برساتن جي انهي سلسلي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري ٻوڏ اچي سگهي ٿي. پهريان جيڪي برساتون پيون انهن ڪراچي کي ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ هاڻ جڏهن طوفاني بارشون اچن پيون ته پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهي بارشون عوام لاءِ ڪيتريون تڪليفون کڻي ايندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان پاران اين ڊي ايم کي ڪراچي جي نالن جي صفائي ۽ برسات جي پاڻي جي نيڪالي جون هدايتون ڏنيون آهن ۽ اين ڊي ايم اي ايف ڊبليو او کي اها ذميواري سونپي آهي ۽ ايف ڊبليو او وارن ڪالهه کان نالن جي صفائي ۾ پنهنجن اهلڪارن کي لڳائي ڇڏيو آهي. ان سموري صورتحال کي ڏسي ڪٿي عوام کي آٿت ته آئي آهي ته هاڻ جيڪي برساتون پونديون انهن ۾ ڪراچي ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا نه ٿيندي پر اتي ئي عوام اهو به سوال اٿاري پيو ته ڪراچي جا نالا به جيڪڏهن ڪي ايم سي، ڊي ايم سي ۽ سنڌ سرڪار صاف نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ اهي ادارا آخر ڪراچي جي عوام لاءِ ڇا ٿا ڪن؟ سوال اهو اٿي ٿو ته ڪي ايم سي فنڊن جون دانهون ڪندي آهي ۽ سنڌ سرڪار پاران ڪروڙين رپيا صرف نالن جي صفائي جي نالي تي خرچ ڪرڻ جون دعوائون ڪيون ويون آهن پر هن شهر جو حشر چند منٽن جي برسات ۾ پڌرو ٿي پوندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهرن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪا مستقل ۽ اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وڃي جيئن هر دفعي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪرپشن جي ور چاڙهڻ کان بچي سگهن ۽ عوام به انهي ئي عذاب مان نجات حاصل ڪري سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *